آء ھيء ڪھاڻي ارپيا ٿو پياري دوست محترم آغا جان آغا کي مختصر ڪھاڻي سرڪاري تنقيد جو طريقو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪلينڪ تان موٽي آيس،
    ته گھر ۾ سڀ اداس ھئا.
    دروازي سامھون گند پيٽي پئي ھئي،
    بابا ڪٿي آھي؟
    دل جي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ويو آھي!!
    ھيء گند جي پيتي ڪير رکي ويا آھن؟
    سرڪاري ماڻھو!
    اسان جي دروازي تي ڇو؟
    ھيء سڀ تڪليفون توھان جي
    ڪري ملي رھيون آھن!!
    مون ڇا ڪيو آھي؟
    تون سماج کي سڌارڻ جي ڳالھ ڪري
    خواه مخواه جون دشمنيون پاليون
    آھن!!
    ڇا پيا چون؟
    چون پيا ڊاڪٽر سماج جو گند صاف ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آھي نه تنھن ڪري ھي پيتي رکي ٿا وڃون ھاڻي سماج جو سمورو گند ھن پيٽيء ۾ جمع ڪجو!!
    آء ته ھڪ معمولي ليکڪ آھيان؟
    ھا! ھڪ معمولي ننڍڙي ڪيول به
    ھاٿيء کي دسي وجھندي آھي!
    ماچيس جي ننڍڙي تيلي به وڏي
    باھ لڳائي ڇڏيندي آھي!!
    پوء ڇا آء لکڻ ڇڏي ڏيان؟
    نه توھان لکندا رھو جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو!!
    منھنجو ساٿ ڏيڻ لاء مھرباني!
    ھن جي لبن تي مرڪ تري آئي!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو