• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نياز جي ياد

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
جيئي سنڌ، سڀاڳي سنڌ، هي سونهاري سنڌ
جيجل سنڌ، سٻاجهي سنڌ، سرجڻهاري سنڌ
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ

هي مريادا ساڻ مهانڊي، مڻيا مرم واري
سڀ جي ڀلائي گهري سدائين، ڀلي ڀرم واري
اهڙي آرين اهڙي پارين، ڀلئون ڀلاري سنڌ

اڀرن سڀرن کي سرچائي، سڀ سان ڀال ڀلائي پئي
مهر مهابي جڳ ورسائي، پنهنجو پاڻ ملهائي پئي
پيار لکائي اهڙو جهڙي، پاڻ پياري سنڌ

جيڪي ڄميا، جيڪي ٿميا، هڪيا تڪيا سڀ
سيئي پالي، سيئي تاتي، اُڃيا بکيا سڀ
سڀ سان ساڻي، ليڪن ڌارئي، ڪارڻ ڌاري سنڌ

سنڌو ڀاڳ سڀاڳ جي، روپي سوني ريکا سنڌو
امرت اوتي گلن ڦلن جي، ڪري ٿي ورکا سنڌو
سنڌو ساگر آه ته ساگر، وانگ سگهاري سنڌ

جيئي سنڌ، سڀاڳي سنڌ، هي سونهاري سنڌ
جيجل سنڌ، سٻاجهي سنڌ، سرجڻهاري سنڌ
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
 
Back
Top