ھڪ ھمراھ ڏي پئسا رھيل ھئا، جڏھن به فون ڪريان ته ھو چوي ڪمشمر سان ويٺو آھيان! ڪڏھن وري ھو چئي ته ڊي آء جي سان ويٺو آھيان!! آء پريشان ٿي ويس ته ايڏي وڏي ماڻھوء کان قرض ڀلا ڪيئن وٺجي! ھڪ ڏينھن ڪنھن دوست ڏس پتو ٻڌايو. مون ڏٺو ته ھو مڱ ڦرين جي ريڙھي واري سان ويٺو ھيو. مون ويجھو کان وڃي فون ڪئي ته سائين ڪٿي آھيو؟ چيائين اڄ ايس پي صاحب سان ويٺو آھيان!!