وڙهن سانهن پٽجن ٻوڙا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2016۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي
    ” وڙهن سانهن پٽجن ٻوڙا“
    مطلب جڏهن ڪي طاقتور قومون يا ماڻهون پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته مرندا مسڪين ۽ ڪمزور ئي آهن ...
    اڄڪلهه ايران ۽ عرب جو جهيڙو شروع ٿيڻ تي آهي، لفاظي طور تي گارگند ۽ سياسي طور تي هڪ ٻئي جي خلاف ڪات اڀا ٿيل آهن ... ۽ ممڪن هڪٻئي جي خلاف جنگ جو سايو به ٿي پوين ....
    آءُ پنهنجن سنڌي ڀائرن کي عرض ڪندو هلان ته فارس ۽ عرب جو جهيڙو اسلام کان گهڻو اڳ جو آهي ... اهي ٻئي قومون هڪٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ اسلام کان گهڻو اڳ وڙهنديون رهيون آهن پوءِ ڪڏهن هي زور ته ڪڏهن هو ...
    ... اڄ وري ساڳيون قومون مذهبي انتهاپسنديءَ جي چوگي ۾ (شيعا سني) رنگ ۾ رنگجي اها ئي پراڻي ويڙهه وڙهي رهيا آهن ...

    اسين لطيف جا پيروڪار ته ائين چونداسين ته ڪاش اها ويڙه نه ٿئي ڪئي گهر تباه ٿيندا. ڪيترائي خون ٿيندا ۽ الائجي ڪيترين نعمتن جو نقصان ٿيندو ... پر چوندا آهن ته ” ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾“

    آءُ صرف سنڌي دوستن کي عرض ڪندس ته مذهبي انتهاپسندي هڪ خطرناڪ ۽ انسان دشمن رويو آهي انکان اسانکي پاڻ بچائڻو آهي ... ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ۽ روحل جي هيءَ سمجهاڻي پنهنجي ذهن ۾ رکندا.

    هڪ هندو ٻيا مسلمان ٽيون وچ وڌائون وير
    انڌن، اونده نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
    روحل راه پرينءَ جي، جي گهڙي ڏٺوسين گهير،
    رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير.

    (بيت ۾ ڪٿي لفظي غلطي هجي ته معاف)

    اميد ته سنڌ مذهبي انتهاپسنديءَ کان بچي ويندي ... ۽ سنڌي ڀائر آهن ۽ ڀائر ئي رهندا .... اسانجو خون سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جو ٺهيل آهي نه ڪي فارس يا عرب جي ڪنهن نديءَ مان ....
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو

    سائين نثار بلڪل سهي ٿا چئو اسانجو خون سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جو ٺهيل آهي .
    پر جڏهن ڳالهه مذهبي انتهاپسندي جي اچي ٿي ته .اِها هي حالت اسان جي سنڌين ۾ به گهڻي هوندي آهي .
    ان ڪا بچڻ جي اسان کي صوفي سڳورا تصوف جي تعليم ڏئي ويا آهن.

    صرف انسانيت کي ئي اهميت ڏني وڄي هر مذهب پنهنجي پنهجي جاءِ تي سهي آهن . هر ڌرم هت انسانيت جي ڀلائي جي لاهي آيا . بس اسان ان کي فتني فساد جو روپ ڏئي هڪ ٻئي جي پويان لڳي ويا آهيون .۽ اسان ماڻهون جي اکين اڳيان اهڙي ڪاري پٽي ٻڌي ڇڏي آهي جنهن مان صرف انڌن جي اُنڌهه ئي ڏسڻ ۾ پئي اچي

    تنهن تي روحل فقير سهي چيو آهي ،



    هڪ هندو ٻيو مسلمان ٽيو وچ وڌائون وير
    انڌن، اونده نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
    روحل راه پرينءَ جي، گهمي ڏٺوسين گهير،
    رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڪو ڦير،
    سا ڪيڏا ڪندي پير، جيڪا سوتي ڪعبت الله ۾


    .۽ منهنجو هي مقصد ناهي ته ڪنهن جي دل آزاري ٿئي اگر ڪنهن کي هي لفظ نه پسند آيا هجن ته معاف ڪندا سا سچ آهي.



     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل صحيح ..... پر اسلامي ملڪن ۾ انڌير به ته نه هجڻ گهرجي .... سعودي حڪومت جي خلاف آواز اٿارڻ اسلام جي خلاف آواز اٿارڻ ناهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    مونکي انهن عالمن جي ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي جيڪي سعودي تي حملو حرم تي حملوٿا سمجھن جڏھن ت حجاز تي قبضو ڪري انھي جو نالو بدلاڻ وارن کي خادم حرمشريفين جو لقب ٿاڏين جڏھن ت امام حسين يزيد جي بيعت ن ڪي ت چون ٿا ت امام نعوذبللا غلط ھو ۽جيڪي عيساعي فوجون وٺي حجاز شريف تي قابض ٿيا وقت جي خليفي سان بغاوت ڪيايون اھي سڳورا اھن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سنڌي ٻين جا جھڙا پنھنجي ڳيچي ۾ وجھڻ جا وڏا ماھر استاد آھن.
     
  6. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    نثارابڙو صاحب سچ ٿا چئو۰ چون ٿا ته هندوستاني (مسلمانن) جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ خيرپور ۾ سني ۽ شيعا هڪ مسجد ۾ هڪ امام جي پويان پنهنجي پنهنجي طريقي موجب نماز پڙهندا هئا۰ تاريخ شاهد آهي ته هندو مسلم فسادن ڀيري به سنڌ پر امن رهي۰ شيعا سني جهيڙو حقيقت ۾ شيعا وھابي جهيڙو آهي۰ ٻنهي ڌرين کي التجا آهي ته اچو ته سنڌ کي امن جو گهر بڻايون۰ مان نثارابڙو صاحب جي راء سان مڪمل طور متفق آهيان ته سنڌ ۾ شيعا سني جهيڙي کئون بچجي پر ڪنهن به فساد کي سنڌ ۾ گهڙڻ نه ڏجي۰
     
  7. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    سليمان وساڻ بلڪل صحيح آهي سعودي حڪومت جي مخالفت اسلام جي مخالفت ناهي۰ پر حقيقت اها آهي ته ٻي مهاڀاري جنگ کئون پوء انهئ جنگ ۾ حاوي ٿيندڙ مغربي اسلام دشمن ملڪن سعود گهراڻي کي حڪومت ڏني ئي سندن پنهنجن مقصدن پوري ڪرڻ لاء هئي تنهنڪري سعود گهراڻي جو حڪومت ۾ هجڻ بذات خود قسچن ايبل آهي۰
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو