خورشيد قائمخاني ... ۽ ”خورشيد“ گرهجي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    خورشيد قائمخاني ... ۽ ”خورشيد“ گرهجي ويو

    اشفاق لغاري

    آخري ڏينهن ۾ هن پاڻ کي ماڻهن کان پري رکڻ پئي گهريو، فون تي به نه ڳالهائڻ چاهيندو هو. چوندو هو ته بس گهڻو ئي ڳالهايوسين ۽ لکيوسين، جيڪي ڪچهريون ٿيون، اهي کوڙ آهن. هاڻ مرڻ مون سين آءُ جو سڏ پيو ڏيان، پر جڏهن فرشتهء اجل تائين منهنجو آواز پهچي ۽ هن کي مون سان ملڻ جي اجازت ملي. زندگيءَ ۾ پڇتاءُ نالي ڪنهن شيءِ کي هن پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو. اصول پرست اهڙو جو مير علي احمد ٽالپر سان ياري هوندي هئس. پر جڏهن مير ضياءَ جو دفاعي وزير ٿيو ۽ خورشيد کي نياپو ڪيائين ته تو وٽ گهر ملڻ ٿو اچان، ته نياپو کڻي ايندڙ کي خورشيد چيو ته، مير صاحب کي ٻڌاءِ ته خورشيد چئي ٿو، ته تولاءِ هاڻي منهنجي گهر جو در ۽ رستو سوڙها ٿي چڪا آهن، هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نه ڪجانءِ.
    سينيئر ميجر جي عهدي کي ٺڪرائڻ کانپوءِ ڀيلن، ڪولهين، ڪبوترن، شڪارين، باگڙين، ٻڙهن، اوڏن، جوڳين ۽ آفريڪا مان در در جي ٺوڪر کائي سنڌ ۾ هڪ غلام جي صورت ۾ پهتل شيدين جي ڏکن ڏوجهرن کان وٺي، انهن جي ريتن رسمن تي پهريان انگريزيءَ ۽ پوءِ اردو ۾ لکي صحافتي دنيا ۾ پير پاتائين. هن کي سندس پوٽا، پوٽيون، ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون ”ميجر خورشيد“ جي نالي سان سڏيندا هئا، پر هو ميجر ۽ مُجيري جي هن وطن عزيز ۾ ڪيل ڪمن کان ڏاڍو ناراض هو. ڪنهن مُجيري ۽ ميجر سان ملڻ بجاءِ هو پنهنجي دوست ارجڻ ڀيل سان ملي خوش ٿيندو هو.
    ٽنڊوالهيار ۾ هو پنهنجي مزاج ۽ صحافتي سفر سبب ايترو ته مشهور ٿي ويو هو، جيڪڏهن توهان رڳو لفافي تي خورشيد قائخاني، امام پاڙو، ٽنڊوالهيار لکي، پوسٽ آفيس پنهنجو خط پڄايو ته، اهو پاڻ ئي خورشيد کي ملي ويندو هو.
    سال ۲۰۰۸ع تائين به هو حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪافي دوستن سان پوسٽ آفيس واري لفافي معرفت خط لکي رابطي ۾ رهندو هو. هن کي ڪمپيوٽر جو استعمال به ايندو هو، ۲۰۱۲ع جي جولاءِ_ آگسٽ تائين، هن ڪمپيوٽر وسيلي، پنهنجي ڪيناڊا ۾ ويٺل هڪ دوست سان رابطو جاري رکيو، پر خط لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ هن کي آساني ٿيندي هئي.
    بس ۾ سفر ڪرڻ به ڏاڍو عجيب لڳندو هئس، شايد ئي ڪڏهن هن معمول وارن ڏينهن ۾ ڪڏهن بس جو سفر ڪيو هجي. ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد به ريل گاڏيءَ ۾ ايندو ويندو هو. خورشيد جي گهر نه ملڻ جي صورت ۾، آئون کيس ٽنڊو الهيار جي باگڙي ڪالوني، ڀيل ڪالوني، جوڳي ڪالوني، اسٽيشن روڊ ۽ شاهه لطيف پارڪ مان ڪنهن هنڌ ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هئس. هاڻي هن بيچين روح ۽ صدين جي سيلانيءَ کي ڪٿي ڳوليندس! ”روءُ! ديس روءُ! تنهنجو هڪ سلڇڻو ۽ سياڻو پٽ دنيا مان لڏي ويو.“
    هن راجسٿان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي جنهن زمين تي بانبڙا پاتا، راجپوتن جي ان ڳوٺ جي مٽيءَ جي پيرن هيٺان نڪرڻ کانپوءِ، هن کي وري ڪڏهن به ”گهر ۽ وطن“ نصيب نه ٿيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪامريڊ دوست خديجه گوهر سان هينئن ڪيو هو؛
