نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ليکڪ ماڻڪ جو ڪتاب ”ٽي ناوليٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٽي ناوليٽ شامل آهن:
1. رُڃ ۽ پڙاڏا
2. پاتال ۾ بغاوت
3. لڙهندڙ نسل
هي ناوليٽ مختلف وقتن ۾ ڪيترائي دفعا ڇپيا پر روشني پبليڪيشن پاران ٽنهي ناوليٽس کي هڪ ئي ڪتاب ۾ 1992ع ۾ ڇپايو ويو جنهن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر قاسم آباد، حيدرآباد جي دوستن جي مهربانيءَ سان سنڌ سلامت تي پيش ڪري رهيا آهيون.
ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاء ماڻڪ جي ڪتاب ”حويليءَ جا راز“ جي مهاڳ ۾ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“