مظهر علي ڏوتيو
سينيئر رڪن
مظهر علي ڏوتيو
اڄ جڏهن مان سوچان پيو ته ڪجهه عورت تي به لکجي ته مونکي هُن جا اهي لفظ ياد اچن پيا ته جڏهن اءَ ڪچهري ڪندي هُن کي چيو هيو ته عورت ڪيتري نه معصوم آهي. هت عورت تي حد کان وڌيڪ ظلم ٿئي پيو. عورت کي ان جا حق ڏيڻ ڏيڻ گھرجن تڏهن چيو هئائين ته تون به عام مردن جيئان اهي لفظ چئي معيار پيو لاهين. چيو هيو مانس ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگھان. آءَ ته هڪ مفلس ماڻهو آهيان. انهن لفظن کانسواءِ آءَ وٽ ٻيو آهي به ڇا؟ چيو هيائين ته پوءِ اهڙي خالي همت افزائي جي ڪا ضرورت به نه آهي.
ان ملاقات کي تقريبن سال ٿي ويو آهي پر اهي ڳالهيون اڃا تائين منهنجي ذهن تان نه مٽجي سگھيون آهن. سوچيندو آهيان هُن جيڪي به ڳالهايو هيو سو سڀ جو سڀ حقيقت آهي. اسان مرد اوقع معيار لاهڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن ڪجھه ڳالهائيندا به آهيون ته لکندا به آهيون. عملي ڪم ته ڪڏهن ڪيو ڪون آ. اڄ تائين ڪيترائي مضمون، ڪتاب عورت جي بي حسي تي لکجي چڪا آهن، انهيءَ کانسواءِ سيمينار پڻ ٿي چڪا آهن پر عورت ساڳي عذابن جي گھاڻي ۾ پيڙهجي پئي. ساڳي طرح مرد عورت کي پنهنجو غلام سمجهي پيو ۽ غلام هئڻ جي حيثيت سان هن جي هر مشوري کي غلط ۽ حقير سمجهي نظر انداز ڪري پيو اهوئي مرد بادشاھ، عورت کي پنهنجي حيثيت کان گھٽ ۽ غلام سمجهي تتل ڌرتيءَ تي گرم جهولن ۾ منجهند ٽاڪ جو ڪم ڪرائيندو آهي، ڄڻ ته ان عورت ڪو وڏو گناه ڪيو آهي جنهنجي هو سزا ڀوڳي رهي آهي. جڏهن ته پاڻ مرد صاحب گهر ۾ ننڊ ڪندو آهي يا وري هوٽل ۾ ويهي چانهه پيئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي حسين يار سان ويهي خالي ٻٽاڪون هڻندو آهي. سڄو ڏينهن فضول ڪمن ۾ گزاري رات جو اچي گھر سمهي پوندو آهي. صبح سان وري ساڳيو ڪم شروع ڪندو آهي.
آخر مرد ۽ عورت ۾ ڪن خاص عضون کانسواءِ ٻيوڪهڙو جسماني فرق آهي جو مرد پاڻ کي برتر ۽ عظيم سمجهي ٿو. ڇا عورت جو اهو قصور آهي ته هو عورت آهي پر آهي ته انسان. مرد جيئان هن جون به ڪي خواهشون آهن. هن جا به جذبا آهن پوءِ عورت تي ايڏو ظلم ڇو؟ صرف مردن جي انا پرستي واري سوچ، معاشرتي اڻ برابريءَ وارو نظام ۽ تعليم جي گھٽنائي جي ڪري اهو سڀ ڪجھه ٿئي پيو.
مونکي ياد آ هڪ دفعي هُن مونکان پڇيو هيو ته توهان مرد غيرت ڇاکي چوندا آهيو. آءُ خاموش ٿي ويو هيم ڪجهه وقت کان پوءِ هُن چيو ته جواڀ ڇو نه پيو ڏيئن. چيو هيو مانس ضمير جي سجاڳي کي ئي غيرت چئبو آهي تڏهن چيو هيائين تون به غلط ٿو چوين، تنهنجي به پراڻي سوچ لڳي ٿي. چيو هيو مانس ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ٿوري دير خاموش رهڻ کانپوءِ چيو هيائين ته اسان جي موجوده معاشري ۾ غيرت ضمير جي ٻڏي وڃڻ کي چئبو آهي. منهن ڏي ڏسندي چيو هيومانس اهو وري ڪيئن؟ چيو هيائين مرد جي غيرت مڙئي عورت تي جلدي سجاڳ ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته هن کي اها خبر هوندي آهي ته هن سماج ۾ عورت بالڪل اڪيلي آهي ۽ هو اڪيلي سر ڪجھه به نه ڪري سگھندي. هت عورت تي جنهن الزا تحت مرد پنهنجي غيرت استعمال ڪندو آهي ان غيرت جي ڪري هر مرد ان مرد جي همت افزائي ڪندو آهي. اهڙي طرح اه غيرت وڌيڪ استعمال ٿيندي رهندي آهي، ور اهي سڀ مرد ان حقيقت کان غافل هوندا آهن ته جنهن مرد اها غيرت عورت تي استعمال ڪئي آهي ان ۾ ان جو ڪيترو مفاد آهي. هتان جا 95 سيڪڙو مرد عورت کي ان لاءِ ڪاري ڪارو جي الزام تحت ماراندا آهن جو اهي قرضي هوندا آهن يا انهن جو ڪنهن سان جھڳڙو ٿيل هوندو آهي. اهي قرض نه واپس ڪرڻ خاطر يا پنهنجو بدلو وٺڻ خاطر پنهنجي ڪنهن عورت کي ڪاري ڪري ماريندا آهن. جيڪڏهن ان وقت اهو قرض ڏيندڙ موجود هوندو ته ان کي ڪارو ڪري ماريندا ٻي صورت ان سان فيصلو ڪندا اهڙي طرح قرض به ختم ۽ وڌيڪ ڏنڊ به وٺندس. ان کانسواءِ هت معصوم نياڻين کي ان لاءِ به ڪاري ڪري ماريو ويندو آهي جو ان جا مالڪ ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهيندا آهن يا وري اگر ڪنهن کي پنهنجي زال پسند نه هوندي اهي تڏهن به ان کي ڪاري ڪري ماريو ويندو آهي.
هُن جي هر ڳالهه ۾ مونکي حقيقت نظر ايندا آهي. هوءَ پاڻ ئي هڪ حقيقت لڳندي آهي. هُن چيو هيو ته مرد عورت کي جانور کان به گھٽ حيثيت ڏيندو آهي. هوءَ عورت آهي ان لاءِ ان کي وڌيڪ خبر آهي ته مرد جو رويو عورت سان ڪيترو خراب آهي. موجوده حالات کي ڏسي ڪري پاڻ کي به اهو احساس ٿيندو آهي ته واقع هت عورت تي ظلم ڪيو وڃي ٿو. هت والدين پنهنجي نياڻين تي ظلم ڪن ٿا ته مڙس پنهنجي زال تي ظلم ڪري ٿو. اسان وٽ عورت جي شادي ڪرائڻ ڄڻ ته مرد کي وڪرو ڪري ڏيڻ آهي ۽ پوءِ ان مرد کي جيئن وڻي تيئن ڪري. هت شاديون خانداني ريتن ۽ رسمن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن. ان لاءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي ننڊپڻ ۾ ئي مڱڻي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار رکيو ويندو آهي. نتيجتن اهي شاديون ڪجھه وقت کان پوءِ ناڪام ٿي وينديون آهن يا صرت هڪ Compromise تحت هلنديون آهن. انهن گھرن ۾ هر وقت جھڳڙا هلندا آهن. اهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن مرد ٻي شادي ڪندو آهي پر عورت جي سموري زندگي ان جيل نما گھر ۾ گذرندي آهي. دنيا جو ڪو به مذهب اهڙي اجازت نٿو ڏيئي ته عورت ۽ مرد جي مرضي خلاف انهن جي شادي ڪرائي وڃي.
هن معاشري ۾ عورت کي ڏي وٺ Given Take ذريعي پڻ عورتن جي شادي ڪرائي وڃي ٿي پوءِ جيڪڏهن هڪ پنهنجي زال کي ماريندو ته ٻيو وري پنهنجي ڀيڻ خاطر پنهنجي زال کي بي گناه ماريندو آهي. انهيءَ کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻي شادي ڪئي ته ٻيو مرد پاڻ يا خاندان جي سختي جي ڪري ٻي شادي ڪندو جيڪو پڻ وڏو ظلم آهي. هت عورت تي ڏي وٺ کان سواءِ به ظلم ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهنجي مائٽن مان شادي ٿيل آهي ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ اهو مرد صاحب ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي ٿو يا امير ٿي وڃي ٿو ته هو ٻي شادي ڪندو ۽ پهرين زال ۽ سندس اولاد نوڪرياڻي جي حيثيت سان پئي زندگي گذاريندي. انهن سماجي رسمن سان وڌيڪ نقصان عورت کي ئي ٿئي پيو.
سوچيندو آهيان ته هن ويچاريءَ جو بنيادي ڏوهه ڪهڙو آهي جو هن کي ايڏي وڏي سزا ڏني وڃي پئي. ڇا هن جو اهو ڏوهه آهي ته هن جي ڪري هيڏو وڏو سماج وجود ۾ آيو. جيڪڏهن هي نه پيدا ٿئي ها ته هن سماج جو وجود ئي نه هجي ها. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن عورت جي ڪري اسان وجود ۾ آيا آهيون ان عورت تي اسان ظلم ڇو پيا ڪريون؟ هن کي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ڇوٿا استعمال ڪريون. اها اسان جي غيرت آهي يا احسان فراموشي. جنهنجي پيٽ مان اسان جنم وٺون ٿا ان جي ئي ميعزتي ڪريون پيا. ڪڏهن اسان انهن ڳالهين تي سوچيو آهي. نه هرگز نه. جيڪڏهن اسان سوچينداسون ته عورت کي قدرتي نعمت سمجهي هن جو ايترو قدر ڪنداسين جيترو قدرتي نعمت جو قدر ڪرڻ گھرجي.
