• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻڌي پٽڪو پائي پهراڻ

ٻڌي پٽڪو پائي پهراڻ
_______________
ٻڌي پٽڪو پائي پهراڻ ڪري سنڌ جي ثقافت ساڻ
لڏي جي گهوٽ هو هلندا دشمن ۾ ٿيندو مانڌاڻ
ٻولي منهنجي نرالي آ سڀ ٻولين ۾ سولي آ
چوان ڇو نه گيت ۽ وائي لکان ٿو اڄ اهو اهڃاڻ
سنڌي سوره وڻن دل کي لڳل لوري سنڌ جن کي
اهي بي حد بهادر هن وڙهي دشمن ڪندا سرهاڻ
هي ڌرتي دل جي ڌڙڪن آ هي مات ماءُ جهڙي آ
گمانن ۾ جو گاريون ڏي تن کي ماربو ير هاڻ
ڪراچي شهر سنڌين جو نه ئي آهي ڪو غيرن جو
هندستاني افغاني هتي سڀ کي ڀڄايون پاڻ
سچو جو سنڌ جو پٽ آهي ان جو ڪو نه مٽ آهي
سنڌ لئه سڪ سرهي آ ٻري ٿي جيئن چنڊ چانڊاڻ

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top