مونتي ميڙو مچڻو آ : شيخ اياز جي مزار تي حاضري محمد سليمان وساڻ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي حيدرآباد ۾ دوستن شيخ اياز جي ياد ۾ جشن اياز منعقد ڪرايو هو، اهو جشن سڄو سارو هڪ هفتو هو، سنڌ ميوزيم ۽ خانه بدوش ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شيخ اياز جا چاهيندڙ، اياز جا دوست، اياز جي فيملي، اياز سان عشق ڪندڙ شامل ٿيندا رهيا هئا. مان به شامل ٿيو هوس ۽ مان اهو پهه به ڪيو ته هالا ۾ ٿيندڙ سِگا جي ڪنوينشن دوران ڀٽائي ۽ اياز جي مزارن تي وڃبو. 25 ڊسمبر 2015ع تي لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڀري اسان ٽن دوستن سائين ربنواز ڀٽو صاحب، مان ۽ غلام مرتضى وساڻ ڪراڙ جي ڪپ جو پاسو وٺيو اتي پهتاسين جتي اياز دفن آهي. اهو اياز جنهن جي ڪلا، جنهن جي شاعري، جنهن جي نثر کي ڀيٽيون ته هو ڌرتيءَ جيڏو شاعر بڻجي وڃي ٿو. هن ڄاتو هو ته ڀلي سنڌ جا ڪجهه نام نهاد ايب، سياستدان سندس شاعريءَ کي نه مڃين پر سنڌ کيس ياد ڪندي ۽ هن تي ميلا مچندا، تڏهن ئي ته چئي ويو: تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين مون کي ڪا پرواهه نه آهي آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي مون تي ميڙو مچڻو آهي. شيخ اياز سنڌ جي اها هستي آهي جنهن اسان کي انقلاب جو دڳ ڏسيو، هن جي باغي ۽ انقلابي شاعريءَ نوجوانن ۽ سنڌ واسين کي نوان گس ڏنا، جوش ڏنو، هوش ڏنو ۽ سڃاڻ ڏني. هن جي رومانوي شاعري به ته غضب جي آهي ۽ سنڌ سان عشق ڪرڻ ته ڪو اياز کان سِکي. اياز صدين جو شاعر آهي، اياز کي چاهيندڙ ڪيترائي آهن. اسان سان گڏ حاضري ڀريندڙ ٻيا به آهن. مان اياز جي شاعريءَ ۾ گم آهيان جو مرتضى مونکان ڪيمرا وٺي تصويرون ڪڍي ٿو. سامهون ڪراڙ ڍنڍ آهي، ڪراڙ جي هن پار لطيف جو روضو ڪر کنيو بيٺو آهي. ايئن پيو ڀاسي ڄڻ لطيف ئي سنڌ آهي. مان پاڻ کي گم سم پيو ڀانيان. اياز جون سٽون ياد ٿيون اچن: ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار! بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘! ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ شيخ اياز جي ڪلام ۾ سنڌ دوستي۽ وطن پرستي جابجا نظر اچي ٿي. ڪيئي گيت، غزل، نظم ۽ وايون آهن جيڪي وطن پرستي، حب الوطني ۽ سنڌ پرستيءَ سان ڀريون پيون آهن : · مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب · تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌي. · ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو. · ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان وو. · سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز، مري نه ٿيڻو آهي. · سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. · هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ پر سنڌ اياز نه مرڻي آ. · جتي لڪ لڳي، جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي، · سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نوايان، مٺي ماٿي لايان. · سهندو ڪيرميار او يار، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! احاطي ۾ مٽي ۽ دز پئي اڏامي، اڇي پٿر تي هنڌ هنڌ ڌوڙ ڇانيل آهي پر اياز جا خيال اجرا آهن، هو هر سٽ ۾ جيئي ٿو، هو اڄ به جيئي ٿو اسان جي دلين ۾، شاعريءَ ۾ ۽ راڳين جي سدائن ۾ ...... ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت منھنجي من کي چين ناھي ھاءِ، ڪھڙي رات آھي چنڊ منھنجو ناھي ميت منھنجي من کي چين ناھي ھيءُ گلابي رُت ڇڏي مون کان رسي ويا ڪيئن گيت منھنجي من کي چين ناھي سج لهڻ وارو آهي ۽ اسانکي هالا پهچڻو آهي جو سِگا جي 37هين سالياني ڪنونشن جو افتتاحي اجلاس شروع ٿيڻ وارو آهي ..... اياز جي قبر تي فاتح پڙهي ڪراڙ جي ڪنڌي تي هوريان هوريان واپس ورون ٿا. تو لئه تڪيندي ڏيئا اجهاڻا ڇو ڪونه آئين تون رات راڻا هيءِ هيءِ بسنتو هي ڦول پنهنجا ڪنهن لاءِ آندَوَ منهنجي پڄاڻان مايوس آهين اي مينڌرا ڇو مومل ڪندي آ ڪنهن وقت ماڻا اڄڪلهه اياز آ مرهم مهانگي ۽ گهاوَ تنهنجا آهن پراڻا اياز جي اڻ کُٽُ شاعري آهي جا هالا تائين ذهن تي ترندي ٿي رهي .... سون جهڙي جواني اسان کان وٺي وار چاندي ڪيئه عمر ايڏي ٺڳي سور تو لئه سٺا سار تنهنجي رهي زندگاني پرين تار تنهنجي تڳي وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي