محمود مغل هٿ ۾ شناختي ڪارڊ جهليو، هُو بيوسيءَ سان مون ڏانهن نهاري رهيو هو.منهنجو قد اهو ئي ننڍڙو هو. پنهنجو ”قد و قامت“ مان اڃا تائين وڌائي ناهيان سگهيو. الاءِ چاهيم يا الاءِ نه، پر بهرحال سوال ڪري ئي وڌو مانس....”ڇا ڪندا آهيو؟“... ”بنگلي تي ڪم ڪندو آهيان، صاحب جَي..“ سندس مک اهو ئي بي جان هو... ڪو به تاثر سندس منهن تي نظر نه پئي آيو. مون سندس ڪارڊ ڏانهن نهاريو، ”هن جو ڇا ڪريان؟...“ ”رکي ڇڏيو... سڀاڻي پئسا کڻي ايندس... في الحال ڪونهن. ڌيءَ کي تپ ڏاڍو تيز آهي... دوا ته گهرجي ٿي نه...“ مهيني جي چوٿين تاريخ هئي ۽ سندس کيسي ۾ شربت وٺڻ جا ”پنجويهه“ رپيا نه هئا... پگهار هلي وئي سيڌي جي دڪان تي... ”هٿ ۾ ڪجهه ڪونهيم صاحبَ... ڪارڊ رکو... سڀاڻي پئسا ڏئي کڻي ويندس..“ هيءَ ڪهاڻي ڪا نئين ڪانهي صاحبانِ زمانا... پنهنجي حال جي اوهان سڀ ڀليءَ ڀت ”ڄاڻ“ رکو ٿا... هلندڙ دور ۾ صورتحال اها آهي ته ڪل ٻه درجا آهن... يا مٿانهون يا هيٺانهون... وچولو درجو ڪو آهي ئي ڪونه... يا ته ماڻهو امير آهي يا غريب... ”مڊل ڪلاس“ ته رڳو اصطلاحن ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ رهجي ويو آهي... ”وائيٽ ڪالر“ يعني اڇو ڪالر، ميرو ٿي ويو آهي. معاشيات ۽ اقتصاديات جا ماهر ڪاغذ ڪارا ڪري رهيا آهن...”جي هيئن ٿيندو ته هونئن ٿيندو ۽ هونئن ٿيندو ته هيئن ٿيندو“ جي ڪلام کي بار بار ڳايو ٿو وڃي.ٻڌايو وڃي ٿو ته هن اصطلاح جي معنيٰ ”هيءَ“ آهي... ۽ هن مان هي هي فائدو ٿيندو... ٻڌڻ پنهنجيءَ جاءِ تي آهي.. ”هئڻ“ جو ته وري درجو ئي ٻيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عقل و خرد دنگ رهجي ويندا آهن، عزيزانِ من! جڏهن ڪنهن اهم ”ڳنڌڻ“ جي قيمت گهٽ ٿيندي آهي، پر وري به ڪو فرق ناهي پوندو... حالتون اهي ئي ساڳيون رهنديون آهن. لڳندو آهي ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه... اهو اعلان محض اعلان هو. ان تي عمل دخل به صرف ڪتابي ئي آهي. اسان وٽ اهو سڀ ڏاڍو عام آهي، قيمت وڌي ته هڪدم اثر پئجي ويندو. گهٽي ته ڪو فرق ڪو نه پوندو. هوڏانهن پيٽرول جي قيمت چڙهي ناهي، هيڏانهن ڀاڙو وڌيو ناهي، جي ڀاڙو وڌيو ته عام واهپي جي شين جي قيمت به چڙهي... مطلب...غريب جي ڪلهن تي بار اڃا به وڌي ويو.