• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي مرڪزي عهديدارن جي چونڊ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) جي مرڪزي عهديدارن جي چونڊ اڄ سِگا جي مرڪزي آفيس رمپا پلازا ۾ اليڪشن ڪمشنر واحد بخش ڀٽو جي نگراني ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو، سيڪريٽري جنرل منظور حسين اڄڻ، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل شمس الدين ساريو، سيڪريٽري ماليات محمد اسماعيل پنهور، سيڪريٽري اطلاعات تاج محمد وساڻ، سيڪريٽري تعليم جاويد احمد انڙ، سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهيو، سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي ۽ سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ ريشمان ڀٽي سال 18-2016ع جي لاءِ عهديدار چونڊيا ويا. مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ڪوآپٽيڊ ميمبرن جي چونڊ به ٿي جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، علي حسين بروهي، غلام حسين بلوچ، بخش علي لاکو ۽ حميده خاصخيلي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر چونڊيا ويا.
ان کان اڳ 26 ڊسمبر تي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن لاء اليڪشن هالا ۾ ٿي هئي جنهن ۾ مٿين عهديدارن سان گڏ نور محمد سيال، ولي محمد روشن، الطاف حسين ڳورڙ، خالد چنا، ارباب خالد محمود، سريش ڪمار واڌواڻي، خادم ڪانڌڙو، تاج محمد بلوچ، عبد اللطيف ڪرٽيو، صنم ناز جوڻيجو ميمبر چونڊيا ويا هئا.
 
Back
Top