شاھ جي رسالي جي پهرين مڪمل اي بڪ ايڊيشن پنهنجي سالگره جي موقعي تي پيش ڪجي ٿي. انتساب ڪجه ئي وقت اڳ مون کان اها هستي جدا ٿي ويئي جنهن کان سواءِ زندگي جون سموريون خوشيون ٿر جي ڪنهن مارجي ويل هرڻ جي هراسيل ۽ اُداس اکين جھڙيون پيون لڳن. جنهن کان سواءِ زندگي هڪ جستجو، هن کي ڏسڻ جي، هڪ آس، هُن سان ملڻ جي. سو هن اي بڪ تي ڪيل سمورو پورهيو ارپيم اُن محبوب جي اڻمئي ياد کي.... رسالو ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو. http://sindhjoadab.blogspot.com/2016/01/blog-post.html
ادا توهان سهڻي ڪوشش ڪئي آهي ، الله پاڪ توهانکي وڌيڪ توفيق عطا فرمائي ، ان کان اڳ محترم ڪرشن ڪمار لوهاڻو طرفان هڪ بهترين پي سي سافٽويئر تيار ڪيو هيو جيڪو پڻ مونوٽ انسٽال ٿيل آهي ، توهان به سنڌ سلامت جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا
تمام وڏو فائل آهي ..... ان کي ننڍو ڪيو جيڪڏهن ورڊ ڪاپي هجي ته ايميل ڪيو، ان کي سيٽ ڪري اوهان ڏانهن موڪليندس ڀلي اوهان اپلوڊ ڪجو
رسالو ڊائونلوڊ ڪري ڏٺو آهي. اوهان جي ڪاوش ۽ محنت کي ساراهجي ٿو. رسالي ۾ صرف بيتن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. ڏکين لفظن جي معني موجود نه آهي.ڀلو ٿئي ها جيڪر اها معلومات به ڏيو ها ته رسالي ۾ ڏنل بيتن جي سمجهاڻي ڪنهن جي لکيل آهي. هڪ وضاحت ته شاھ جي رسالي جو پهريون اي بڪ ايڊيشن ماجد ڀرڳڙي ۽ سندس ساٿين جي ڪاوش آهي. هي آهي رسالي جي اسڪرين شاٽ