پيار جو عالمي ڏينهن ائين چوان ته پيار کان هن مهل تائين ڪير مڙيو آهي اهو ڀل ڪو بادشاھ هجي يا ڪو مفلس غريب هن وقت تائين پيار محبت ۽ عشق کي نه ڪو قيد ڪري سگهيو آهي نه ئي هاڻي ان کي ڪو قيد ڪري سگهندو هي ته فطرت جو مظهر آهي ان کي ڪوئي به روڪي نٿو سگهي ڀل جا ڪوٽ ۽ حويلين جو ڊگهيو ڀتون هن جي آڏو هجن يا ڪي جبل يا درياء هن جي آڏو هجن انهي لاء ته سر سسئي ۾ ڀٽائي هڪ پيار ڪندڙ هڪ من ۾ اساٽ رکندڙ سسئ جي ڪيفيت ڪجھ هن ريت پيش ڪئي آهي ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نه ڏِٺو ڪڏهين؛ مَهرَ نه هئِي ماڙُهين، هو سَڀُ هندُوڪارُ؛ جَتُ ڪيائِين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون! سسئي سور تڪليفون سهندي ٿي پر هو پنهون جي ڳولها ڪندي نٿي ٿڪجي هو منزل طرف وڌندي ٿي رهي هو لڳل نيهن جي ڳولها ۾ آهي حقيقت ۾ ته پيار هڪ خوشبو آهي ۽ خوشبو کي ڪوئي به قيد نه ڪري سگهندو آهي هي ته ڪا۔ئنات جو اصل جوهر آهي ۽ هي ته ازلي رشتو آهي ۽ ابد تائين جاري رهڻو آهي پر اهي ماڻهو جيڪي سماج ۾ نفرت جو ٻج هر وقت پوکڻ لا۽ هميشه تيار بيٺا هوندا آهن انهن وسان نه گهٽايو آهي انهن هر وقت پيار ، محبت ۽ عشق کي ڦاهي ڇاڙهيو آهي انهن جي هزاره سالن جي اها ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نٿي دسگهي آهي جو هن ڌرتي تا پيار ختم ٿي وڃي۔ جيڪڏهن ائين ٿيو هجي ها ته شايد هي ڪائنات هن وقت زنده جايد نه هجي بلڪ ڪڏهن جو ختم ٿي چڪي هجي ها، انهن ماڻهن هميشه چاهيندڙن کي ته هي سماج جي ريتن رسمن جي ور چاڙهي ختم ته ڪيو آهي پر چاهت کي هن مهل تائين ختم نه ڪري سگهيا آهن ڇا اها انهن ماڻهن جي شڪست نه ٿي آهي جو هنن هر طاقت جو استعمال ڪري پيار ڪندڙن ،چاهت ۾ چور، ۽ عشق ۾ هر وقت حاضر رهندڙن جا سيس ته ڪپايا آهن پر ان احساس کي هن مهل تائين دڙڪندڙ دلين مان ختم ته ڪري سگهيا آهن سر سهڻي ۾ ڀٽائي انهن پيار ڪندڙن جي آوازانهن پيار دشمنن گروهن کي ڪجھ هن ريت ڏنو آهي سَڀَتِ پَچار پِريُنِ جِي، سَڀَتِ هوت حُضُورُ؛ مُلڪُ مِڙيو مَنصُورُ، ڪُهِي ڪُهَندين ڪيترا۔ ڀٽائي کي مان ته پيارڪندڙن جو شاعر چوندو آهيان هن جي هر سٽ ۾ هڪ ڪڙڪو هڪ دانهن هڪ الر هڪ گجگوڙ انهن ويرن تي جيڪي ٻن دلين جي راضپي کي گناھ ۽ ڪفر سمجهن ٿا آهي اڄ جڏهن 14فيبروري آهي سڄي دنيا هن ڏينهن کي پيارڪندڙن جو ڏينهن طور ملهائيندي جنهن جو مخصوص نالو ويلنٽائين ڊي آهي حالانڪ ان لفظن جي معنيٰ اها نه آهي پر هي نالو ويلنٽائين ان شخص