• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جا اقتصادي وسيلا

محمد ع سومرو

سينيئر رڪن
دوستو هن موضوع لاء ڪا مناسب جاء نه ملي ته زوري کڻي هتي ٽنبيو اٿمانس جيستائين سليمان وساڻ صاحب ۽ ذيشان رشيد صاحب کي رحم روح ۾ پوي جو سنڌ جي اقتصاديات جي باري ۾ ڪو چيپٽر ٺاهن

هن موضوع ۾ منهنجو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ چپي چپي جا اقتصادي وسيلا (جهڙوڪ معدني وسيلا، زرعي پيداوار، سير سياحت جون جايون) ۽ هنر ۽ منجهائن ڪهڙي ڪهڙي پيداوار آڻي سگهجي ٿي، ڳاڻاپي ۾ آڻجن۰ مثال طور ڪشمور ۾ جنڊيء جو هنري مرڪز آهي۰ جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ سارين جو فصل عام جام آهي جنهن منجهئون چانور جي پيداوار ته نڪري ئي نڪري پر سارين جي کل مان بُسي يا ڪٽي ٿئي ٿي يا وري ان مان چيپ بورڊ ٺاهي سگهجي ٿو۰ رني ڪوٽ (راڻي ڪوٽ جنهن کي انگريزئ ۾ لکڻ جي ڪري رني ڪوٽ چيو ويو) سياحت لاء آهي ته منجهس موجود پٿر ڪجھ معدنيات جي موجودگي جو ڏس ڏئي ٿو۰ راڻي ڪوٽ جي پويئون وري فؤاسل فاريسٽ آهي جيڪو سير سياحت جي جاء آهي۰ خيرپور ضلعي ۾ کارڪ عام جام ٿئي ٿي۰ کارڪ جا وري هرهڪ پيداواري ليول تي مختلف نالا آهن جيئن ڏوڪو، کارڪ، ڇهارو وغيرھ۰ کارڪ جي پن مان تڏيون ٺهن۰ اهڙي طرح سنڌ جي سامونڊي يا درياهي علائقن ۾ مڇئ جي پيداوار عام جام آهي۰

هتي ته مان ٿلهي ليکي ڪجھ ضلعن جي پيداواري صلاحيت جو لکيو آهي۰ ايئن هرهڪ دوست پنهنجي پنهنجي يا ڪنهنجي ڪنهنجي به ڳوٺ جي پيداواري صلاحيت ٻڌائيندو ته سنڌ جي اقتصادي انسائيڪلوپيڊيا ٺهي پوندي جيڪا وري ڪنهن سرندي واري کي ڪم ايندي جو هو ڪو ڪارخانو ھڻي سگهي ۽ سنڌ واسين کي روزگار ملي۰

دوستن کي گذارش آهي ته صحيح غلط يا موزون ناموزون جو خيال رکي بغير بهرو وٺن جيڪو پوء ڪنهن به مهل بهتر ڪري سگهجي ٿو۰

ڪڙو منجھ ڪڙي جيئن لوهار لپيٽيو
 
لک لائق... توهان طرفان ايندڙ مواد يقينن شاندار هوندو... توهان موضوع هن ئي سيڪشن ۾ موڪليو جلد ان سلسلي ۾ نيئن ڪيٽيگري جو اضافو عمل ۾ آندو ويندو...
 
منهنجو تعلق خيرپور سان آهي ۽ اتان جي پيدوار کجي ۽ کارڪون آهن، جنهن جو اوهان اڳ ئي ذڪر ڪري چڪا آهيو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
فقير بخت شر سائين هئ موضوع شايد توهانجي نظر مان نه گذريو هجي۰ منهنجي گذارش آهي ته توهان جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺ، تپي، تعلقي ۽ ضلعي جي پيداواري وسيلن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي۰
 
