نثارابڙو
نائب منتظم

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي
” وڙهن سانهن پٽجن ٻوڙا“
مطلب جڏهن ڪي طاقتور قومون يا ماڻهون پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته مرندا مسڪين ۽ ڪمزور ئي آهن ...
اڄڪلهه ايران ۽ عرب جو جهيڙو شروع ٿيڻ تي آهي، لفاظي طور تي گارگند ۽ سياسي طور تي هڪ ٻئي جي خلاف ڪات اڀا ٿيل آهن ... ۽ ممڪن هڪٻئي جي خلاف جنگ جو سايو به ٿي پوين ....
آءُ پنهنجن سنڌي ڀائرن کي عرض ڪندو هلان ته فارس ۽ عرب جو جهيڙو اسلام کان گهڻو اڳ جو آهي ... اهي ٻئي قومون هڪٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ اسلام کان گهڻو اڳ وڙهنديون رهيون آهن پوءِ ڪڏهن هي زور ته ڪڏهن هو ...
... اڄ وري ساڳيون قومون مذهبي انتهاپسنديءَ جي چوگي ۾ (شيعا سني) رنگ ۾ رنگجي اها ئي پراڻي ويڙهه وڙهي رهيا آهن ...
اسين لطيف جا پيروڪار ته ائين چونداسين ته ڪاش اها ويڙه نه ٿئي ڪئي گهر تباه ٿيندا. ڪيترائي خون ٿيندا ۽ الائجي ڪيترين نعمتن جو نقصان ٿيندو ... پر چوندا آهن ته ” ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾“
آءُ صرف سنڌي دوستن کي عرض ڪندس ته مذهبي انتهاپسندي هڪ خطرناڪ ۽ انسان دشمن رويو آهي انکان اسانکي پاڻ بچائڻو آهي ... ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ۽ روحل جي هيءَ سمجهاڻي پنهنجي ذهن ۾ رکندا.
هڪ هندو ٻيا مسلمان ٽيون وچ وڌائون وير
انڌن، اونده نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
روحل راه پرينءَ جي، جي گهڙي ڏٺوسين گهير،
رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير.
(بيت ۾ ڪٿي لفظي غلطي هجي ته معاف)
اميد ته سنڌ مذهبي انتهاپسنديءَ کان بچي ويندي ... ۽ سنڌي ڀائر آهن ۽ ڀائر ئي رهندا .... اسانجو خون سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جو ٺهيل آهي نه ڪي فارس يا عرب جي ڪنهن نديءَ مان ....