اسان جي سنڌي ٻولي دنيا جي شاهوڪار ٻولين منجهئون آهي پر هاڻوڪي دور ۾ سنڌي بنھ گهٽ واپرائڻ جي ڪري ماڳهين سنڌئ جي وجود کي خطرو اچي پيو آهي۰ انهئ صورتحال جي پيش نظر اچو ته پنهنجي سنڌئ جا گڏ ڪيون ۽ انهن کي واپرايون به۰ دوستن کي گذارش آهي ته پهاڪا لکي پوء ان جو مطلب به لکن ته جيئن دوست سمجهي اهي واپرائي سگهن
ڄائي ناهي، ناني مهانڊي مطلب ٻارڙي اڄان ڄائي ئي نه هجي ۽ ماڻهو ويٺا چون ته پنهنجي نانئ جي مهانڊي آ ته اها وقت کان اڳ جي ڳالھ ٿيندي جيڪا نه ڪرڻ گهرجي۰ انهئ ساڳي مطلب لاء هڪ ٻيو پهاڪو به آهي کڳو کوھ ۾ مصالحا پيا ڪٽجن
دوستن کي بهرو وٺڻ جي درخواست آھي سليمان وساڻ ذيشان رشيد عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم محمد خان سيال ذيشان جوڻيجو عبد الله فهيمي عبدا لستار جکرو عبدالجبار شاھ راشدي عبدالجبار ڪنڀر عبدالحئي چاچڙ عبدالحفيظ لغاري عبدالحميد سنڌي عبدالخالق شيخ عبدالرؤف الله دنو ميمن الله وسايو محمد ابراهيم محمد ابراهيم نظاماڻي محمد اسلم عباسي محمد امين ڀٽي محمد اڪبر نوناري محمد بخش لغاري محمد بخش ڪلادي محمد جمن درس محمد حسن ڈیپر محمد حنيف ميمڻ نذير احمد لغاري
اکيون اکين جهڙيون ديد لھ ئي نه ڏسڻ ۾ ڏاهو يا سياڻو اچي ۽ هجي وري بنھ سادو اهو پهاڪو مختلف موقعن ۾ استعمال ڪري سگجي ٿو
پڇ ٻڌي مهري ڪرڻ قابليت نه ھجي ۽ وس وارن معتبر ڪيو ھجي اعلي ظرف ماڻهو عاجزي ۾ پنهنجي لاء به استعمال ڪندو آهي مهري اٺ بار کڻڻ جي ڪم ايندو آهي ۽ کيس پڇ هوندو آهي ٻين کي پڇ ناهي هوندو ٻيا اٺ بار کڻڻ جي قابل ناھن هوندا۰ ٻين اٺن تي بار کڻڻ جي منھ ھجي اهي ته اوٺار ٻين اٺن کي هٿرادو پڇ چنبڙائي مهري ظاهر ڪندا آهن
دوستن کي بهرو وٺڻ جي درخواست آهي عاشق حسين ڏيپر عاشق سمون عاشق سولنگي عاشق علي سومرو عرس پريو منصور سرور منصور علي جويو منصور ڪمار ابڙو عبدالغني لوهار عمران درويش سومرو عمران عباسی عمران علي شنباڻي بلوچ عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون عرفان شاهاڻي عرفان علي شاه ياسر عرفات ياسرمنگي يونس ملڪاڻي امير عدنان ذوالفقار دولتاٹی ذوالفقار علي انڍڙ ذوالقرنین بشير احمد بشيراحمد آفتاب احمد سرهيو آفتاب احمد سومرو آفتاب ميمڻ الطاف اوڳاهي الطاف حسين آدرش الطاف حسين جمالي بلوچ الطاف حسين شاهاڻي
هڪ تازو پهاڪو جيڪو مان پنهنجي امان جي واتان ئي اڄ تائين ٻڌوآهي ۽ جديد به آهي، امان اڪثر گهر ۾ ننڍڙن ٻارن جي ضد ڪرڻ دوارن کين چوندي آهي ته ابا تون ته عمران خان وارو ڌرڻو هنيو آهي.
چڱائي ڪر ڄٽ سان ڦيرائي هڻي پَٽ سان. چڱائي يا احسان ڪنهن وڙ واري سان ڪبو آهي، بي وڙي سان چڱائي ڪبي ته الٽو برائي ڪندو. جيڪڏهن ڪنهن سان چڱائي ڪجي ۽ اهو الٽو ردِعمل ڏيکاري ته اُن لا مٿيون پهاڪو چيو ويندو آهي. پهرين پيٽ پنهون جو پو ٻار ٻچا: جيڪڏهن ڪو شخص صرف پنهنجي مفاد کي ترجيح ڏئي ٿو ته ان لا اهو پهاڪو چيو ويندو آهي جنهن مطلب آهي ته پهرين پنهنجو ڀڀ ڀري پو ٻين لا سوچي ٿو.
ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو چڱو آه ڄٽ سان ريزرو رهجي ۽ ڦٽ کي ٻڌي ڇڏجي هونئن به حضرت علي سائين جاهل سان بحث ۾ الجهڻ کئون منھ فرمائي آھي
ناڻوُ نينهن ٽوڙُ آهي. ويجهي مٽي مائٽي ۽ دوستيءَ رشتن ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي نه ڪجي، ان سان رشتن ناتن ۾ وڇوٽيون پئجي وينديون آهن. قرب ۽ محبت ٽٽي ٿي وڃي.
آئي کي آدر، وئي کي پادر آئي کي آدر ڏيڻ ۽ وئي کي پادر ھڻڻ اصطلاح آھن، جيڪي لنڊي خوشامد لاءِ ڪتب آڻبا آھن. اخلاقي طور ايندڙ جي عزت ڪرڻي آھي ۽ ويندڙ کي به مان ۽ مرجا سان رخصت ڪرڻو آهي.سندس وئي پڄاڻان سندس ڳڻ ڳائڻ گهرجن. ائين نه ٿئي جو اچڻ واري لا ته منهن تي خوشامد ڪندي آڌر ڀا ڪجي ۽ جڏهن اهو کائي پي يا ڪاروهنوار ڪري هليو وڃي ته پرپٺ دل کولي سندس گلا ڪجي، ههڙو تهڙو کائڻ جو خچر هيو، رڳو پيٽ ڀرڻ ۽ ويلو ٽارڻ آيو هيو. مطلب 1. لنڊي خوشامد کان پاسو ڪجي. 2. اڀرندي سج جو سلامي نه ٿجي.
اڄ ئي سائين عبدالڪريم سنديلي صاحب جو ڪتاب پهاڪن جي پاڙ شيئر ڪيو اٿم ڀيرو مل مهرچند جو ڪتاب پهاڪن جي پيڙهه به اڳ شيئر ڪيل آهي عبد الوهاب سهتي صاحب جو ڪتاب ورجيسون ۽ پهاڪا به پڙهڻ وٽان آهي.
شاھ سائين جا بيت هڪ بيت جي ايندي نه چَوني آء، جي ويندي نه چَوني ويھ ٻيو کٽو ٿي ڏيھ، جو وڃي در انهن جي ٻيو بيت جي ايندي چَوني آء، جي ويندي چَوني ويھ ٻيو ڇڏي ڏيھ، وڃ در انهن جي