خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / 06 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* مذهب جي نالي تي اقتدار تي قبضو ٿيڻ ڪونه ڏبو: زرداري (خبر)
** ..باقي ڪرپشن جي نالي ۾ سنڌ تي قبضو ٿئي ته قبول آ (تبصرو)

* سنڌ سرڪار، زڪوات پاڻ وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو (خبر)
** ابول.....هاڻ زڪوات جا سمورا پيسا به چٽ ٿي ويندا (تبصرو)

* ٿر ۾ گل ڪومائجڻ جو سلسلو جاري، 3 وڌيڪ ٻارڙا فوت (خبر)
** قائم عليشاهه سرڪار جو معصوم گلڙن جي مرڻ سان ڇا؟ (تبصرو)

* ڪالاباغ ڊيم حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آهي: نوازشريف سرڪار (خبر)
** ڪنهن سچ چيو آهي: نانگ پنهنجي فطرت ڇڏيندو ناهي (تبصرو)

* بجليءَ جي بلن تي عوام کان 6 ٽيڪس وٺڻ جو انڪشاف (خبر)
** نواز شريف سرڪار به زرداريءَ وانگيان عوام جو خون چوسي ٿي (تبصرو)

* آصف زرداريءَ کي ڪمائي ڏيڻ لاءِ زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي (خبر)
** 94 ورهين جي نوجوان وڏي وزير کي به ته نوڪري پڪي ڪرڻي آهي (تبصرو)

* ماحولياتي تبديلين سبب ڪراچي ٻڏڻ جو خطرو (خبر)
** ڳڻتي نه ڪريو، قائم علي شاهه بيان بازيءَ ذريعي مسئلو حل ڪندو (تبصرو)
 
Back
Top