اڄ سرڪاري ڪم سانگي هڪ دوست سان گڏجي موٽرسائيڪل تي چڙهي ٽنڊو الهيار جي هڪ بينڪ ويس،فارملٽيز پوريون ڪيم،ڪو گھربل ڪاغذ وري واپس اچي ڳوٺ کڻڻو پيو.ڪم کي پوري ڪرڻ جي ڌن ۾ ٻنپهرن جي ماني به نه کاڌيسين،ڳوٺ واپس ايندي هڪ ريڙهي واري وٽ بيٺاسين.ريڙهي تي رڳو ڀاڄي رکيل هجي.مون کي ته بک جي ڪري صفا مٿي ۾ سور پوڻ وارو هو،دوست کان پڇيم ته گھڻيون پتائي گجرون وٺون ؟ گس تي کائيندا هلون.”مون کي ايتري گھڻي بک ناهي،آئون ڪونه ٿو کاوان،توهان کي جيڪي کپن سي وٺو.“ دوست جواب ڏنو.مون به هڪڙي گجرهٿ ۾ کڻي ريڙهي واري کان پڇيو ته گھڻا پيسا ٿيندا؟ جيئن ته ريڙهي وارو اسان جي گفتگو ٻڌي چڪو هو،ريڙهي واري چيو ته پيسا ڪونه ٿو وٺان.مون کانئس پڇيو آخر ڇو؟وڌيڪ پڙهو