عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
تاريخ پاڻ گواھ آھي
مونکي به ويساھ آھي
سورھين صديء
تائين
منھنجي گھر جي
دروازي تائين
سندن رستي جي
خبر ئي ڪونه ھئي
سڪندر مقدوني
کين
ھيو رستو ڏيکاريو
ھيروڊوثس
سندن گر سيکاريو
منھنجي ڌرتي ڦرڻ لاء
ملڪت، مايا لٽڻ لاء
ڏس ڏيندو رھيو
گس ڏيندو رھيو
تاريخ اسان تي
وڏا ستم ڪندي رھي آھي.
تڪليفن ۾
مفلسين ۾
زندگي گذرندي رھي آھي
ذولفن جي گھٽائن کان
پري گذرندي رھي آھي
تاريڪ
جي انڌيرن ۾
ستارن ۽ ڪھڪشان کان
پري گذرندي رھي آھي
ڄڻ جنم ٽيپ لڳل ھئي
دلربائي
دلڪش ادائن کان
پري گذرندي رھي آھي.
بھارن ۾ به خزائن
سان ٿيندا رھيا سامنا
خوشبودار
ھوائن کان
پري گذرندي رھي آھي
عرصي کان
مليو نه آھي
ڪو مئڪش نيڻن جو
پيالو سدا جيل عقوبتن ۾
مئڪش نگاھن کان پري
گذرندي رھي آھي!!
مونکي به ويساھ آھي
سورھين صديء
تائين
منھنجي گھر جي
دروازي تائين
سندن رستي جي
خبر ئي ڪونه ھئي
سڪندر مقدوني
کين
ھيو رستو ڏيکاريو
ھيروڊوثس
سندن گر سيکاريو
منھنجي ڌرتي ڦرڻ لاء
ملڪت، مايا لٽڻ لاء
ڏس ڏيندو رھيو
گس ڏيندو رھيو
تاريخ اسان تي
وڏا ستم ڪندي رھي آھي.
تڪليفن ۾
مفلسين ۾
زندگي گذرندي رھي آھي
ذولفن جي گھٽائن کان
پري گذرندي رھي آھي
تاريڪ
جي انڌيرن ۾
ستارن ۽ ڪھڪشان کان
پري گذرندي رھي آھي
ڄڻ جنم ٽيپ لڳل ھئي
دلربائي
دلڪش ادائن کان
پري گذرندي رھي آھي.
بھارن ۾ به خزائن
سان ٿيندا رھيا سامنا
خوشبودار
ھوائن کان
پري گذرندي رھي آھي
عرصي کان
مليو نه آھي
ڪو مئڪش نيڻن جو
پيالو سدا جيل عقوبتن ۾
مئڪش نگاھن کان پري
گذرندي رھي آھي!!