abdullah jarwar
سينيئر رڪن
وقت چئي . آء بادشاه!
شاهاڻي شاهن جان پهريان نه پوشاڪ.
ٽلي آئون ٽيلي تي . ويهي نه ڪڍان واڪ.
شاه شهنشاه جي .هر هنڌ ٻجهي هاڪ.
ڇٽي ويندا ڇاڪ.پاڻهي پوندا پيش مون.!
هنڌين ماڳين منهنجو ڦري ٿو فرمان.
تابع مون اصل کئون. سارو هي جهان.
ڏاڍو مون کان ڪون آهي. اصل ڪو انسان.
ڇا پوڙهو .ڇاجوان. پاڻهي پوندا پيش مون.!
چورن وانگي آء چران. غافل ڪين ٻجهن.
توڙي گهڙيان تن اڳيان. واڄٽ ڪيو وڄن.
پلڪن مان پهر ٿي. ڏينهڙا ٿا گذرن.
لنگهيو ورهيه وڃن. پاڻهي پوندا پيش مون.!
چورن وانگي آء چران. سمجهو ڪي سمجهن.
پوڙهن جي پيشاني ۾ . پيرا مون پسجن.
ڪارن منجهان مون ڪيا اڇا سر سندن.
کنيو لٺ ڌڏن . پاڻهي پوندا پيش مون!
گلن جهڙا ٻارڙا . ڦلن جيئن نپجن.
خيال نه تر جيترو منهنجو اهي ڪن.
جوڀن ويندن نڪري. پوندي سڌ پوء تن.
هڏ نه پوء هلندن. پاڻهي پوندا پيش مون.!
پوڙهي ڇا جوان جو قياس نه ڪريان ڪو.
جامون وٺي انسان جو .جڳ ۾ آيو جو.
پيش مون پاتشاه جي.پاڻهي پوندو سو.
بانور ڇا تي تو. ڪيو ڙي ڪمزور آه.؟
هٺيلا ! هوڏ پئي ڀلي ڪوٽ آڏاء.
خرچي خزانا تون. ماڙيون محل بناء .
ڀت نه مڙنديئه ڀت کي. اي؛ هنئين سين لاء.
شاه زمان سان جاء. بيشڪ ڪنهنجي ناه ڪا.
شاعر: ڀيرومل مهرچند
شاهاڻي شاهن جان پهريان نه پوشاڪ.
ٽلي آئون ٽيلي تي . ويهي نه ڪڍان واڪ.
شاه شهنشاه جي .هر هنڌ ٻجهي هاڪ.
ڇٽي ويندا ڇاڪ.پاڻهي پوندا پيش مون.!
هنڌين ماڳين منهنجو ڦري ٿو فرمان.
تابع مون اصل کئون. سارو هي جهان.
ڏاڍو مون کان ڪون آهي. اصل ڪو انسان.
ڇا پوڙهو .ڇاجوان. پاڻهي پوندا پيش مون.!
چورن وانگي آء چران. غافل ڪين ٻجهن.
توڙي گهڙيان تن اڳيان. واڄٽ ڪيو وڄن.
پلڪن مان پهر ٿي. ڏينهڙا ٿا گذرن.
لنگهيو ورهيه وڃن. پاڻهي پوندا پيش مون.!
چورن وانگي آء چران. سمجهو ڪي سمجهن.
پوڙهن جي پيشاني ۾ . پيرا مون پسجن.
ڪارن منجهان مون ڪيا اڇا سر سندن.
کنيو لٺ ڌڏن . پاڻهي پوندا پيش مون!
گلن جهڙا ٻارڙا . ڦلن جيئن نپجن.
خيال نه تر جيترو منهنجو اهي ڪن.
جوڀن ويندن نڪري. پوندي سڌ پوء تن.
هڏ نه پوء هلندن. پاڻهي پوندا پيش مون.!
پوڙهي ڇا جوان جو قياس نه ڪريان ڪو.
جامون وٺي انسان جو .جڳ ۾ آيو جو.
پيش مون پاتشاه جي.پاڻهي پوندو سو.
بانور ڇا تي تو. ڪيو ڙي ڪمزور آه.؟
هٺيلا ! هوڏ پئي ڀلي ڪوٽ آڏاء.
خرچي خزانا تون. ماڙيون محل بناء .
ڀت نه مڙنديئه ڀت کي. اي؛ هنئين سين لاء.
شاه زمان سان جاء. بيشڪ ڪنهنجي ناه ڪا.
شاعر: ڀيرومل مهرچند