    ”تنهنجي جنم جو هنڌ ڪهڙو آهي؟“ ڪامريڊ خديجه پڇيو هو.
    جواب ۾ خورشيد ٻڌايو؛ ’راجسٿان.‘
    وري خديجه پڇيو؛ ’هاڻي ڪٿي ٿو رهين؟‘
    ”چوڻ لاءِ ته سنڌ ۾، پر حقيقت ۾ ڪٿي به نه!“ خورشيد ٻڌايو.
    ’ڇو؟!‘ خديجه پڇيو.
    ’بس، خديجه! مون ورهاڱي واري عمل کي دل سان قبول ئي ناهي ڪيو.‘ خورشيد چئي ٿو.
    ’ته پوءِ گهر؟‘ وري خديجه پڇي ٿي.
    ’ڇا خانه بدوش ماڻهن جو ڪڏهن ڪو گهر ٿيو آهي؟‘ خورشيد وڌيڪ ٻڌايس؛ ’منهنجي ذهن ۾ اڃا تائين منهنجي جنم واري گهر جو تصور آهي.‘
    خديجه جي دنيا مان لڏڻ کانپوءِ، هن جي اندر جي دنيا ڄڻ ويران ٿي وئي هئي. هن جي ويجهن دوستن ۾ ڪامريڊ خديجه پڄاڻان، حيدرآباد ۾ فيض محمد شيدي (خورشيد کيس فيضو سڏيندو هو)، صحافي اسحاق مڱريو ۽ پبلشر علي نواز گهانگهرو سان هن جي گهڻي عليڪ سليڪ هوندي هئي. فيضو شيدي ۽ ٽنڊوالهيار جي هڪ جوڳيءَ ته هن جي دل جي يارن واري خاني ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي.
    خورشيد قائم خاني ۱۹۷۰ع ۾ پنهنجي سينيئر ميجر واري عهدي تان اي ڪي نيازيءَ وٽ استعيفا پيش ڪري، پينشن تان هٿ ڌوئي اچي، ٽنڊوالهيار ۾ پنهنجي والد صاحب کان ورثي ۾ مليل ٻه ٽي ايڪڙ زرعي زمين سنڀالڻ لڳو هو. هُن کي ڪجهه وقت پاڪستان ۾ سوشلزم آڻڻ واري ڏٺل خواب به ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ هُو ان جي ساڀيان لاءِ سنڌ ۾ پليجو صاحب سان ۽ لاهور جي ڪجهه ڪامريڊن سان به مليو، پر کيس پنهنجي مزاج وارا ماڻهو شايد گهٽ ئي مليا. سنڌ ۾ جڙيل لساني ماحول کان هن کي سخت نفرت هوندي هئي. چوندو هو؛ ’هي ڪٿان جا چريا گڏ ٿيا آهن، جيڪي هر مسئلي جو حل ورهاڱي ۾ ڳولين ٿا.‘
    نيٺ هن پنهنجي ڪلهي ۾ ٿيلهو هڻي، سنڌ جي دلتن سان درد جو رشتو جوڙي ورتو، جيڪو آخر دم تائين قائم رهيو. سياحت جو ديوانگيءَ جي حد تائين شوق رکندڙ خورشيد قائم خانيءَ جي رولاڪي واري عادت جي پيرن ۾ پنجوڙ صرف سنڌ جي سر زمين وڌا.
    ٽنڊوالهيار ۾ دلتن جي وڏي ۾ وڏي لڳندڙ راما پير جي ميلي تي، انگريزي اخبار اسٽار ۾ مضمون لکي، پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪندڙ خورشيد قائم خانيءَ کي سنڌ ۾ رهندڙ جوڳين، اوڏن، ڪبوترن، ڪولهين، ڀيلن ۽ شيدين جي تاريخي پسمنظر، ريتن رسمن ۽ معاشري ۾ سندن ’ويچارگي‘ واري حالت ڇو آهي، جي موضوعن تي دسترس حاصل پئي رهي آهي. هن ان ڏس ۾’ڀٽڪتي نسلين‘، ’سپيان اور پٿهر‘ جهڙا ٻه مشهور ڪتاب به لکيا، ان کانسواءِ ناليواري ليکڪه امرتا پريتم جي سترهن هندي ڪهاڻين جو ’سترهن ڪهانيان‘ ۽ ڪامريڊ خديجه گوهر جي انگريزي ناول جو اردو ۾ ’اميدون ڪي فصل‘ جي نالي سان بهترين ترجمو پڻ ڪيو. وڏو عرصو انگريزي اخبار اسٽار (جنهن تي ضياءَ الحق پابندي وڌي) ۾ ڪالم لکڻ کانپوءِ، خورشيد قائم خاني سنڌي اخبارن لاءِ ڪالم پڻ لکيا، جيڪي مجموعن جي صورت ۾ ڇپيل آهن.
    زندگي جي سکين ڏينهن ۽ خاص ڪري نوڪريءَ وارن ڏينهن جي ڳالهه ٻڌائڻ کان چڙ کائيندڙ خورشيد قائم خاني پنهنجون اهي يادگيريون به ۱۹۹۹ع ۾ لکيون، پر پبليشرن پاران جواب ڏيڻ ڪري اهي ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيون. بقول خورشيد جي هڪ ڪينڊين دوست جي ته اهي خورشيد جي مرڻ بعد ئي ڇپجي سگهن ٿيون.
    خورشيد قائم خاني پنهنجي زندگيءَ جي ڪجهه ڏينهن جو حال فرضي نالن ۽ سچين واقعن جي صورت ۾ پنهنجي يادگيرين جي ڪهاڻين جي صورت ۾ ”سپنون ڪا ديس“ نالي ڪتاب لکي ان ۾ سليون آهن. پر اهي هن جي زندگيءَ جو مڪمل احاطو نٿيون ڪن. جنهن ۾ هن گورنمنٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ هڪ ”پري“ سان پيچ اڙجي وڃڻ واري ڪٿا به وڏي سچائي سان لکي آهي ته، کيس لال پري ڪيئن طعنو ڏيندي، پاڻ کان پري ڪندي چيو هو: هل ڙي فلمي ڊائلاگ نه هڻ، اهي، وفا ٻفا جا قصا وڃي ڪنهن ٻئي کي ٻڌائجان، چريو ڪٿي جو.... هن بازار واريءَ ۾ هليو آهي، وفا تلاش ڪرڻ! ائين وفا جي پيڪر خورشيد قائم خاني جي پٽ عامر ڪالهه فون ڪري روئندي چيو؛ يار....بابا جدائي ڪري ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي ڌرتي ڌڪاڻن ۽ خانا بدوش قبيلن تي ڊگهي عرصي کان کوجنا ڪندڙ ۽ 22 ڪتابن جو خالق نالي وارو اديب ۽ محقق خورشيد قائم خاني هميشه لاءِ وڇڙي ويو، خورشيد قائم خاني ٻن مهينن کان بيمار هو، کيس وڌيڪ تڪليف سبب پهرين جنوري تي ڪراچي جي الشفا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جي گهڻ رخي اديب ۽ محقق خورشيد قائم خاني جو مڙهه ٽنڊي الهيار نيو ويو، جتي اڄ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون نالي وارو محقق، اديب ۽ ڪالم نگار خورشيد قائم خاني 1933ع ڌاري ڀارتي راجسٿان جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو، پيءُ انگريز آرمي ۾ سپاهي هو، 1946ع ۾ ماڌو سنگهه اسڪول ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪيائين، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد هن جا وڏا سنڌ جي ٽنڊي الهيار شهر ۾ لڏي آيا، 1948ع ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊي الهيار مان مڊل ۽ 1951ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين، انٽر ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد ۽ گريجوئيشن ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان ڪيائين، فوج ۾ ميجر جي عهدي تي هو، ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بنگالين جي نسل ڪُشي تي احتجاجن تڏهوڪي جنرل اي ڪي نيازي کي استعيفا پيش ڪري ٽنڊي الهيار موٽي آيو، خورشيد قائمخاني لکڻ جي ابتدا انگريزي اخبار اسٽار ۾ ”راما پير“ تي ڪالم لکي ڪئي، هن 22 ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ترجمو پڻ آهن. انهن ۾ سپيان اور پٿر، ڀٽڪتي نسلين، سپنون ڪا ديس، رني ڪوٽ ڪا قلعه، ڍول مارو، ماروي ڪي دنيا ۽ ٻيا شامل آهن، هن خديجه گوهر جي ڪتاب ”اميدون ڪي فصل“ جو ترجمو پڻ ڪيو.
     
  3. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    سليمان وساڻ سائين ميجر خورشيد منهنجو اڳي ڏٺل ٻڌل نه ٿو لڳي پر اهڙا ماڻهو هر هر پيدا نه ٿيندا آهن۰ جس هجي توهان کي جو توهان اهڙي ماڻهوء لاء لکيو۰

    مان وڏي ادب سان تاريخي حقيقت کي درست ڪرڻ جي گذارش ڪندس۰ ۱۹۷۰ ڀٽي جو دور نه هو پر يحيي جو دور هو۰ ٻي ڳالھ ته بنگالين جو قتل عام (نسل ڪشي) ڀٽي جي دور ۾ نه پر ايوب ۽ يحيي جي دور ۾ ٿي هئي۰
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب سائين

    اوهان بلڪل صحيح درستگي ڪرائي آهي. پر ڇو ته هي ليک ڪنهن ٻئي جو آهي، تنهنڪري سندس لکڻي ۾ ترميم ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو