ڪتاب تي تبصرو ڪتاب : ڪچا رشتا ليکڪ : دريا خان شنباڻي تبصرو : محمد سليمان وساڻ _____ ڪو ڇا به چوي پر سنڌي ڪهاڻي مرندي ڪانه، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جي معاشري ۾ هرروز هر پاسي نيون ڪهاڻيون ۽ ڪردار پيدا ٿيندا رهن ٿا. انهن ڪهاڻين ۽ ڪردارن کي وائکو ڪري معاشري اڳيان آڻڻ وارا به کوڙ آهن. سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ خيرپور ضلعي جي شهر ڪنب مان جنم وٺندڙ نوجوان ليکڪ دريا خان شنباڻي گهڻي وقت کان مختصر ڪهاڻيون لکي پاڻ مڃايو آهي. دريا خان کي لکڻ جو شوق ڪيئن ٿيو اها الڳ ڪهاڻي هوندي پر مونکان امر جليل جا لفظ نه وسرندا آهن جنهن لکيو آهي ته ”مون کي لکڻ جو شوق نه ٿيو هو، مون لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي ۽ ڪندو رهيو آهيان. جيڪڏهن لکڻ طرف لاڙو نه ڪريان ها ته هوند ٻوساٽجي مري وڃان ها.“ دريا خان سان منهنجو رشتو ڪچو ناهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان رشتي کي مظبوط ڪرڻ ۾ اسان جي ٻاراڻي دور وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. دريا خان ۽ مان ڇهين درجي کان ميٽرڪ تائين گڏ پڙهياسين، ساڳي ڪلاس ۾ پڙهياسين ۽ گهڻو ڪري ساڳي بينچ تي ويهي پڙهياسين. اسان ٻنهي جو قد ننڍو هجڻ ڪري ۽ هوشيار هجڻ ڪري اسانجي استادن پاران اسان کي اڳين بينچن تي ويهاريو ويندو هو. ميٽرڪ کان پوءِ مان خيرپور هليو ويس ۽ دريا خان پوئتي ئي رهيو پر تعليم جاري رکيائين. ملاقاتون به گهٽجڻ لڳيون، ڪراچي آياسين ته ملڻ ئي نه رهيو. پر دريا خان اسانجي ڪچي رشتي کي پڪو بڻايو جو منهنجو فون نمبر هٿ ڪري ايس ايم ايس ذريعي ڳنڍيو رهيو. سندس ڪالم گهڻو ڪري سڀني اخبارن ۾ پڙهندو رهيس. هن جو علم ۽ ادب سان چاهه رهيو ۽ اهوئي سبب هيو جو هو ڪالم، ڪهاڻيون ۽ شخصيتن تي خاڪا لکندو رهيو. اهوئي نه پر هو ناول به لکي چڪو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنب وڃڻ ٿيو ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ دوست مشتاق ڦل سان ڪنب ۾ ملاقات ٿي اتي ئي دريا خان سان به ملاقات ٿي، جنهن پنهنجي ڪهاڻين جو ڇپيل پهريون ڪتاب “ڪچا رشتا” تحفي طور ڏنو. سندس مختصر ڪهاڻين جو هي ڪتاب 31 ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. دريا خان ادب جي دنيا ۾ ڀلي سعادت حسن منٽو يا ماڻڪ نه هجي پر هنن جي لکڻين جو اثر مٿس ضرور آهي، خيرپور ضلعي ۾ هونئن به سنڌ جو اوچ ڪوٽي جو ڪهاڻيڪار نسيم کرل مشهور رهيو آهي ۽ دريا خان تي ان جو به اثر هوندو پر دريا خان به ته هن معاشري جو حصو آهي، تنهنڪري هو جيڪو ڏسي ٿو، جيڪو سوچي ٿو يا محسوس ڪري ٿو ان کي لفظن جا روپ ڏئي ڪهاڻين ۾ سمائي ٿو. اهي ڪهاڻيون جيڪي اسان جي آسپاس جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي مزدور، هاري، شاعر، استاد، شاگرد، عورت، مرد ۽ معاشري جي ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن. اهي ڪهاڻيون جيڪي کيس روئارين به ٿيون ته حيران ۽ پريشان به ڪن ٿيون. هو معاشري جي بي حسي سان گڏ معاشري جي سچائين تي خوب لکي ٿو. هو ڪٿي عاشق آهي ته ڪٿي مجبور آهي ته ڪٿي ٻار آهي، هن جون ڪهاڻيون ڀلي جو پنهنجي بابت نه به هجن پر کوڙ ڪردارن ۾ مان پاڻ کي محسوس ڪيو ۽ دريا خان جي دردن جا دريا نظر آيا. خيرپور جي گرم خطي سان تعلق رکندڙ دريا خان جي لکڻين ۾ جتي قلم جي گرمجوشي محسوس ٿي اتي کوڙ جاين تي کجين جي مٺاس جهڙا احساس به نظر آيا. سندس ڪهاڻي خدمت ۾ امڙ سان محبت جا اڻ ميا احساس آهن ته ڪيترن ڪهاڻين ۾ عورت جي بي وفائي واري جهلڪ به عيان نظر اچي ٿي. هو گداگر جهڙي ڪهاڻي ۾ ته دل ڏاريندڙ ڊائلاگ لکي ويٺو آهي. دريا خان رهيو ته ڳوٺن ۾ آهي پر شهر جي ڪردارن سان به خوب نڀايو اٿس. هو سيڪس ۽ معاشري جي سچائي تي لکي ٻٽي عذاب ۾ آهي. هڪ ته ڪجهه پڙهندڙ اهڙي لکڻين تي خوب تنقيد ڪن ٿا اهوئي سبب آهي جو ماڻڪ جهڙا ليکڪ به جدائي ۽ الڳ ٿلڳ دنيا ۾ رهندي موٽ ماڻي نه سگهيا پر دريا خان به دريا دل آهي جو اهڙي تنقيدن کان مٿڀرو سوچيندي معاشري جي انهن ڪردارن تي به خوب لکي ٿو. دريا خان جي قلمي سگهه ڏسي اهو لکي پيو ته جلد سندس ٻيا ڪتاب به ڇپجي ايندا پر هن کي ڇاپڻ وارا ڪير هوندا؟ ڇا هو وري به پنهنجي جمع پونجي لڳائي ڪتاب ڇپرائيندو؟ ڇا اسان جا ادارا اهڙن نوجوانن کي ڇاپڻ ۾ ڪا اڳڀرائي ڪندا يا هميشه وانگر نالي جي پويان لڳا رهندا. سنڌي ڪهاڻي ۾ جيتوڻيڪ هڪ جمود اچي چڪو آهي ۽ روايتي موضوعن تي ڪتاب ڇپجن پيا پر اسان اها اميد ڪنداسين ته دريا خان جهڙا نوجوان ليکڪ ڪي اهڙيون لکڻيون اسان تائين پهچائيندا جيڪي سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ امر لکڻيون بڻجي وينديون. ڪاوش ميگزين آچر 10 جنوري 2016ع ____