سنڌ سان پيا ر جو عڪس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌ سان پيار ڪندڙ هر ماڻهو مهان آ اهو عزتن لائق آ ان سان سو اختلافن جي باوجود به نينهن نسبتي آ ان کي پيار ڏيڻ اسان جو گڻ آ اسان جو اتساه آ سنڌ لاءِ هڪ قدم اڳتي هلندڙ به اسان لاءِ وڏي قدر جو مالڪ آ .....ڪجه دوست مذهب کي، مذهب ۾ مسلماني کي سنڌي قوم پرستي ۾ رڪاوٽ سمجهڻ جي اوت ۾ هليا ويندا آهن جڏهن ته مذهب اسلام قبيلن، قومن جي۽ وطن جي ڳاله ڪئي آ وطن جي حب ايمان جو جز چيو ويو آ اهڙي مذهب کي نه سمجهڻ وارا منجهي پوندا آهن جڏهن ته اهو ايمان ۾ ڪامل آهي ئي نه جنهن کي وطن سان ڌرتي سان انس ،پيار محبت عشق رواداري رغبت رجهان سڪ ساڻيه اخوت نه آهي سو هي صاف بيان ۽ پيغام اسلام سمجهڻ کان پو جيڪو ان وصف کان ونجهيل آ اهو پورو مسلمان نه آهي مسلمان هڪ سلا،متي ڏيڻ وارو فرد ۽ اسلام سلامتي وارو مذهب آهي .
    سنڌ هڪ وطن آ هڪ ديس آ هڪ ملڪ آ هڪ جاگرافي آ هڪ جهان آ هڪ مڪان آ جنهن ۾ سنڌ سان پيار ڪندڙن جو نه کٽندڙ سلسلو آ ...۽ سنڌ وطن سان پيار ڪندڙ سنڌي جهڙو ڪو دنيا ۾ مثال به ڳوليو نه ٿو لڀي ....واه ههڙي سنڌي سان گڏ ڪجه منافق ۽ ڌاري سوچ رکندڙ دڪيانوسي سوچ وارا نامراد نا سمجه غدار به آهن جيڪي پنهنجو لڪل تعلق ۾ سدائين گمراه ڪندڙ دڳ ڏيندا ڀلائيندا رهيا آهن
    سنڌ کي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻل جي ضرورت آهي نه ڪي ڪنهن غير ملڪ جي غندن سان اليڪ سليڪ ڪري پنهنجي وطن کي ڇيهو رسائڻ جي ضرورت آهي .
    ڪجه دوست مسلماني کان ڪيٻائيندي غلت فهمي ۾ هوندا آهن ته شايد هن ملڪ سنڌ ۾ هندو ئي اصل سنڌي آهن نه سنڌي هڪ قوم آ جنهن ۾ ڪيئي مذهب اچي وڃن ٿا ۽ هندو هڪ مذهب آ جنهن جا پولڳ ڪجه صدين کان هندو ڌرم جا آهن جيڪي ان کان اڳ ۾ ڪنهن ٻي مذهب ۾ هيا سو مذهبن جي ارتقا آدم عليه اسلام کا ن آقا نبي صلعم تائين هلي جنهن کي محمد عربي جي آخري نبوت چئي ختم نبوت ڪئي وئي ۽ دين کي تڪميل ڪيو ويو دنيا ۾ هي ملڪن جون سرحدو عبور ڪندي پنهنجي پذيرائي ڪئي خالص اسلام هڪ فترتي مذهب آهي جيڪو انسان کي عظمتن جي افق تي پڄائي ٿو جنهن م پوري بني نوع انسان لاءِ پروگرام آهي خالص انسان جي ڀلائي پوشيده آهي ...پر سنڌي هڪ قوم آهي ان ۾ مذهب ڪيترا ٿي سگهن ٿا مذهبن جي ضرورت هڪ آ قومن جي گهرج ٻي آ قومن کي هڪ جاگرافي هڪ ڌرتي هڪ ٻولي هڪ تهذيب تمدن جي ضرورت هوندي آهي مذهب ان کان آجا هوندا آهن ...مذهب ۾ امت جو تصور آهي پو اها امت عربي به ٿي سگهي ٿي سنڌي به ٿي سگهي ٿي رشين به ٿي سگهي ٿي آمريڪن به ٿي سگهي ٿي ...پر قوم کي هڪ مخصوص رواج هوندو آهي مخصوص ٻولي هوندي آهي مخصوص تمدن هوندو آهي ...سو ٻنهي کي ملائي نه ٿو سگهجي نه ڪي ٻنهي ۾ ڪو تضاد آهي هر هڪ جو پنهنجو دائرو آهي گهرج آهي ...پورڻ جهورڻ شادي غمي عيد براد هي مذهبي ضرورت آهي
    قومي ڪرت وري ٻي شڪل آ جنهن ۾ ملڪي سالميت ملڪي بقا سرحدن جي مالڪي ۽ حفاظت ٻولي جي واڌ ويجه تهذيب تمدن جو ورجاءُ ڪرڻ ...۽ ٻيون کوڙ خصلتون عادتون رواج ضرورتون آهن ..
    سو دوستن کي عرض گذارش ته هڪ سنڌي مسلمان به آهي ته هڪ سنڌي قوم جو فرد به آهي ...ان کي ٻنهي روپن ۾ پنهنجو ڪردار ڪرڻو آهي .......اميد ته ڳاله سمجه ۾ اچي وئي هوندي مهرباني
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 جنوري 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو