عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
فطرت جي حسين ديوي
ڪويتا جو ڪاج آھي
ھيرن موتين جو
مليو ھن کي ڏاج آھي!
ھر دل تي راڄ ٿي ڪري
ھر ڪوئي ھن کي ڏسي
پيو ٺري
ڪيتري سندر ٿي لڳي
پنھنجي ديس ۾
سنڌي ويس ۾
نکريل ڪليء جيان
ڪنوار جي روپ ۾
شفق جي ڌوپ ۾
مينڌيء جي خوشبوء
ماحول مھڪائي رکيو
آھي
حورون ۽ پريون
پوپٽ ۽ ڀونڀريون
سڀئي سندس ڄاڃي آھن!
چئوطرف رڳو مسڪراھٽن
جي برسات آھي
چاھتن جي سوغات آھي
وڻندڙ جھريون
دلڪش ٺمريون
ستارن ھن جي
سيج ڪلھن تي کنئي آھي
ھوء ڏات جي
اڀ تي اڏامي رھي آھي
ھوء مسڪرائي پئي
من جي کنڊرات ۾
چانڊوڪي کڙي پئي آھي
فطرت جي حسين ديوي
ڪويتا جو ڪاج آھي
ھيرن موتين جو
مليو ھن کي ڏاج آھي!
ڪويتا جو ڪاج آھي
ھيرن موتين جو
مليو ھن کي ڏاج آھي!
ھر دل تي راڄ ٿي ڪري
ھر ڪوئي ھن کي ڏسي
پيو ٺري
ڪيتري سندر ٿي لڳي
پنھنجي ديس ۾
سنڌي ويس ۾
نکريل ڪليء جيان
ڪنوار جي روپ ۾
شفق جي ڌوپ ۾
مينڌيء جي خوشبوء
ماحول مھڪائي رکيو
آھي
حورون ۽ پريون
پوپٽ ۽ ڀونڀريون
سڀئي سندس ڄاڃي آھن!
چئوطرف رڳو مسڪراھٽن
جي برسات آھي
چاھتن جي سوغات آھي
وڻندڙ جھريون
دلڪش ٺمريون
ستارن ھن جي
سيج ڪلھن تي کنئي آھي
ھوء ڏات جي
اڀ تي اڏامي رھي آھي
ھوء مسڪرائي پئي
من جي کنڊرات ۾
چانڊوڪي کڙي پئي آھي
فطرت جي حسين ديوي
ڪويتا جو ڪاج آھي
ھيرن موتين جو
مليو ھن کي ڏاج آھي!