دوستو اڄ نيٽ سان حرڪت ڪندين مونکي هڪ ويب سائيٽ ملي آهي جنهن جو نالو ”ڪلاڪ“ آهي۔۔۔۔ جيئن اوهان ويٻ سائيٽ اوپن ڪندو ته اوهان جي سامهون ننڍڙو دنيا جو نقشو اچي ويندو۔۔۔ نقشي جي مٿان پنهنجي مائوس جي مدد سان ڪنهن ملڪ جو يا ملڪ جي گادي واري يا مشهور شهر جو ٽائيم ڏسي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔ يا ڪي بورڊ جي مدد سان ڪنهن به سٽي جو نالو لکي به اوهان ٽائيم معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ http://www.qlock.com/time/
جواب: دنيا جو ٽائيم هائو ادا زاهد، وقت چوي آ بادشاه، انڪري وقت جو خيال ڪرڻ کپي ۽ کيس تمام گهڻي اهميت ڏجي، پر اوهان اهو ته ٻڌايو ته اوهانکي دنيا جي وقت ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي؟ ڪٿي ڪيڏانهن سفر جي تياري ته ناهي، يا وري ڪٿي ڪو پرديسي يار ته نه ڪيو اٿئي جو، پنهنجو ۽ هن جو وقت الڳ الڳ هجڻ ڪري پريشان ٿيندا هجو ۔۔۔ سچي ڪجو؟ هي گانو ياد ڪري احتياط ڪجان " پرديسيون سي نه اکيان ملانا”
جواب: دنيا جو ٽائيم سائين سومرو صاحب تمام سٺي سائيٽ آهي مونکي وري شوق ٿيو جو ڊاونلوڊ جو آبشن ڏٺم خبر تڏهن پئي جو ڊالرن ۾ رقم گهرڻ لڳو پوء ته کڻي اسان بس ڪئي سي بابلا
جواب: دنيا جو ٽائيم سائين قبلا سنڌي ۾ هڪ مشهور چواڻي آهي ته ”مُلان جي ڊوڙ مسيط (مسجد) تائين“ سو سائين اسان غريب ڪٿي ڪو اهڙو پرديسي يار ڪري سگهون۔۔۔۔ بس اسان کي ته ڪو ديسي به يار ڪونه ٿو ملي۔۔۔۔۔ پنهنجي ڊيپارٽمنٽ جي ڪنهن آفيسر جو حُڪم مليو ته مونکي مختلف مُلڪن جا ٽائيم کپن سو سائين بس حُڪم جي پيروي ڪندين اوهان سڄڻن سان به هتي ويب سائيٽ کي ونڊ ڪيوسين۔۔۔۔ بس دعا ڪريو ته ڪو پرديسي نه ٿئي۔۔۔۔۔۔۔
جواب: دنيا جو ٽائيم سائين محترم طاهر سنڌي ادا اوهان کي سائيٽ پسند آئي ان لا اوهانجي مهرباني پر يار مون ايڏهن ڌيان نه ڌريو ته ڪو ڊائونلوڊ وارو آپشن به اٿس ۔۔۔ باقي پاڻ کي سومرو صاحب نه چوندا ڪريو نه اسانجو نيشنل فقير ادا ڦلپوٽو فقير ڪاوڙجي پوندو اسان فقير سائين جي آستاني جي فقير آهيون۔۔۔ پاڻ کي مڙئي فقير ڪري سڏيندا ڪريو نه ته اسان فقيرن جو سردار ڦلپوٽو فقير ناراض ٿي ويندو۔۔۔۔۔ مهرباني مٺڙا
جواب: دنيا جو ٽائيم ڀاء زاهد صاحب هن ڀيري به توهان اسان سنڌ سلامت جي ساٿين لاء هڪ نئين ۽ بهترين ونڊ ڪئي آهي، جنهن لاء توهان جا لک لائق ۽ قرب، الله توهان کي خوش رکي آمين۔
جواب: دنيا جو ٽائيم فقير سائين تمام بهترين سائيٽ آهي پر توهان آهيو ڪٿي ؟ مس مس ديدار ڪرايو اٿوَ ايتري جدائي چڱي نه آهي ۔ مڙئي جلدي ڀيرو ڪندا ڪيو سدا سلامت هجو۔