ملڪ مان دهشتگرديء جي خاتمي جي آس !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    [​IMG]

    ملڪ مان دهشتگرديء جي خاتمي جي آس !

    شفيق شاڪر

    پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف نئين سال جي پهرئين ڏينهن قوم کي اها پڪي اميد ڏياري ته سال 2016ع پاڪستان مان دهشتگرديء جي پڄاڻيء جو سال هوندو.هونئن ته قوم ماضيء ۾به ان قسم جون ڪيتريون ئي خوشخبريون حڪمرانن جي واتان به ٻڌندي آئي آهي پر انهن بيانن کي عوام ڪڏهن به سنجيدگي سان نه ورتو آهي پر جڏهن اها ڳالھ موجوده فوجي سرواڻ جي زبان مان نڪري ٿي ته سالن کان دهستگرديء جي ستايل عوام ۾ آٿت،اميد ۽ تحفظ جو احساس ان ڪري پيدا ٿئي ٿو جو انهن لفظن جي پويان عملي ڪردار جي طاقت به سمايل آهي.جنرل صاحب جي چوڻ مطابق هن کي پورو يقين آهي ته قوم جي حمايت سان دهشتگرديء ۽ ڪرپشن جو ڄار هلندڙ سال مڪمل طرح ٽٽي ڇڪو هوندو. هتي اها ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي ته جنرل صاحب دهشتگردي ء جي خاتمي سان گڏ ڪرپشن جي خاتمي جي به ڳالھ ڪري ٿو جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته دهشتگرديء ۽ ڪرپشن جو هڪٻئي سان گهرو تعلق آهي ۽ انهن ٻنهي لعنتن جو هڪ ئي وقت خاتمو لازمي آهي ڇوته اهي ٻئي معاملا هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن. ڪجھ صحافتي ۽ سياسي دانشورن جو ان نڪتي تي بيان ٿيندڙ موقف اجايو ماڻهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي باري ۾ شڪ شبها پيدا ڪرڻ جو باعث بڻجي رهيو آهي جيڪي دانشور زميني صورتحال ۽ عملي حقيقتن کان اکيون بند ڪري اهو فرمائڻ لڳن ٿا ته ڪرپشن ختم ڪرڻ فوج جو ڪم نه آهي.نظرياتي ۽ ڪتابي طور تي ته اهو موقف سو سيڪڙو صحيح آهي پر پوء سوال اهو به ته پيدا ٿئي ٿو ته دهشتگرديء جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ به ته وقت جي حڪومتن جي ذميداري آهي.حڪومتن وٽ انهيء مقصد جي لاء سول ادارا به موجود آهن ته پوء اهو ڪم فوج جي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي؟انهيء سوال سان جيڪو اهم سوال چنبڙيل آهي سو آهي حڪومتن جي نيت ۽ اهليت جو!بدقسمتيء سان نه ته حڪومتن وٽ نه سچائيء ڀريل نيت رهي آهي نه ئي انهن پنهنجن سول ادارن ۾ اڄ تائين اها گھربل قابليت ۽ صلاحيت پيدا ڪئي آهي جو اهي پنهنجي طور تي انهن چيلينجز کي اڪيلي منهن ڏيئي سگھن.انهيء ڪري هر وقت فوج کي حڪومتي معاملن ۾ مداخلت جو جواز ملي وڃي ٿو.هاڻي جڏهن توهان انهن ادارن کي انهن انتظامي معاملن ۾ پنهنجي نااهليء جي ڪري خود مداخلت جي دعوت ڏيو ٿا ته فوج جنهن جي سکيا ئي جنگي بنيادن تي ٿيل هوندي آهي اها توهان جي سياسي مصلحتن،آئيني فلسفن ۽ نظرياتي بحثن ۾ ڦاسڻ بدران پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي ۽ جڏهن ان جا هزارين جوان انهيء مهم ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪري چڪا هجن انهيء ماحول ۾ توهان جو ڪو جائز مشورو به هنن جي ذهن ۾ هزارين شڪن شبهن کي جنم ڏئي ٿو ته ڪٿي سياسي حڪمران اسان کان ماضيء جا بدلا ته نه پيا وٺن!انهيء ڪري جڏهن حالتون غيرمعمولي هجن ته معاشري جي سڀني طبقن کي وڏي احتياط کان ڪم وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي.انهن حالتن ۾ غيرذميداراڻن بيانن مان ڇڪتاڻ ۽ شڪن شبهن کان سواء ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيندو آهي جنهن جو فائدو نيٺ نان اسٽيٽ ايڪٽرز کي ٿيڻو آهي. انهيء کان سواء ڪنهن عمل جو تجزيو ڪرڻ وقت انهيء عمل جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل آئوٽ پٽ به ڏسبو آهي.جڏهن اهو به مڃيو وڃي ته فوج جي موجوده ڪردار ۽ ڪاروائين سبب ملڪ جون حالتون ڪافي حد تائين بهتر ٿيون آهن.