سائين بلڪل اهو موضوع اکين اڳيان نه گذريو هو پڙهڻ شرط توهان جي حڪم جي تعميل ڪريون ٿا .
اسان جو ڳوٺ ٺري ميرواه سوئي گيس روڊ جي تقريبا وچ تي آهي هنڊياري شهر جي تمام نزديڪ جنهن جو نالو ڳوٺ زوار شاهنواز شر آهي. ان علائقي يعني ٺري ميرواه ۾ تقريبا ٻه فصل ٿيندا آهن هڪ ڪڻڪ ٻيو ووئڻ باقي ڪو به ٻيو فصل قابل ذڪر نه آهي باقي تفريحي مقام ڪوبه نه آهي ڪابه شيءِ مان سمجھان ٿو اسان جي علائقي سان مخصوص نه آهي ڦٽين جو هڪ ڪارخانو سئي گيس يعني تقريبا اسان جي ڳوٺ کان پنجن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي باقي ٺري ميرواه جي ڦٽي جي حساب سان شايد هڪ ڪارخانو ڪافي نه هجي ، هڪ ڪارخاني جي ضرورت آهي جنهن کي منهنجي اندازي مطابق ٻن کان ٽي ساڍا ٽي هزار مڻ ملي سگھن ٿا باقي زمينون زبردست آهن ٻيا فصل به ٿي سگھن ٿا پاڻي ميرواه مان ايندو آهي اسان جي علائقي ۾ هڪ درگاه جيڪا صوفي غلام حيدر گوڌڙيو شر علي فولاد فقير شر جي به آهي جيڪا اسان جي ڳوٺ کان ستن ڪلوميٽرن تي آهي اسان جي علائقي ۾ شر .دستي، گوپانگ ، خاصخيلي، جوڳي (مسلمان) ملاح ويسر، شنباڻي وغيره رهن ٿا جن مان منهنجي سمجھ ۾ شر قوم تعليم يافته ۽ سٺن نوڪرين ۾ آهن .
سائين وڌيڪ ڪو سوال هجي ته خدمت ۾ آيون .
 
ٻيو اسان جي علائقي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪارخانو نه آهي. ڪم لاءِ ماڻهو تمام گھڻا موجود آهن .

سائين وڏي مهرباني توهان جو اِن پُٽ بيحد ڪارائتو لڳو۰ منهنجي التجا آهي ته جيئن مان توهان کي ڌيان ڏياريو ايئن جيڪڏهن توهان هن موضوع ۾ ٻين دوستن جو ڌيان ڇڪايو ته مهرباني ٿيندي۰ ڀلي ڪو ٺري مير واھ جو دوست ھجي تڏي به پنهنجي راء اسان کي ٻڌائي سگهي ٿو متان ڪا نئين ڳالھ ڪري۰
 
سائين اسان جي به تمام دوستن کي گذارش آهي ته ان ۾ پنهنجي معلومات آهر ونڊ ڪرايئن شايد ڪنهن جي روزي توهان جي ان ٻن لفظن سان کلي پوي ! سو دير نه ڪريو.
منهنجي نظر ۾ ٻه شين تي ڪم ٿئي ڀلو آهي هڪ ورزش ٻيو انشورنس. انشورنس ۾ حڪومت جي قانون ۽ سختي جي ضرورت آهي ڇو ته سوين ماڻهو روڊ حادثن ۾ مرن پيا ته ڪوبه واهر ڪرڻ وارو ناهي. ان حساب سان هر گاڏي جو لازما انشورنس ٿيڻ کپي ته جيئن مسافر جن کي ڪو نقصان پهچي ته ان جو پوراء ڪيو وڃي هاڻي اها حڪومت جي ذميداري آهي جو اهڙو قانون ٺاهي ان ۾ حڪومت کي به فائدو آهي. ورزش جو به ميدان خالي آهي ان تي ڪم ڪيو وڃي ته مال به ملندو نوجوان ورزش ۽ صحت سلامتي سان گڏ مصروف به رهندا. هاڻي ان ۾ ڪيترائي شعبا ٺاهي سگهجن ٿا پهريون خرچ ٿيندو مال ميڙبو سو اهي بهترين موقعا آهن
 
