نوڪر به انسان هوندا آهن! شفيق شاڪر توهان مان گھڻن هي مشهورقصو ضرور ٻڌو هوندو ته هڪ ڏينهن ڪو مالدار شخص پنهنجي زال سان گڏ ماني کائڻ ويٺو ته دروازي تي ڪنهن سواليء ماني جي لاء صدا بلند ڪئي.مالدار شخص نوڪر کي سواليء کي اندر وٺي اچڻ لاء چيو. جڏهن سوالي اندر آيو ته هن ان کي پاڻ سان گڏ ويهاري ماني کارائي.جڏهن سوالي روانو ٿيو ته ان مالدار شخص جي زال روئڻ لڳي. مڙس کانئس روئڻ جو سبب پڇيو ته زال ٻڌايو ته اهو سوالي جيڪو هتي آيو هو اهو منهنجو اڳوڻو مڙس هو .هو تمام مالدار هو . هڪ ڏينهن اسين ماني کائي رهيا هئاسين ته ساڳيء طرح هڪ سواليء کاڌي جي لاء صدا هنئي پرمنهنجي مڙس انهيء کي ڪجھ خيرات ڏيڻ بدران کيس جوتا هڻي در تان ڊوڙائي ڪڍيو. ڪجھ ئي عرصي ۾ سڀ مال ۽ دولت هلي ويئي جنهن کان پوء هن مون کي به زوريء طلاق ڏيئي گھر مان ڪڍي ڇڏيو جنهن کان پوء منهنجي توسان شادي ٿي ويئي.آئون روئان انڪري ٿي ته وقت جي گردش هن جا ڪهڙا برا حال ڪري ڇڏيا آهن جو هو ماني ٽڪر لا در در جا ڌڪا کائي رهيو آهي! مڙس زال جي ڳالھ ٻڌڻ کان پوء چيو ته اهو سوالي جنهنکي ڌڪا ڏيئي هن در تان ڊوڙائي ڪڍيو هو سو ڪو ٻيو نه پر آئون ئي هئس! هاڻي هتي هڪڙوٻيو قصوبه بيان ڪيون ٿا جيڪو اسان جي هن سماج ۾ روزانو نظر ايندڙ هڪ حقيقت آهي. ٻه پڙهيل لکيل ۽ مالدار زال ۽ مڙس هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ کاڌو کائڻ داخل ٿين ٿا.ساڻن گڏ سندن ٻارن جون ٻه آيائون به آهن.پاڻ ٽيبل تي ويهي گپ شپ ڪندي کاڌي جو انتظار ڪن ٿا ۽ پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي آيائن جي حوالي ڪن ٿا جيڪي انهن ٻارن کي ڪڇ ۾ کڻي پوري هال جي وچ ۾ بيٺل نظر اچن ٿيون.سمجھ ۾ نٿو اچي ته اهي اڳ۾ ئي گھران ماني کائي هنن سان گڏ روانيون ٿيون آهن يا هتان موٽي وڃي گھر ماني کائينديون! پر جيڪا شيء سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي سا اها ته انهن کي ويهڻ جي لاء ڪرسيء جي ضرورت به محسوس نٿي ڪئي وڃي۽ هوٽل ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ هر ماڻهو انهن ڏانهن ڏسي اڳتي وڌي ٿو وڃي.ان قسم جا ئي نام نهاد پڙهيل ۽ سڌريل ماڻهو انساني بنيادي حقن ۽ عورت جي عظمت جي باري ۾ تقريرون ڪندي نه ٿڪندا آهن.پر قدرت ۽ حالتن جن ڪمزور ۽ لاچارن کي سندن رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي انهن جي باري ۾ انهن جي سوچ ۽ رويو ڪيترو غيرانساني آهي انهيء جا منظر توهان کي اهڙين هوٽلن ۽ سماجي گڏجاڻين ۾ سرعام نظر ايندا.ڪوڙي معيار،رتبي ۽ سماجي درجن جي انهن پوڄارين کي پاڻ کان سواء سمورا انسان ڪيڙا ماڪوڙا محسوس ٿين ٿا.اها تعليم،اها تهذيب ۽ اها سماجي سجاڳي ڪهڙي ڪم جي جيڪا ٻئي انسان کي پنهنجو غلام تصور ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿي.انهيء کان ته اها جهالت ۽ اها غربت لکين درجا بهتر آهي جنهن ۾ گھٽ ۾ انسان کي انسان سمجھڻ جو تصور هجي.توهان جيڪڏهن پنهنجن خادمن کي ڪنهن ميز تي ماني کارائڻ کان ايترو ئي محتاج آهيو ته پوء انهن کي اهڙن موقعن تي گھٽ ۾ گھٽ پاڻ سان گڏ وٺي ته نه وڃوجو ڪو انهن جو تماشو ته نه اڏائي سگھي. ڪجھ ماڻهن حضرت علي ڪرم ﷲ وجه جن جي اڳيان اهو ذڪر ڪيو ته پئسو ۽ اختيار ماڻهوء کي تبديل ڪريو ڇڏي.پاڻ فرمايائون ايئن ناهي پر اصل ۾ پئسو ۽ اختيارماڻهوء جي لڪيل ڪردارکي اگھاڙو ڪري ٿو ڇڏي. ڪيڏي نه جامع ڳالھ فرمائي ويا.يعني ڪنهن انسان کي پرکڻو آهي ته جڏهن هن وٽ پئسو ۽ اختيار اچي وڃي ته پوء خبر پوندي ته هن ماڻهوء جو ظرف ڪيترو آهي.اسان جي معاشري ۾ نوڪرن سان جيڪو غيرانساني رويو اختيار ڪيو ويندو آهي انهيء تي ڪنهن کي به ذري جي شرمساري نه ٿيندي آهي ۽ اسان انهن کي ڪريل مخلوق ۽ پنهنجوغلام سمجھندا آهيون.نوڪرن کي گار گند ڪرڻ ۽ انهن کي جسماني سزائون ڏيڻ به اسان جي نام نهاد سڌريل معاشري جو روزمره جو معمول بڻجي چڪو آهي.اهو سرنديء وارو طبقو جيڪو وڏيون وڏيون فلاحي ۽ سماجي انجمنون به هلائي ٿو.خير خيراتون ۽ زڪوات جا چيڪ به ميڊيا جي سامهون ورهائي ٿو پر ڪجھ خوش نصيبن کي ڇڏي ڪري باقي ايترا ته بدنصيب آهن جن جي روزاني ظلم جو نشانو بڻيل خادم ۽ نوڪر صبح سانجھيء انهن جي مرڻ جون دعائون گھرندا آهن ۽ هر وقت انهن کي دل ئي دل ۾ بددعائون ڏيندا آهن.انهن سڌريلن ۾ اهي يورپ ۽ آمريڪا جا پڙهيل لکيل جاهل به آهن جيڪي انساني برابري ۽ سماجي مساوات جا ليڪچر ته خوب ڏيندا آهن پر سندن پنهنجي عملي زندگي مجموعي طور تي انساني آدرشن ۽ اخلاقي قدرن کان بلڪل خالي نظر ايندي آهي.اهي پنهنجن ڪتن سان جيتروپيار ڪندا آهن ان پيار جو هڪ سيڪڙو به سندن خادمن جي حصي ۾ نه ايندو آهي.شايد انهن کي اها هوڏ هوندي آهي ته اهو مال،دولت ۽ اختيار سدائين وٽن رهندو پرضروري ناهي ته اهو سڀ ڪجھ سدائين وٽن رهي. پر فرض ڪيون ته اهو سڀ ڪجھ سڄي زندگي وٽن رهيو به سهي پر اهي موت جي راڪاس کي ته هرگز شڪست ڏيئي نٿا سگھن. پوء ان کان وڌيڪ بدقسمتي ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي جو ڪروڙن جا خزانا ڇڏڻ باوجود مرڻ پڄاڻان ڪنهن مسڪين جي چپن تي انهن لاء ٻه لفظ دعا جا به نه هجن! ڪاش انهن ۾ اهو احساس پيدا ٿي پوي ته نوڪر به انسان هوندا آهن. روزاني جيجل 12 جنوري 2016ع