آڪاش انصاري جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ محمد بخش لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2016۔

  1. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو

    جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا،

    هن ڀونءَ سڄيءَ جا ڀاڳيا،

    پوءِ سُور نه رهندا ساڳيا،

    ڪندا جي مست قلندر دمادم مست قلندر.



    بيراڳين جي ڀونءَ مٿي ڪا، باهه ڀلي پئي ڀڙڪي،

    هن ننگريءَ سان نينهن اسانجو، ننگري ناهه نڌڻڪي،

    سرمد جي سنت پارڻ لئه مارو ايندا مُرڪي،

    ڪندا سڀ مست قلندر دمادم مست قلندر.



    منهنجا مست ملنگ هي مارو، ڏونگر کان ڀي ڏاڍا،

    نير نئين ڪا چيز نه آهي، نڪي ڪڙول ۽ ڪنٺا،

    ڪفني پائي ڪلهن ۾ ايندا، اجرڪ جي سا اوڍا،

    ڪندا سڀ مست قلندر دمادم مست قلندر.



    تون "آڪـــاش"! اياڻو آهين، دردر تي ٿو دانهين،

    ڇو نه اڃان تائين تون پهنجي ٻانهن ۾ ٻَل ڀائين،

    نيٺ پڄاڻي ٿيڻي آهي، سورن جي او سائين!

    ڪندا سڀ مست قلندر دمادم مست قلندر.

    آڪاش انصاري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تون "آڪـــاش"! اياڻو آهين، دردر تي ٿو دانهين،
    ڇو نه اڃان تائين تون پهنجي ٻانهن ۾ ٻَل ڀائين،

    آڪاش انصاري .. هڪ انقلابي شاعر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو