صحبتي ڪچهري: ڦٽل رستا، تنگ گليون :خدابخش جويو

'مختلف موضوع' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2016۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    صحبتي ڪچهري

    ڦٽل رستا، تنگ گليون

    خدابخش جويو


    “صحبتي ڪچهري” ۾ سڀني دوستن کي مستقبل جي گوادر جي دلفريب ۽ آرائشي ڪهاڻي ٻڌڻ جي حد تائين ته وڻندڙ ۽ دل کي موهيندڙ لڳي ۽ ڪجهه دوستن جا اهي ڪمينٽس به هئا ته جتي اقتدار ۾ رهندڙ سياسي قياد تن ۾“ ايماندار” ۽ “منصف” هجڻ جو فقدان هجي . اتي ايڏو وڏو منصوبو خير اصلوبيءَ سان پايه تڪميل تائين پهچي سو هڪ وڏو معجزو هوندو.

    حقيقت به اها آهي جيڪو پريشان ڪن پهلو آهي.گوادر جي وڌندڙ اهميت جي ڪري هاڻ ،ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بنجي ويو آهي ۽ فراڊين ۽ ڌوکيبازن ۽ جعلي ۽ ٻه نمبر رهائشي اسڪيمن ۽ ٻين ڪالونين جي آڙ ۾، ماڻهن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ڇو ته پاڪستان جي ٻين علائقن ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي گوادر جي اصل صورتحال جي خبر ناهي. ان ڪري انهن فراڊين ۽ ٻه نمبر ين جي دلفريب اشتهارن جي ڪري ان ڄار ۾ ڦاسي سڄي ڄمار جي جمع ڪيل ڪمائي کان محروم ٿي رهيا آهن. هونئن به گوادر ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ سيوريج جي نظام جي عدم دستيابي ۽ ٻين عمارتي سامان جي عدم موجودگيءَ جي ڪري نه صرف پرائيويٽ سيڪٽر پر سرڪاري سيڪٽر ۾ به خاص ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. سواءِ سي پورٽ ۽ چند عمارتن جي.، جن ۾ پرل ڪانٽينيٽل ۽ ٻين منصوبن جي، جن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. جڏهن ته موجوده گوادر شهر ۾ ڦٽل رستا، تنگ گهٽيون ۽ بازارن ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن.

    مستقل ۾ بين الاقوامي شهر ۽ فري ٽيڪس زون جي اعلان ٿيڻ سان ئي ملڪ ڀر جا سرمائيدار ۽ دولتمند، کربين روپيا کڻي هن شهر ۾ پهچي ويا ۽ زمينون خريد ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي من گهريا پئسا ڏئي رهيا آهن. جنهن جي ڪري ٻه سئو روپين ۾ ڪرائي تي ملندڙ دوڪان ،هاڻ ٽيهه هزار روپين تائين ٿي ويا آهن. هڪ ايڪڙ زمين جيڪا ٽيهه هزار روپين ۾ ملندي هئي ان جو ريٽ ٽن ڪروڙ روپين تائين پهچي ويو آهي. گوادر جو عام شهري، جيڪو چند ايڪڙن جو مالڪ هو، سو ڏسندي، ڏسندي ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بنجي ويو آهي. هاڻ شهر ۾ هلندڙ بيشمار چمڪيلين ۽ قيمتي گاڏين جي ڀرمار ٿي وئي آهي. جنهن جي ڪري ننڍا ۽ تنگ رستا وڌيڪ سڪڙجي ويا آهن. گوادر شهر جي تقريبن تمام بيروزگار ماڻهن پراپرٽي ڊيلرن جا دوڪان کولي ورتا آهن. جڏهن ته ٻين شهرن کان آيل ماڻهن پراپرٽي کي منافي بخش ڪاروبار سمجهندي وڏا وڏا ادارا قائم ڪيا آهن. شهر جي ابتر حالت کي بهتر بنائڻ ۽ منظم ڪرڻ لاءِ حڪومت 2003 ۾ گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نالي سان ادارو ٺاهيو، جنهن جو قانون بلوچستان اسيمبلي منظور ڪيو، پر هن مهل تائين شهر جي حالت سڌارڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.

    1895ع ۾ پاڪستان پيپلز پارتي جي حڪومتي دور ۾ گوادر جي زمين جي وڪري ڪرڻ جو اشو منظر عام تي آيو هو. جنهن تي اپوزيشن وڏو اعتراض واريو هو. ۽ حڪمرانن پهريان ان ڳالهه کان انڪار ڪيو هو ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي ، گوادر جي زمين ڪنهن کي به وڪرو ڪري نه ڏني وئي آهي. ايوان ۾ پي پي حڪومت تي اپوزيشن جو الزام هو ته هنن اومان جي بادشاهه سلطان قابوس کي، گوادر ۾ ٽي سئو ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڏني آهي. اهڙي ڳالهه سڄي ملڪ جي ماڻهن کي حيران ڪري وڌو هو.

    18 جنوري 1995ع جو ڏينهن هو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چونڊيل صدر فاروق احمد لغاري، بلوچستان ۾ سبي ميلي جي افتتاح ۽ ڪوئيٽا ۾ مڪاني ادارن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن پهريون دفعو اپوزيشن طرفان لڳايل گوادر جي زمين جي وڪري واري الزام جي جواب ۾ چيو ته “گوادر ۾ هڪ سئو ايڪڙ زمين اومان کي عطيي طور ڏني وئي آهي”.

    ساڳي ڏينهن اسلام آباد ۾ جاري قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ گوار جي زمين وڪري واري معاملي تي حڪومتي ڌر تي اپوزيشن ميمبرن طرفان الز م تراشيون ۽ حڪومتي ڌر طرفان ترديدن مٿان ترديدون ٿي رهيون هنيون . ان گرما گرم بحث دوران اهو هڪ حيرت انگيز لمحو آيو جڏهن وزير اعظم محترمه بينظير جي والده بيگم نصرت ڀٽو ايوان ۾ اقرار ڪيو ته گوادر جي زمين وڪرو ڪري ڏني وئي آهي ۽ چيو ته اومان جي بادشاهه سلطان قابوس کي گوادر ۾ ٽي سئو ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڏني وئي آهي. بيگم نصرت ڀٽو جي ان بيان ، اجلاس ۾ ويٺل سرڪاري ڌر جي وزيرن، ميمبرن کي ششدر ڪري ڇڏيو. هو سندس ويجهو ويا ۽ سندس ڪنن ۾ سس پسس ڪيائون ،ان بعد بيگم نصرت ڀٽو چيو ته گوادر جي زمين وڪرو نه پر ليز تي ڏني وئي آهي.

    ان وقت هڪ طرف گوادر جي دفاعي اسٽريٽجڪ اهميت جو تعلق هو، ٻئي طرف افواه به عام جام هئا ته 1997ع ۾ هانگ ڪانگ چين جي حوالي ٿيڻ وارو آهي ۽ ان کان اڳ ۾ ڪراچيءَ کي هانگ ڪانگ جو متبادل ڦري پورٽ بنائڻ جون خبرون هنيون. شايد هٿياربند تڪرارن ۽ مستقل وڳوڙن اهڙي خدشي جا بنياد ختم ڪري ڇڏيا هئا. ۽ ان بعد گوادر کي هانگ هانگ جي نعمل بدل ڦري پورٽ بنائڻ جو تصور اڀريو. (روزانه شام 24 جون 2015)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو