وائي*ڊاڪٽر ذوالفقار علي*

ڌرتي نئين نويلي ڪنوار، الوميان.
چئني پاسي خوشبو جي ھٻڪار،
الوميان.
آئي مند ملڻ جي آئي،
وک وک کلڻين جي کجڪار،
الوميان.
آنڌي مانجھي دل ھئي ماندي،
ساھ جي سانگين آندو قرار،
الوميان.
ڪارو ويس ھو اوڇڻ منھنجو،
آھي موٽ ڪئي سرڪار،
الوميان.
 
Back
Top