• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي تبصرو ¿ محمد خان سيال / 04 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
*ن ليگ غريبن جو خون چوسڻ واريون پاليسيون هلائي رهي آهي: بلاول (خبر)
** ......۽ آصف زرداري وري سنڌ کي لُٽڻ واريون پاليسيون هلائي رهيو آهي (تبصرو)

* قائم علي شاهه ڪور ڪمانڊر جي پٽ جي شاديءَ لاءِ لاهور پهچي ويو(خبر)
** 94 ورهين جي ڄمار ۾ ڀلا ٻيو ڪهڙو ڪم پڄندس؟(تبصرو)

* اسلام آباد ۾ زلزلي جا جھٽڪا (خبر)
** ....چئبو ته وزيراعظم نواز شريف به مفت ۾ جھولو کاڌو(تبصرو)

*خيرپور جي اسپتال ۾ وينٽيليٽرن جي کوٽ(خبر)
** ائين نه ڪريو پيارا، سڀاڻي قائم علي شاهه کي به ضرورت پئجي سگھي ٿي(تبصرو)

* دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين رينجرز ڪراچيءَ ۾ رهندي: وڏو وزير (خبر)
** ........پر اختيارن کانسواِءِ (تبصرو)

* زرداريءَ تي ڪو مقدمو ڪونهي، هو پاڪستان ايندو: قائم علي شاه (خبر)
** ها، پاڪستان ضرور ايندو پر شايد خوابن ۾ (تبصرو)

* وڏي وزير کي هٽائڻ واري ڳالهه ۾ سچائي ڪانهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
**اها ته سڀني کي خبرآهي ته همراهه منجو ڪونه ڇڏيندو جيستائين......!!( تبصرو)

* سنڌ جون اسپتالون ويسڪيولر سرجري کان محروم (خبر)
** هجي سنڌ ۾ ڪو قانون ته ڪنهن کي دانهن ڏجي (تبصرو)

* لئنسڊائون پل جي سوراخ ۾ غريب ٻارڙو ڪري فوت (خبر)
** هجي ها ڪنهن وزير ۽ اسيمبلي ميمبر جو ٻار ته آسمان مٿي تي کڻي ڏين ها (تبصرو)
 
Back
Top