سنڌ بجيٽ ۽ ترقياتي اسڪيمن واري رقم!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    وفاق بجيٽ جو اعلان ڪري چڪو، جنهن تي پارليامينٽ م بحث به جاري آهي، ۽ اڄ وري سنڌ بجيٽ جو اعلان ڪيو ويندو. ان بجيٽ ۾ ڇا هوندو، آمدني ۽ خرچن ۽ خساري جا انگ اکر ڪهڙا هوندا، سنڌ بجيٽ ڪيتري عوام دوست هوندي، سو ته بجيٽ اعلان ٿيڻ کان پوءِ پتو پوندو، پر هاڻوڪي بجيٽ مان سنڌ جي ماڻهن کي ان ڪري به ڪجهه وڌيڪ اميدون آهن، جو هن ڀيري 18 هين ترميم ۽ نئون مالياتي ايوارڊ اچڻ کان پوءِ سنڌ کي وڌيڪ رقم ملندي. ان ڪري ماڻهو چاهيندا ته انهن لاءِ نه رڳو روزگار جا وڌيڪ ذريعا پيدا ڪيا وڃن، پر صوبي ۾ ترقياتي ڪم به اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجڻ کپن. ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اها خبر پهتي آهي ته خاص ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن ۾ 29 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
    جيڪڏهن سنڌ کي ترقياتي اسيڪمن جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڪاغذن ۾ سنڌ ترقياتي اسڪيمن سان ڀري پئي آهي، ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هر سال ترقياتي ڪمن لاءِ جيڪا رقم رکي ويندي آهي، ان تي اها تنقيد به ٿيندي آهي ته سنڌ کي ترقياتي ڪمن لاءِ تمام گهٽ رقم ملي ٿي، پر اها به حقيقت هوندي آهي ته جيڪا ٿوري رقم رکي ويندي آهي، سا به مڪمل طور تي استعمال ناهي ٿي سگهندي، ۽ جيڪا رقم استعمال ٿيندي آهي، ان ۾ به مبينا طور تي ايتري ڪرپشن ٿيندي آهي، جو اسڪيمون ناقص هجڻ جو شاندار نمونو هونديون آهن. ترقياتي اسيڪمن جي رقم استعمال ڪرڻ جي حوالي سان گذريل مالي سال 10-2009ع بابت به اهي رپورٽون سامهون آيون ته ان ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ رقم جو مشڪل سان 42 سيڪڙو استعمال ٿي سگهيو، باقي رقم ليپس ٿي وئي. ترقياتي بجيٽ لاءِ 75 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جن مان اپريل تائين رڳو 31 ارب 96 ڪروڙ رپيا استعمال ٿيا. ان بابت اندازو هنيو ويو ته باقي رهيل ٻن مهينن يعني مئي ۽ جون ۾ کڻي ڪيتري به رقم استعمال ڪئي وڃي، پر پوءِ به پڪا ئي پڪا 25 ارب رپيا استعمال ٿي نه سگهندا. هيءَ اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ اهو عذر نٿو ڏئي سگهجي ته ڪو اسان وٽ رقم نه هئي، ان ڪري ڪو ڪم نه ٿي سگهيو، رقم هجي، ۽ اها خرچ نه ٿي سگهي ته ان کي اهليت جي کوٽ کان سواءِ ٻيو ڪو نالو نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ جي ڪا به اهڙي ضلعي حڪومت ڪونهي، جنهن کي ترقياتي ڪمن جي جيڪا رقم ڏني وئي هجي، سا ان خرچ ڪئي هجي. ان مان ظاهر ٿيو ته رڳو پئسو ئي سڀ ڪجهه نٿو هجي، پر ويزن جي وڏي اهميت هجي ٿي. اسان هن وقت ان ڳالهه ۾ خوش آهيون ته نئون مالياتي ايوارڊ اچڻ کان پوءِ سنڌ کي ورڇ جوڳي پول مان وڌيڪ رقم ملندي، پر ڳالهه اها آهي ته ان وڌيڪ رقم جي استعمال جو ڪو ڏانءُ هجڻ به ته لازمي آهي. محنت رڳو پئسا ڪمائڻ ۾ نٿي گهرجي، پر پئسن کي مثبت نموني سان خرچ ڪرڻ لاءِ به محنت گهربل هجي ٿي. گذريل مالي سال ۾ ترقياتي بجيٽ لاءِ رکيل رقم بابت مئي تائين ڏنل رپورٽ موجب نين رٿائن مان 167 رٿائون ته منظور ئي نه ڪيون ويون، جن جي ڪل لاڳت جو اندازو 9 ارب 61 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو هو. ان کان سواءِ تعليم کاتي جون پڻ هڪ ارب 32 ڪروڙ رپين جون رٿائون منظور نه ٿي سگهيون هيون. اهي انگ اکر اپريل 2010ع تائين جا آهن، ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن دوران به جيڪڏهن اسان جي منصوبا بندي توڙي ناڻي واري کاتي ڪا چستي ڏيکاري هوندي ته به ان جو نتيجو ايترو مطمئن ڪندڙ نه هوندو. هن ڀيري ٻڌايو وڃي ٿو ته اڄ اعلان ٿيندڙ بجيٽ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي هر ميمبر کي ترقياتي رٿائن لاءِ 6-6 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. ايم پي ايز جي سفارش تي نين رٿائن لاءِ بجيٽ وڌائي 9 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اها سٺي ڳالهه آهي، جو ترقياتي رٿائن لاءِ وڌيڪ رقم جي سيڙپ ٿئي، پر هڪڙي ڳالهه کي قطعي به پاسيرو نه ڪرڻ گهرجي ته ترقياتي رٿائون سرزمين تي هجڻ گهرجن، رڳو ڪاغذن ۾ نه هجن، ٻي ڳالهه ته جيڪي 6-6 ڪروڙ رپيا ايم پي ايز کي ڏنا ويندا، ان جو به طريقيڪار هجي، اها رقم ڀلي کڻي ڪنهن ايم پي اي جي مرضيءَ سان خرچ ٿئي، پر اها رقم لاڳاپيل کاتي جي ذريعي ميرٽ جي بنياد تي خرچ ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو. اها ڳالهه ان ڪري ڪريون ٿا، جو ان پريڪٽس جو ڪو مثبت نتيجو ناهي مليو. ٿيندو ايئن آهي، جو ان ۾ ٺيڪيداري سسٽم جو وڏو عمل دخل هجي ٿو، ۽ هاڻي ته اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل ڪونهي ته ٺيڪيداري سسٽم ۾ ڪميشن جو وڏو عمل دخل هجي ٿو. ان عمل دخل جي ڪري ئي جيڪا رقم خرچ ٿئي ٿي، سا پائيدار اسڪيمن لاءِ استعمال نٿي ٿئي.
    ترقياتي رٿائن جي حوالي سان اهي ٻه رخ آهن ته هڪ جاري ٿيل رقم استعمال نٿي ٿي سگهي، ٻيو ته جيڪا رقم استعمال ٿئي ٿي، سا پائيدار نموني استعمال نٿي ٿئي. اسان سرڪار کي اها ڳالهه گوش گذار ڪرڻ چاهينداسين ته اها هن معاملي کي ميرٽ تي آڻي بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل رقم کي واقعي به ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ کي ممڪن بڻائي.

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو