• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُنين ۽ شيعن ۾ وڇوٽيون نه وڌائڻ جي اپيل

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مان، انسانيت توڙي مسلمان هئڻ جي ناتي پنهنجن سنين توڙي شيعا ڀائرن کي دلي اپيل ڪريان ٿو ته هو سني ۽ شعين جي وچم وڇوٽيون نه وڌائن ڇاڪاڻ ته اهو سعودي عرب ۽ ايران جو پراڻو جهيڙو آهي ـ سعودي عرب ۾ 47 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي جن ۾ هڪ شيعو ۽ 46 سني هئا. شيعي جي موت تي ته ايران هنگامو برپا ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 46 ڄڻا سني هئا تن جي موت تي ايران سميت سڀ خاموش آهن جيتوڻيڪ اهي به مسلمان هئا ـ درحقيقت اهو ايران ۽ سعودي عرب جو پراڻو جھيڙو آهي ۽ انهيءَ بنياد تي اسان وٽ رهندڙ سنين ۽ شيعن ۾ جھيڙو نه وڌايو ته مهرباني ـ

جن کي ايران سان محبت آهي سي ايران هليا وڃان،
جن کي سعودي عرب سان محبت آهي، سي سعوديا هليا وڃن
الله تعالى جي واسطي، سنڌ کي سنڌ ئي رهڻ ڏيو ـ
 
محمد خان سيال صاحبَ چون ٿا ته هندوستاني (مسلمانن) جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ خيرپور ۾ سني ۽ شيعا هڪ مسجد ۾ هڪ امام جي پويان پنهنجي پنهنجي طريقي موجب نماز پڙهندا هئا۰ تاريخ شاهد آهي ته هندو مسلم فسادن ڀيري به سنڌ پر امن رهي۰ شيعا سني جهيڙو حقيقت ۾ شيعا وھابي جهيڙو آهي۰ ٻنهي ڌرين کي التجا آهي ته اچو ته سنڌ کي امن جو گهر بڻايون۰
اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته اهو سعودي حڪومت ۽ ايران جو پراڻو جهيڙو آهي ۽ اها ب حقيقت آه ته سعودي حڪومت جي مخالفت اسلام جي مخالفت ناهي۰ پر حقيقت اها آهي ته ٻي مهاڀاري جنگ کئون پوء انهئ جنگ ۾ حاوي ٿيندڙ مغربي اسلام دشمن ملڪن سعود گهراڻي کي حڪومت ڏني ئي سندن پنهنجن مقصدن پوري ڪرڻ لاء هئي تنهنڪري سعود گهراڻي جو حڪومت ۾ هجڻ بذات خود قسچن ايبل آهي۰ مان توهانجي راء سان مڪمل طور متفق آهيان ته سنڌ ۾ شيعا سني جهيڙي کئون بچجي پر ڪنهن به فساد کي سنڌ ۾ گهڙڻ نه ڏجي۰
 
Back
Top