• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 12 جنوري2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پير پڳاري جھڙي ٻولي ڳالهائي آهي، اهڙي اميد ڪانه هئي: قائم عليشاه (خبر)
** ..گذريل 8 ورهين کان اوهان جي ڏيکاريل ڪارڪردگيءَ جي به عوام کي اميد ڪانه هئي (تبصرو)

* مير هزار خان بجاراڻي استعيفا ڏني (خبر)
** جت انڌير نگري چرٻٽ راجا هجي، اتي شريف ماڻهوءَ جو ڪهڙو ڪم؟ (تبصرو)

* سمورا منصوبا پنجاب لاءِ آهن، انڌا ناهيون، نه چريا آهيون: پرويز خٽڪ (خبر)
** پنجاب جي وزيراعظم نواز شريف کان، زرداريءَ وانگيان چڱائيءَ جي اميد اجائي آهي؟ (تبصرو)

* وفاق 49 ارب ڏيڻ کان نٽائي رهيو آهي: مراد علي شاه (خبر)
**جڏهن زرداري صدر هو تڏهن به سنڌ سان اهڙي جُٺ ٿيندي هئي (تبصرو)

* ٽيررزم کي 80 سيڪڙو اسان گھٽ ڪيو آهي: قائم عليشاه (خبر)
ٽيررزم اوهان گھٽ ڪيو يا رينجرز؟ پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي (تبصرو)

* زرداري، لاهور ۾ 50 اجتماعي شادين لاءِ 50 لک روپيا ڏنا (خبر)
** حق حلال جي پيسن مان امداد ڪجي ها ته بهتر هو(تبصرو)

* آبادگارن جي حمايت ۾ سيوهڻ کان نوابشاه تائين پي ٽي آءَ جي ريلي (خبر)
** جيتريون به ريليون ڪڍو، زرداريءَ تي اثر ڪونه پوندو (تبصرو)

*حڪومت رنگارنگي منصوبن تي خرچ ڪري رهي آهي: بلاول (خبر)
**.۽ سنڌ سرڪار وري سمورا وسيلا رنگارنگي ڪرپشن تي خرچ پيئي ڪري (تبصرو)
 
Back
Top