جو آهي جهن پيار لاء پاڻ پتوڙيو هو ان دور به جڏهن اتي روم ملڪ ۾ سندس بادشاھ جي حڪم نامي موجب پيل پيار ، پسند جي شادي۽ محبت ڪرڻ تي پابندي هئي ۽ اهو ڏوھ ڪرڻ واري شخص کي سخت سزا ڏيڻ جو اعلان ٿيل هو اتي آخر ان روم جي بادشاھ جي حڪم جي نافرماني ڪئي ۽ موت جي سزاحاصل ڪئي ڪئي، ويلنٽائن لاء ٻيون به ڪجھ ڪهاڻيون آهن پر سڀن ڪهاڻين جو تت اهوئي آهي ته ويلنٽائن پيار ڪرڻ جو ڏوھ ڪيو هو۔ اهو ڏينهن عيسائي مذهب ۾ حرام نه آهي اهي باقائده عقيدت سان اهو ڏينهن ملهائن ٿا پر پاڻ وٽ اهو ڏينهن حرام آهي غير شرعي آهي هتي ڪو بحث نه آهي پر منهجي ڄاڻ مطابق پسند ڪرڻ جو حق اسلام ڏئي ٿو ۽ اظهارڪرڻ جو به۔پر پنهنجو پيارو پاڪستان مذهبي بنياد پرستي جي ور چڙهي ويو آهي. هتي جي ماڻهن جي آزادي صليب تي چڙهيل رهي آهي. هتي ماڻهن جي چپن کي تالا لڳايا ويا وڃن ٿا ۽ سندن اکين کي اهڙي پٽي ٻڌي ٿي وڃي جو هي رنگن سان ڀريل جهان ان لاء ڄڻ هڪ قيد خانو هجي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي رسم عام جام آهي هتي جي سرڪار قانون ته ٺاهيا آهن پر هتي جي جاگيردار نظام ان قانون جي راه ۾ ديوار چين جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هتي جو مسڪين هاري ان قانون جي وڪڙ ۾ جڪڙجندي پنهنجي نوجوان عورتن کي ماري غيرت کي جيدان ڏيڻ تي مجبور هوندو آهي ڇو ته سماجي تانن تنڪن کان هو بچڻ چاهيندو آهي. پاڪستان ۽ سنڌ جي سماجي ڍانچي کي بدلجڻ ۾ خبر ناهي ڪيترو وقت لڳي پر اهي طي آهي ته ان وقت تائين هتي پيار محبت جي ڏينهن ڱي ملهائڻ يقينن ڏکيايون پيش اينديون پر پنهنجو ارتقا ۾ يقين آهي اهو وقت ضرور ايندو جنهن ڏينهن سنڌ جي پرنٽ ميديا ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا ۾ غيرت جي نالي تي قتل ٿيڻ واريون خبرون پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ نه ملنديون. اچو ته هن بدبودار سماج کي بدلايو ۽ هن خوبصورت ڌرتي تي پيار محبت جا گل پوکيون جنهن سان اسان جو ايندڙ نسل ازآد فضا ۾ ساھ کڻي سگهي، ۽ اسان تي ڪا به معيار نه ڏئي، سنڌ کي ۽ پاڪستان هن وقت جيڪا اشد ضرورت آهي اها آهي مذهبي انتٿها پسندي کان نجات ۾ ۽ 14 فيبروري جهڙا ڏينهن ملهائي اسان ان مذهبي انتها پسندي جي راھ ۾ رڪاوٽ ضرور وجهي سگهون ٿا
محترم ستار هليو صاحب ڇا پيار لاءِ صرف هڪ ڏينهن مقرر هوندو آهي ۽ اهو به 14 فيبروري ؟ ادا ڇا اها مذهبي انتها پسندي آهي ؟ واضع ڪري دليل سان سمجهائيندا ته لک لائق ، سدا سلامت هجو