• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساهه مُٺ ۾ : ماڻڪ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

24042587442_81f447d22b_o.jpg



نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ليکڪ ماڻڪ جو مشهور ناول ”ساهه مُٺ ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ناول پهريان هندستان ۾ ڇپيو هو.

ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ شروع ۾ هتي نه ڇپجي سگهيو، ڪير ڇپائڻ لاءِ تيار ئي نه هو! اهو ڪتاب وڃي هندستان مان ڇپيو. ان واقعي تي موهن ڪلپنا لکيو، ”پاڪستان هڪ طاقتور ملڪ آهي. پر ان ملڪ کي ايڏي طاقت ڪونهي جو هن ڪتاب جي ڌماڪي جو زور سهي سگهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب پاڪستان ۾ ڇپجي نٿو سگهي ۽ هاڻ هندستان ۾ ڇپيو آهي.“

ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.

* سنڌين کي مسلمان بنائڻ جي سازش آهي ۽ هر اهو سنڌي مسلمان آهي، جو پهريون پاڪستاني، پوءِ سنڌي آهي! سنڌي وڏيرن اهو اصول مڃي ڇڏيو آهي. ذوالفقار ڀٽو به، پر پس پيش جو سنڌي آهي ڦاسي کائي ٿو. هڪ رٿائتي ڪوشش ته سنڌين کي غير سنڌي بڻايو وڃي.

* حراس، خوف، گهٻراهٽ ! زال جا ڪپڙا لاهڻ کان پوءِ ٿڌو ٿيو وڃي ۽ ننڊ جون گوريون وٺي.

* سامهون واري گهر ۾ پوليس آئي. ڇوڪرو نه ملين. صوبيدار گاريون ڏيندي چين ته جي ڇوڪرو ٿاڻي تي پيش نه ڪيو ته سڀ رنو ن ٿاڻي تي گهلي وينداسين.

* اسان سنڌين جي ڪمزوري آهي پٺتي هٽندي خاموشي اختيار ڪرڻ. هڪ قومي خصلت، درويشائي.

* هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هندستان جي مسلمانن جون بنيادي وفاداريون، ڌرتيءَ کان وڌيڪ، ٻاهرين حملي ڪندڙ فاتح حاڪمن سان وڌيڪ رهيون آهن. منهنجو مطلب آهي افغانن، ترڪن، مغلن، ايرانين يا عربن سان نه رڳو اهو پر هو، انهي تي پاڻ پڏائين به ٿا!


 
هن ڪتاب جي ڪافي وقت کان ڳولا هُئي. ماڻڪ ٿورو لکيو پر منفرد انداز سان لکيو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ جيئن پوءِ تيئن بهترين ڪتابن جو اضافو ٿي رهيو آهي
 
سائين ڪافي ڏينهن کانپوءِ ملاقات ٿي آهي ان لاءِ معذرت، ڪجهه آفيس جون ذميواريون ته ڪجهه منهنجي به سستائي.
سائين عرض آهي ته جيڪر ڪتاب اڇان ڪمپوز نه ٿيو آهي ته 40 يا50 پيج ڪمپوز ۾ مدد ڪريون. ٿورو ڏينهن لڳندا انشاءِ الله ڪم پنهنجو سمجهي پورو ڪبو.
 
سائين ڪافي ڏينهن کانپوءِ ملاقات ٿي آهي ان لاءِ معذرت، ڪجهه آفيس جون ذميواريون ته ڪجهه منهنجي به سستائي.
سائين عرض آهي ته جيڪر ڪتاب اڇان ڪمپوز نه ٿيو آهي ته 40 يا50 پيج ڪمپوز ۾ مدد ڪريون. ٿورو ڏينهن لڳندا انشاءِ الله ڪم پنهنجو سمجهي پورو ڪبو.

ڀليڪار ...

ادا ڪمپوزنگ ڪونه ڪري سگهيا آهيون. اوهان شروعات ڪيو ته قرب ٿيندا.
 
حاضر بلڪل خوشي سان
بس سائين ٿوري توهان جي مدد جي ضرورت آهي ڪتاب ڊائوان لوڊ ڪري ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪجي يا توهان الگ مواد ميل ڪندو. بس ٿورو ڪليئر ڪجو. مهرباني ٿيندي.
 
حاضر بلڪل خوشي سان
بس سائين ٿوري توهان جي مدد جي ضرورت آهي ڪتاب ڊائوان لوڊ ڪري ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪجي يا توهان الگ مواد ميل ڪندو. بس ٿورو ڪليئر ڪجو. مهرباني ٿيندي.

ادا اوهان هتان ڊائنلوڊ ڪري ڪمپوزنگ شروع ڪيو.
 
Back
Top