الطاف اوڳاهي
سينيئر رڪن
شيخ نمرباقر النمر ڪير هو؟
سعودي عرب ۾ جن 47 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي انهن ۾ شيعا عالم شيخ نمر النمر به شامل هو،شيخ نمر سعودي عرب جي اوڀر واري صوبي قطيف جي هڪ ڳوٺ ۾ سال 1959ع يا 1960ع پيدا ٿيو ۽ پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين ايران جي راڄڌاني واري شهر تهران ۽ شام ۾ تعليم هيٺ پڻ رهيو،شيخ النمر جي سعودي عرب ڏانهن 1994ع ۾ واپسي ٿي هئي،جنهن کان پوءِ هو جلد ئي مذهبي آزاديءَ جي حوالي سان پنهنجن خيالن جي ڪري سعودي جي ڳجهن ادارن جي نظر ۾ اچي ويو،الجزيرا جي مطابق شيخ النمر 2012ع ۾ پنهنجي گرفتاري کان اڳ ۾ به ٻه ڀيرا ڪجهه ڏينهن جي لاءِ سال 2004ع ۽ 2006ع ۾ حراست هيٺ ورتو ويو هئو.
سال 2012ع کان اڳ شيخ النمر جي مقبوليت ۾ چڱو خاصو اضافو ٿي ويو هو،۽ هو سعودي عرب ۾ قومي سطح تي اڳواڻ بڻجي چڪو هو،قطيف ۾ پنهنجي گرفتاري کان پهرين جڏهن هو ڪار ۾ وڃي رهيو هو ان جو پيڇو ڪندڙن سندس گاڏيءَ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران سندس ڄنگهه ۾ 4 گوليون پڻ لڳيون، ان کان ٽن ڏينهن ۾ سعودي عرب جي اوڀر واري علائقن ۾ شديد مظاهرا ٿيا.جن ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا.
شيخ النمر سعودي عرب جي صوبي قطيف ۾ سعودي حڪومت خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۾ اڳيان اڳيان رهيو ۽ چيو وڃي ٿو ته سعودي کان علاوه بحرين ۾ پڻ شيعا نوجوانن ۾ تمام گهڻو مقبول هو،بحرين ۾ جڏهن حڪومت مخالف مظاهرن ۾ شدت آئي ته اتي سعودي عرب جي فوجين کي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو ويو هو ،گذريل ڏهاڪي دوران شيخ النمر کي ڪيترائي ڀيرا سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيو ويو هو،۽ ان جو چوڻ هو ته حراست دوران ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کيس تشدد جو نشانو بڻايو هو،
سعودي اختيارين شيخ النمر جي خاندان کي سال 2014ع ۾ ٻڌايو ويو هو ته شيخ النمر کي ٻين ڏوهن کان علاوه سعودي مملڪت جي معاملن ۾ اندروني مداخلت جي ڪوشش ڪرڻ موت جي سزا ڏني ويندي،شيخ النمر پنهنجي مٿان لڳندڙ سياسي الزامن کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو،جڏهن ته سبندس حامي هميشه کان چوندا آيا آهن ته شيخ النمر ڪڏهن به تشدد کي هٿي ناهي ڏني،بلڪه هميشه پرامن احتجاج جي حمايت ڪئي، سال 2011ع ۾ بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي شيخ النمر جو چوڻ هو ته هو هٿيارن جي بجاءِ حڪمرانن جي خلاف عوامي طاقت جو حامي آهي، ڇو ته لفّظ هٿيار جي گولي کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي، ۽ حڪمرانن هٿيارن جي ويڙهه سان مالي مفاد حاصل ڪندا آهن، جڏهن مارچ 2013ع ۾ سندس خلاف ڪيس جي ڪاررائي شروع ٿي ته استغاثه جو مطالبو هو ته کيس ’’مصلوب‘‘ ڪيو وڃي ،ياد رهي ته سعودي عرب ۾ سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جا سر قلم ڪرڻ کان پوءِ ان جي لاشن کي عومي هنڌن تي لٽڪائڻ جي پڻ روايت ملي ٿي، ڪيس جي ڪارروائي دوران انساني حقن جي ڪيترن ئي تنظيمن احتجاج ڪيو هو ته عدالت ۾ شيخ النمر کي پنهنجو دفاع لاءِ آزادي نه ڏني وئي،تنظيمن جو چوڻ هو ته گرفتاري کان پوءِ به شيخ النمر کي طبعي امداد جون سهولتون به فراهم نه ڪيون ويون هيون، جڏهن ته برطانوي اخبار گاريجن جو چوڻ هو ته سال 2012ع ۾ ان جي گهرواري مونا جبر الشيرياني نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي ته ان جي لاءِ عوامي همدرديءَ ۾ به اِضافو ٿي ويو هو،
وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته سال 2008ع ۾ شيخ النمر آمريڪي اختيارين سان به ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ کيس آمريڪا جو مخالف نه سمجهيو وڃي ۽ نه ئي کيس ايران جو حامي سمجهيو وڃي.
روزاني سوڀ اخبار تان ورتل 05 جنوري 2016ع