ماڻهن ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿيو آهي، مجموعي طور تي ملڪ جي امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي.ڪيترن ئي دهشتگردن کي ڦاسيون ملي چڪيون آهن. ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوريء جي واقعن ۾ واضح گھٽتائي آئي آهي.رهيل دهشت گردن خلاف گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي.ماڻهن وڏي حد تائين پهريون ڀيرو ڪجھ ذهني سڪون محسوس ڪيو آهي.اهي ڪي ننڍڙيون ڪاميابيون ناهن.باقي رهيو اهو سوال ته فوج جو ڪرپشن جي معاملي سان ڇا وڃي ته اهو سوال کڙو ڪندڙن دانشورن کان اهو به پڇجي ته موجوده نيشنل ايڪشن پلان تحت ٿيندڙ ڪاروائين کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪرپشن خلاف فوج جي ڪاروائين کي تنقيد جو نشانو ته بنايو ويو پر پوري سال ۾ سياستدانن ملڪ ۾ شفاف احتساب ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي لاء ڪهڙو موثر سول انتظامي نيٽ ورڪ يا نظام قائم ڪرڻ جي لاء سنجيدگيء سان اڄ تائين سوچيو آهي؟جڏهن سياستدانن جي سنجيدگِيء جو اهو حال هجي ته پوء ٻين کي انهن سياستدانن جي خودمختياري ۽ آئيني عظمت جي لاء ڇو پيٽ ۾ وڪڙ اچڻ گھرجن؟اصل ۾ هرڪو چڱيء طرح ڄاڻي ٿو ته اهي ڪرپشن جي خلاف ڪوبه موثر احتسابي نظام قائم ڪرڻ جي حق ۾ ئي ناهن ته جيئن انهن جي عوامي خزاني مان ڦرلٽ وارو سلسلو ازلي ۽ ابدي طور تي جاري رهي. اها به حقيقت نظر ۾ رکڻ گھرجي ته ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪرڻ کان سواء دهشتگرديء جو خاتمو ناممڪن آهي جو اهو ڪارو ڌن دهشتگردن جي مالي سهائتا جي لاء ڌڙا ڌڙ استعمال ٿي رهيو آهي. جيستائين دهشتگردن جا مالي مددگار قابو نه ٿيندا تيستائين دهشتگرديء جون اهي فيڪٽريون بند نه ٿينديون.هڪڙو فصل لڻبو ئي مس ته ٻيو تيار بيٺو هوندو.انهيء ڪري فوج معاشي دهشتگردي ۽ ڪرپشن جي خلاف ڀرپور ڪاروائيء جو فيصلو بهرحال ڪري چڪي آهي جنهن کي ڪنهن آئيني اٽڪل يا قانوني بهانيبازيء ذريعي وڌيڪ عرصي لاء ملتوي ڪرائي نٿو سگھجي.اڃا تائين به گھڻا سياسي ڏاها اها ڳالھ سمجھڻ کان قاصر آهن ته هن وقت مسئلو ادارن۽ حڪومتن کان اڳتي نڪري رياست جي سلامتيء جي سوال سان ڳنڍجي چڪو آهي انهيء ڪري جڏهن جنرل راحيل شريف قوم کي هلندڙ سال دهشتگرديء کان آزاديء جو سال ڪري ٻڌائي تو اتي هو اهو واضح اشارو ڏيئي رهيو آهي ته ڪرپشن جي لعنت خلاف ڪاروائي به هن جي ترجيحات جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي آهي پوء ڪنهن کي اها ڳالھ وڻي يا نه وڻي!
    روزاني سنڌ 7جنوري 2016ع
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 جنوري 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سال 2015 يا 2016؟ هڪ عرض ڪندو هلان ته جيسيتائين اسان پاڻ يعني هر ماڻهون پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي نه آڻيندو تيسيتائين تمام گهڻو مشڪل آهي ته ڪو امن . ترقي يا خوشحالي جو دور اچي . باقي رڳو الله عزوجل کي پارت ڪجي ته اهوئي سڻائي ڪندو ۽ اسان پاڻ ۾ سڌارو يا تبديلي نه آڻيون ته اهو ڏاڍو ڏکيو آهي . وري به دعا اها ئي آهي ته شال مولا ڪريم اسانکي سمجھ ۽ سگھ عطا فرمائي جو اسان پاڻ ۾ تبديلي آڻيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    ادا مان ھڪ عرض ڪيان ته ڪرپشن ٻن طريڪن جي ٿيندي اھي ھڪ سڌي ٻي ليڪل سڌي جيڪا اھي انھي کي ڪير ڏسي ھي نٿو اھا اھي سرڪاري بنڪن کان قرض وٺي معاف ڪراڻ انھي کي ثابت ڪرڻ لاي ڪاوڏي ڊڪ ڊوڙ به ناھي ڪرڻي ڇو جو سڀ ڪم قانوني طريقي سان ٿيل اھي باڪي جيڪا ليڪل اھي انھي کي ثابت ڪرڻ ۾ به ڪافي وقت ۽ پيسو خرچ ٿي ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو