ڪجھ سوالن جا جواب گھرجن ٿا

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ فقير بخت شر طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2016۔

  1. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    1_ پاڪستان جي قانون ۾ اقليتن مان ڇا مراد آهي يعني فقط غير مسلمان اقليتون آهن يا ٻيا به اقليتن ۾ شمار ٿين ٿا ؟آرٽيڪل نمبر سان گڏ ايڊريس ضرور ڏيندا ته جيئن صحيح تحقيق ڪري سگھجي.
    2_ ڇا ڪنهن به آرٽيڪل ۾ اقليتن جا نالا ورتا ويا آهن مثال هندو عيسائي وغيره؟
    3_ ڇا پاڪستاني قانون مطابق اقليتن کي اهو حق آهي ته اهي پنهنجا پرسنل قانون(شادي طلاق وصيت متعلق قانون)ٺاهي حڪومت کي ڏين ته جيئن حڪومت ان مطابق انهن جي مسئلن کي حل ڪري؟
    4_ ڇا پاڪستاني قانون مطابق اقليتن کي اهو حق آهي ته اهي پنهنجي پرسنل مسئلن کي حل ڪرڻ لاء قانون ٺاهين ۽ هڪ پنهنجي دين مان اهڙو ماڻهو پيش ڪن جيڪو انهن جي دين کان مڪمل ڄاڻ رکندو هجي ۽ قانون جو به ماهر هجي پو ان کي جج طور حڪومت کي پيش ڪن ته جيئن حڪومت ان کي انهن لاءِ جج مقرر ڪري ؟ جيڪڏهن نٿا ڪري سگھن ته ڇو؟ ڪهڙو آرٽيڪل انهن کي ان کان روڪي ٿو؟

    دوستن جي مهرباني ٿيندي جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب ڏين
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    اسان جو قانون ڪنهن ٻئي ٻولي ۾ هجڻ جي ڪري اهو مخصوص ٿي ويو آهي وڪيلن ۽ پوليس سان. هر ملڪ جو قانون ان ملڪ جي ٻولي ۾ هوندو آهي جنهن جي ڪري اهو قانون هميشه ترقي ڪندو رهندو اسان ئي اها غلام قوم آهيون جنهن جو قانون ئي الائي ڪهڙي ٻولي ۾ آهي وري تعجب آهي جو وري ان غلامي تي فخر به ڪريون ٿا بجاي سنڌي جي انگريزي ٻولي ڳالهائيندي فخر به محسوس ڪريون ٿا هڪ دفعي اسان جي غريب مائٽ صرف ها چوڻ جي ڪري ڪجھ عرصو جيل ۾ رهي آهي جنهن جوسبب اهو جو وڪيل ۽ جج انگريزي ڳالهائي آخر ۾ جج رڳو همراه کان پڇو ها ائين آهي هن چيو جي سائين ....
    مون کي سمجھ ۾ نه ايندو آهي ته جيڪي قانون قومي ۽ صوبائي مجلس شورا ۾ ٺهن ٿا اهي وڃن الائي ڪيڏانهن ٿا ؟ اهي ڪهڙي ٻولي ۾ پاس ٿيندا آهن؟ عوام تائين ڪهڙي ٻولي ۾ پهچندا آهن ؟ يا پاس ڪندا ڪورٽن ۽ ٿاڻن تائين پهچائيندا آهن.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    دوست جيڪڏهن قانون جي مختلفن بابن جا سنڌي ۾ ترجما ڪن ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو پر اهو هرهڪ جي وس ۾ به نه آهي ڇو ترجمو اهو ڪري سگھي ٿو جيڪو قانوني اصطلاحن ۽ قانون جي ٻولي کان صحيح واقف هجي. جيڪڏهن ڪو اهڙو آهي ته هاڻي سان ئي بسم الله ڪري.
    اسلامي حدود جو ترجمو ٿيل آهي سنڌي ۾ باقي جيڪي باب ناهن ٿيل انهن جو ڪجي ته سنڌي قوم لا اها هڪ وڏي خدمت آهي .
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    توهان جون ڳالهيون موقعي مھل جون آهن۰ ڏاڍيون وڻيون۰
     
  7. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
     
  8. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 36، اقليتن جي حق جي ۽ انهن جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ نمائندگي بابت آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ادا توهان آرٽيڪل جي ڳالهه ٿا ڪريو مطلب آئين جي ته پاڪستان جي آئين ۾ آرٽيڪل 175 کان 212 تائين سڀ ججن جي مقرري بابت آهن. هي آرٽيڪل ڪنهن به اقليت کي پاڪستان جي سپريم ۽ هائي ڪورٽ جي جج ٿين کان نه ٿو روڪي،پر ها چيف جسٽس صرف مسلمان ئي ٿي سگهي ٿو اهو ان ڪري جو پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 2 ۾ لکيل آهي ته پاڪستان اسلامڪ رياست هوندي ان ڪري ان جي انتظامي ادارن جا سربراه مسلمان ئي ٿي سگهن ٿا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ۽ راڻا ڀڳوانداس سپريم ڪورٽ جو جج ٿي گذريو آهي.
    جي ها اقليت جا نمائندا صوبائي ۽ وفاقي اسيمبلين ۾ پنهنجن حقن بابت قانون سازي ڪري سگهن ٿا،اقليت جون ۽
    عورتن جون سيٽون به قانون ۾ رکيل آهن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    اقليت جي ڊيفينيشن شايد آئين ۾ ڪونھي۰ ضروري ناهي ته مذهبي طور تي ٿورائي وارا ئي اقليت شمار ٿين۰ ملڪ ۾ رهندڙ چائنيز به ته اقليت چئي سگهجن ٿا۰
    مذهبي يا نسلي يا ڪنهن به طرح ٿورائي وارا اقليت چئبا۰ اها وضاحت آئين ۾ ھجڻ گھرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    جيڪي عوامي نمائيندا حلف هي ڌاري ٻولي ۾ کڻن ٿا وزير ۽ جج به ڌاري ٻولي ۾ کڻن ٿا توهان جي سنڌي ۾ قانون لکندا ته انهن جو ڪاروبار متاثر ٿيندو ۽ هو توهان جا دشمن ٿي پوندا
     
  13. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    اقليت مان مراد اهي پاڪستان شهري جيڪي مسلمان نه آهن،باقي جيڪي ٻاهرين ملسن جا شهري پاڪستان ۾ آباد آهن،انهن کي قانوني طور پاڪستان جا شهري نه ٿو سڏجي سگهجي ۽ نه ئي اهي قانون سازي ڪرڻ جو حق رکن ٿا اهي پناه گير اهن جيستائين پاڪستان جي شهرين ٿا وٺن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    مون چائنيز جو مثال ايئن ڏنو جيڪي چائنيز اوائل ۾ هتي لڏي آيا گھڻا ته انھن مان ڪراچئ ۾ ڊينٽسٽ آهن ۽ اهي هتان جا شهري آهن۰ مان اهو مثال ڇڙو اڪيڊمڪ سبب لاء ڏنو هو
     
  15. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس راڻا ڀڳوان داس رهيو آهي جيڪو هندو هو ـ
     
  16. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    راڻا ڀڳوانداس نگران چيف جسٽس رهيو آهي،نگران ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به ان ڪري جو هو ئي ان وقت سپريم ڪورٽ جو سڀ کان سينئر جج هو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    راڻا ڀڳوان داس نگران چيف جسٽس کان علاوهه، پوءِ باقاعدگيءَ سان سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو ۽ پنهنجو مُدو مڪمل ڪيائين ـ قانوني ماهرن جو خيال هو ته 1973 جي آئين موجب، غير مسلمان سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿي سگھي ٿو ـ اوهان وري پڪ ڪندا ته مهرباني ـ
     
  18. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    جي بلڪل هو چيف جسٽس رهيو هو پر ان وقت 2007 ۾ پرويز مشرف ان وقت جي چيف جسٽس کي جبري طور هٽائي ڇڏيو هو،ان وقت ملڪ ۾ بحران هلي رهيو هو،پرويز مشرف جا قدم غير قانوني هئا،پر غير مسملمان چيف جسٽس مقرر ڪرڻ هڪ الڳ موضوع آهي،منهنجي خيال ۾ ته عورت توڙي غير مسلمان کي اِهو حق ملڻ گهرجي،راڻاڀڳوانداس پهريون غير مسلمان چيف جسٽس آهي.حالانڪه افتخار چوڌري کي هٽائڻ پڻ پرويز مشرف جو غير قانوني قدم هو.۽ جڏهن جيستائين پرويز مشرف هو تيستائين افتخار چوڌري کي عهدي تي بحال نه ڪيو ويو غ ان کان پو پيپلزپارٽي ٍجي حڪومت ۾ هو واپس عهدي تا آندو ويو.
     
  19. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    جسٽس ايم آر ڪياني اڳ ۾ چيف جسٽس ويسٽ پاڪستان يعني هاڻوڪو پاڪستان، رهي چڪو آهي 1958 کان 1962 تائين ـ راڻا ڀڳوان داس کي ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ کيس فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو 5 ورهين لاءِ چيئرمن مقرر ڪيو هو ۽ انهيءَ دوران هن سي ايس ايس جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان مان علائقائي ٻولين جو پرچو يعني مکيه سنڌي مضمون ختم ڪرائڻ جي ٻه ڀيرا ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ حڪومت کي لکي به موڪليائين پر حڪومت سندس اهڙو مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ـ پوءِ، هن اعلان ڪيو هو ته شاگردن کي علائقائي ٻولين يعني سنڌي جي پرچن ۾ ضرورت کان وڌيڪ نمبر ملن ٿا جيڪي ميرٽ جي خلاف آهن، سي اسان گھٽ ڪنداسون ۽ هن ائين ئي ڪيو هو جنهن ڪري ڪيترن سنڌي اميدوارن جا نمبر گھٽجي ويا ۽ هو مجموعي طور ڪامياب نه ٿي سگھيا ـ اهڙا ڪجھه نالا مون وٽ موجود آهن ـ سارا تفصيل ڪاوش اخبار ۾ تڏهن شايع ٿيا هئا، اخبار کان اوهان پڪ ڪري سگھو ٿا ـ
    ڊان اخبار لکيو هوته:
    He was the first Hindu and the second non-Muslim head of Pakistan’s judiciary and had been a Supreme Court judge since Feb 2000.
    http://www.dawn.com/news/1165390
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جون 2016
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    جي بلڪل هي پهريون هندو ۽ ٻيو غيرمسلمان چيف جسٽس رهيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو