• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسپيڪر

مظهرعلي

سينيئر رڪن
پرسنل ڪمپيوٽر سان گڏ، اسپيڪر جو هجڻ هڪ معيار ٿي چڪو آهي۔ شروع ۾ پي سي جي اندر ننڍو اسپيڪر لڳائڻ جي معني صرف اها هئي، ته سان وارننگ بيپس ٻڌي سگهجن، يا ڪنهن ڪم جي مڪمل ٿيڻ تي بيپ ٻڌجي ۽ خبر پوي، ان جو مثال ڪمپيوٽر چالو ٿيڻ جو عمل آهي۔ جڏهن ڪمپيوٽر چالو ڪيو وڃي ٿو ته اهو پاڻ ئي شروع ۾ پنهنجا جزا چڪاس ڪري ٿو۔ ان کي پوسٽ چئجي ٿو۔ ان ۾ جيڪڏهن ڪمپيوٽر جي ڪنهن حصي ۾ خرابي جي ڳالھ آهي ته ان جي خبر سيٽي وانگر بيپ مان ملندي هئي۔ ڪمپيوٽرن ۾ ملٽي ميڊيا جي اهليت اچڻ سان هاڻي طاقتور ۽ اسٽيريو سسٽم جهڙا اسپيڪر ان سان گڏ لڳائي سگهجن ٿا۔ هي اسپيڪر هڪ سائونڊ ڪارڊ سان گڏ لڳايا وڃن ٿا، جيڪو ڪمپيوٽر جي اندر مدر بورڊ تي لڳايو ويندو آهي۔ انهن جو ڪم سائونڊ آئوٽ پٽ ڏيڻ آهي۔
ڪمپيوٽر جي لاء اسپيڪر، مختلف آواز جي گنجائش ۾ ننڍي ۽ وڏي سائيز ۾ خوبصورت ڊيزائين ۾ دستياب آهن۔


ops8w2.jpg
 
جواب: اسپيڪر

ادا مهرباني سٺي ڄاڻ ڏيو ٿا
مهرباني ڪري آئي ٽي جي نيو خبرون به ونڊ ڪيو
اڄ ڪله پينٽيم فور ۾ ٻاهريون لائوڊ لڳائڻا ٿا پون
 
Back
Top