پاڪستان ۾ داعش لاءِ ڪم ڪندڙن جو انگ 100 کان مٿي ناهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2016۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    [​IMG]

    پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پاڪستان مان داعش ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ويندڙن جو انگ 100 کان وڌيڪ ناهي ۽ جيڪڏهن آهن به ته انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته داعش پاڪستان ۾ موجود آهي،جيڪڏهن خورشيد شاهه وٽ داعش ۾ ڀرتي جي فهرست آهي ته حڪومت کي پيش ڪري.ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سيڪيورٽي ادارا وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن،الزام هڻڻ سُٺي ڳالهه ناهي،مخالف ڌر جي اڳواڻ وٽ جيڪڏهن داعش بابت ڪي ثبوت يا فهرست آهي ته حڪومت کي پيش ڪري،داعش ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان ماڻهو وڃن پيا جيڪڏهن پاڪستان مان وڃن ٿا ته ان تي اهو چوڻ غلط آهي ته پاڪستان ۾ داعش موجود آهي.پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پاڪستان مان جيڪي ماڻهو داعش ۾ مشامل ٿيڻ لاءِ ويا آهن انهن جو انگ 100 کان مٿي ناهي، پنجاب مان جيڪي داعش لاءِ ڪم ڪندڙ دهشتگرد پڪڙيا ويا آهن اهي ماضي ۾ پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ ڪم ڪري چڪا آهن.
    وڌيڪ خبرن لا، وزٽ ڪندا رهو آن لائين انڊس نيوز
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو