عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو:لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد بينس ڪالوني واري علائقي ۾ 12 سالن جي نينگري جي شادي 18 سالن جي نوجوان سان ڪرائڻ جي ڪوشش،اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي شادي تقريب دوران 12 سالن جي ڪنوار ياسين ڌيءُ عبدالغفار کهاوڙ ۽ 18 سالن جي گهوٽ ارسلان کهاوڙ کي گرفتار ڪري ورتو.جڏهن ته پوليس پاران گهوٽ ڪنوار کي عورتن واري ٿاڻي ڏانهن موڪليو،ٻڌايو پيو وڃي ته 12 سالن جي نيگريءَ کي پيءَ 30 هزارن عيوض پنهنجي رشتيدار محمد هارون کهاڙ جي پٽ ارسلان کي سڱ ڏنو هو.
جڏهن ته ڊي ايس پي يارمحمد رند جو چوڻ آهي ته پوليس کي اطلاع مليو ته ننڊي عمر جي نينگري جي شادي ڪرائي پئي وڃي،جنهن تي شادي تقريب دوران پوليس ڇاپو هڻي ڪنوار ۽ گهوٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي قانون مطابق ننڍي عمر جي شادي ڪرائڻ غيرقانوني عمل آهي،جنهن تي گهوٽ ۽ ٻين ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ سڀاڻي گهوٽ، ڪنوار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