سائين بلڪل اهو موضوع اکين اڳيان نه گذريو هو پڙهڻ شرط توهان جي حڪم جي تعميل ڪريون ٿا .
اسان جو ڳوٺ ٺري ميرواه سوئي گيس روڊ جي تقريبا وچ تي آهي هنڊياري شهر جي تمام نزديڪ جنهن جو نالو ڳوٺ زوار شاهنواز شر آهي. ان علائقي يعني ٺري ميرواه ۾ تقريبا ٻه فصل ٿيندا آهن هڪ ڪڻڪ ٻيو ووئڻ باقي ڪو به ٻيو فصل قابل ذڪر نه آهي باقي تفريحي مقام ڪوبه نه آهي ڪابه شيءِ مان سمجھان ٿو اسان جي علائقي سان مخصوص نه آهي ڦٽين جو هڪ ڪارخانو سئي گيس يعني تقريبا اسان جي ڳوٺ کان پنجن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي باقي ٺري ميرواه جي ڦٽي جي حساب سان شايد هڪ ڪارخانو ڪافي نه هجي ، هڪ ڪارخاني جي ضرورت آهي جنهن کي منهنجي اندازي مطابق ٻن کان ٽي ساڍا ٽي هزار مڻ ملي سگھن ٿا باقي زمينون زبردست آهن ٻيا فصل به ٿي سگھن ٿا پاڻي ميرواه مان ايندو آهي اسان جي علائقي ۾ هڪ درگاه جيڪا صوفي غلام حيدر گوڌڙيو شر علي فولاد فقير شر جي به آهي جيڪا اسان جي ڳوٺ کان ستن ڪلوميٽرن تي آهي اسان جي علائقي ۾ شر .دستي، گوپانگ ، خاصخيلي، جوڳي (مسلمان) ملاح ويسر، شنباڻي وغيره رهن ٿا جن مان منهنجي سمجھ ۾ شر قوم تعليم يافته ۽ سٺن نوڪرين ۾ آهن .
سائين وڌيڪ ڪو سوال هجي ته خدمت ۾ آيون .

سائين توھان جو مٿيون مضمون وڻيو پر منھنجي گذارش اها آهي ته جيڪي دوست توهان جي سنگت ۾ آهن انھن کي توهان جي هتي ڪوٽ ڪيل ان پٽ وانگر پنھنجو ان پٽ ڏيڻ لاء همٿائيندا ته مھرباني ٿيندي۰
محمد خان سيال صاحب کي به ساڳي گذارش آهي۰
 
ارمان جنجهي سنڌ سلامت تي جي آيئُه

سائين بلڪل اهو موضوع اکين اڳيان نه گذريو هو پڙهڻ شرط توهان جي حڪم جي تعميل ڪريون ٿا .
اسان جو ڳوٺ ٺري ميرواه سوئي گيس روڊ جي تقريبا وچ تي آهي هنڊياري شهر جي تمام نزديڪ جنهن جو نالو ڳوٺ زوار شاهنواز شر آهي. ان علائقي يعني ٺري ميرواه ۾ تقريبا ٻه فصل ٿيندا آهن هڪ ڪڻڪ ٻيو ووئڻ باقي ڪو به ٻيو فصل قابل ذڪر نه آهي باقي تفريحي مقام ڪوبه نه آهي ڪابه شيءِ مان سمجھان ٿو اسان جي علائقي سان مخصوص نه آهي ڦٽين جو هڪ ڪارخانو سئي گيس يعني تقريبا اسان جي ڳوٺ کان پنجن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي باقي ٺري ميرواه جي ڦٽي جي حساب سان شايد هڪ ڪارخانو ڪافي نه هجي ، هڪ ڪارخاني جي ضرورت آهي جنهن کي منهنجي اندازي مطابق ٻن کان ٽي ساڍا ٽي هزار مڻ ملي سگھن ٿا باقي زمينون زبردست آهن ٻيا فصل به ٿي سگھن ٿا پاڻي ميرواه مان ايندو آهي اسان جي علائقي ۾ هڪ درگاه جيڪا صوفي غلام حيدر گوڌڙيو شر علي فولاد فقير شر جي به آهي جيڪا اسان جي ڳوٺ کان ستن ڪلوميٽرن تي آهي اسان جي علائقي ۾ شر .دستي، گوپانگ ، خاصخيلي، جوڳي (مسلمان) ملاح ويسر، شنباڻي وغيره رهن ٿا جن مان منهنجي سمجھ ۾ شر قوم تعليم يافته ۽ سٺن نوڪرين ۾ آهن .
سائين وڌيڪ ڪو سوال هجي ته خدمت ۾ آيون .

ھن نموني توھان به مھرباني ڪري اسانجي رھنمائي ڪيو
 
Back
Top