خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / 07 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* حق نه مليا ته ملڪ هلي نه سگھندو (خبر)
** ملڪ هلي يا نه هلي، رڳو قائم عليشاه جو اقتدار برقرار رهيَ (تبصرو)

* ڇا گٽرن جا ڍڪ لڳائڻ به منهنجو ڪم آهي؟ قائم عليشاهه (خبر)
** نه هرگز نه...اوهان جو ڪم رڳو دبئيءَ واري جي سيوا ڪرڻ ۽ سنڌ لُٽڻ آهي (تبصرو)

*پاڪستان محفوظ ناهي: خورشيد شاهه (خبر)
** تڏهن ته زرداري ڊپ وچان دبئيءَ ۾ لڪل آهي (تبصرو)

* پاڪستان، سري لنڪا ۾ شگر ملون لڳائيندو (خبر)
** لڀي گونهه.به ڪونه ۽ ڪانون کي دعوت (تبصرو)

* ڊاڪٽر عاصم خودڪشي ڪري سگھي ٿو: وڪيل (خبر)
**سندس دوست آصف زرداريءَ جو وارو پوءِ ايندو؟ (تبصرو)

* راهداريءَ ۾ بلوچستان جي حقن جو خيال رکو: بلاول (خبر)
**....باقي سنڌ جي حقن جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاءِ آصف زرداري ئي کوڙ آهي (تبصرو)
 
Back
Top