• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي موسيڪي جو زوال

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مظفر
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مظفر

سينيئر رڪن
خبر ناهي ته اسانجي قوم جو ڇا حال ٿيندو.زندگي جي هر شعبي ۾ ناڪا مي جو راڪاس نظر ايندو.تعليم ،صحت،هنر،موسيقي،نظريو،ڊراما،فلمون هر شئي ۾ اسين ٻين قومن جا محتاج ٿي پيا آهيون. جيڪو نئون فنڪار اچي ٿو شروعات ئي انڊيا جي ڳايل گانن سان ڪري ٿو ۽ پنجابي ٻولي کان ٿيندي وڃي سرائڪي تي دنگ ڪري ٿو.

ڇا سنڌ جي شاهوڪارتاريخ، ثقافت،ادب، شاعري،ڊراما،ناول نگاري انهن ڌارين ٻولين جي محتاج ٿي پئي آهي يا اسان اهو الزام به سامراجي قوتن تي هڻنداسين. هو ڏسو نوان سنڌي فنڪارسندن البم ۾ ڪي به ساز سنڌي ناهن رڳو ڌارين جوشور شرابو ،وري نوان ڪاميڊين (PK Sindhi) .آخر تخليقي ڪم اسان ڇو نٿا ڪري سگهون ائين ته پاڻ زوال ڏانهن پيا وڃون.
 
Back
Top