ڪالهه اچانڪ هُن سان ملاقات ٿي پر ڏاڍي حيرت لڳي. اصل مهانڊا ئي مٽجي ويا اٿس. صفا سڃاڻڻ کا هلي وئي آهي. 30 سالن جي هي عورت 50 سالن جي پوڙهي پئي لڳي. گڏ پنج ٻار به هيس. ٻڌائين ته هي پنجئي ٻار منهنجا آهن. چيومانس ٻارن ڄڻڻ جي مشين بڻجي وئي آ ڇا؟ چيائين هن معاشري ۾ عورت کي صرف مشين ته سمجهيو ويندو آهي. چيومانس پاڻ سان اهڙي حالت ڇو ڪئي اٿئي. هونءَ ته وڏو اسٽينڊرڊ رکندي هئيءَ. چيائين توهان مردن جي مهرباني آ. چيومانس شادي ڪيئي، پنج ٻار ڄڻيئي پر مردن تي ڪاوڙ اڃا تائين برقرار اٿئي. ٿورو مسڪرائي چوڻ لڳي ته ٽي ٻار ڇڪي Abortion ۾ ختم ٿي چڪا آهن. ڀلا تو شادي ڪئي آهي. چيو مانس ها 3 ٻار به آهن. چيائين ڪيئن ٿي زندگي گذري. چيو مانس شڪر آ تمام سٺي. پڇومانس توهان جو مڙس ڇا پيو ڪري. منهنجي ان سوال تي هُن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. چوڻ لڳي هو ڪراچي ۾ نئين نويلي ڪنوار سان زندگي گذاري رهيو آهي. چيومانس تو۾ ڪهڙي ڪمي هئي جو ٻي شادي ڪيائين. تون به ته پڙهيل آهين بلڪه تنهنجي ته ماسٽرس ٿيل آ سماجات ۾. ٻارن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين هي! پڇومانس ڇو؟ چيائين چوي ٿو ته تومان پٽُ نٿو ٿئي. انهيءَ کانسواءِ تو گھڻا ٻار ڄڻيا آهن ۽ هاڻي تون پوڙهي پئي لڳين. جڏهن ته مان اڃآن نوجوان لڳان ٿو ۽ مونکي ڪراچي ۾ وڏي نوڪري ڀي ملي وئي آهي ان لاءِ ٻي شادي ڪريان ٿو. پڇومانس هاڻي توهان جو خرچ ڳالهه ڪٽيندي چيائين بابا وارن آهي. مان پاڻ به سلائي مشين هلائيندي آهيان.
هُن جو اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. سوچان پيو هي مردن جي ڪيڏي نه ظالم قوم آهي. پنهنجي ذاتي مفاد ۽ خواهش خاطر هڪ عورت جي زندگيءَ تي تيل هاري هُن کي تيلي ڏين پيا. هي ڪيڏو گندو سماج آهي. هتي رهندڙ مرد ڪيڏي گندي ذهنيت اکن ٿا، هي عورت کي رانديڪو سمجهي هن جي زندگي سان کيڏن پيا ۽ جڏهن ان رانديڪي سان کيڏندي کيڏندي دل ڀرجي وڃين ٿي ان کي ڦٽو ڪري ڇڏين پيا.
پنهنجي معاشري ۾ عورت تي ايڏو ظلم ڏسندي سوچيندو آهيان ته اسان کي ڇا ٿي ويو آهي. هت 5 هزار سال اڳ رهندڙ ماڻهو جڏهن تهذيب يافته هئا ته هاڻي اسان جي افعال اهڙا ڇو ٿي ويا آهن. ٿيڻ ته ايئن کپي ها ته اسان هن وقت ٻه ٽي صديون دنيا کان اڳتي هجون ها پر اسان ته اڃآ ان شروعاتي دور مان گذري رهيا آهيون جٿي انسان جانورن کان به بدتر زندگي گذاري پيو. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته هي معاشرو هر دور ۾ ايئن ئي رهيو آهي. جيئن هاڻ آهي. هي سڀ ڏند ڪٿائون ۽ خوشفهميون لڳنديون اٿم ته 5 هزار سال اڳ هتان جا ماڻهو تهذيب يا فته هئا. جيڪڏهن 5 هزار سال تهذيب يافته هئا ته پوءِ هاڻي ائين ڇو؟ لڳندو آ ته هن معاشري جو بنياد ئي ڪوڙ ته ٻڌل آهي.
سهڻي تنهنجا سور