ٽرانسپورٽرن جي ”مُڇَ جو تاءُ“ پنهنجي جاءِ تي سلامت رهندو، بلڪه اڃا وڌندو، غريب جي ڪنڌ جي حالت وڌيڪ ”ٽيڙي“ ٿي ويندي. حسن اتفاق سان، جي ڪڏهن پيٽرول جي قيمت ڪِري ته ڪڏهن غور ڪيو اٿوَ ته ڪو به فرق ناهي پوندو. وڌيل ڀاڙا هيٺ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. جي ڪنهن صاحبِ حيثيت سان ڳالهائبو ته ورندي ملندي، ”پندرهن ڏينهن جو کيل آهي، هاڻي وري قيمتون چڙهنديون. ڪو هر واري ڪرنديون ڇا...؟ پوءِ انهن پندرهن ڏينهن لاءِ ڇو اهو مٿي جو سور کنيو وڃي... آخر اسان هيڏو سارو اسٽاڪ گهاٽي ۾ ته ڪو نه کڻنداسين نه...“ مخلوقِ خدا، عجيب گهاڻي ۾ پيڙجي رهي آهي. عام مزدور جي ڏهاڙي ٽي سئو رپيا آهي... يعني چار جمعا (Fridays) ڪڍي... ڇويهن ڏينهن جا ست هزار اٺ سئو روپيا... اهو ته کيس ڪم ملڻ سان مشروط آهي... ۽ جي هو ڪنهن ٺيڪيدار جي ور چڙهيل هجي ته کيس اڍائي سئو رپيا ڏهاڙي ملي ٿي، جيڪي وڃي ”ساڍا ڇهه هزار روپيا مهينو“ بيهن ٿا... ڇاڪاڻ ته ”پنجاهه روپين جي في ڏهاڙي ته سائين ٺيڪيدار صاحب غريب به لهڻن ٿا. عام رازو پنج سئو رپيا ڏهاڙي وٺي ٿو... جيڪو به تقريبن تيرهن هزار رپيا مهينو ٺهي ٿو. ٺيڪيدار جي تعاون سان وري اهو ساڍا چار سئو روپين جي ڏهاڙيءَ تي به لهي اچي ٿو. مطلب... اهو به ”يارنهن هزار ست سئو رپيا“ گهر کڻي وڃي ٿو. هڪ عام ڏهاڙيءَ وارو، رڪشا ۽ ٽيڪسي ڊرائيور، مالڪ جو ٺيڪو ڪٽي، تقريبن ٽي سئو رپيا گهر کڻي وڃي ٿو. ريڙهيءَ وارو اڍائي کان ٽي سئو روپيا ڪمائي ٿو... مڪينڪ، ويلڊر، ڪاريگر، درزي، ڪڙهائيءَ وارا... انهن جو حال ڪجهه بهتر هو ته سندن چيلهه وري لوڊشيڊنگ ”ڀڃي“ وڌي آهي .خلقِ خدا جو عام ماڻهو. هڪ مهيني ۾ ساڍن ڇهن هزارن کان، نوَ هزار رپين جي اپت جي عام ڪمائي آهي. جنهن کي اسين. ستهتر کان هڪ سئو پنج ڊالر في مهينو اپت چئي سگهون ٿا. اهي سڀ جيڪي علم و دانش جا پيڪر آهن، اهو سڀ ڀليءَ ڀت پروڙي سگهن ٿا ته ڪمائيءَ جو اهو ”درجو“ دنيا ۾ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ هاڻي اهو سڀ ائين هوندي ٿورو خرچ تي نگاهه وجهون ٿا... گهر ۾ جي گهر وارو، زال ۽ ٻه ٻار هجن.. معنيٰ چار ڀاتين جو ڪٽنب هجي. ۽ في ويلو خالي پاءُ اٽي جو کائين، يا انهن جا ڦڪَ هڻن ته به ٽي ڪلو اٽو ته روز گهرجي ئي گهرجي ٿو... معنيٰ، مهيني ۾ ٽيهه ڪلو اٽو... بنان ڳوهڻي، بنان گيهه تيل جي... خالي پاڻيءَ سان ڦڪجي ته به هڪ سئو پنجاهه رپيا في پنج ڪلو جي بيگ جي قيمت سان، رڳو نوَ سئو رپين جو ته اٽو ئي ٿي ٿو وڃي... پر هاڻي وري غير عملي ڳالهه آهي، ان ڪري اسين ٻين لوازمات تي به نگاهه ضرور وجهنداسين. چار ماڻهن جي ڪٽنب لاءِ عام رواجي طور تي ڇا ڇا ٿو گهرجي. اٽو.... تقريبن ٽيهه ڪلو... قيمت 9 سئو روپيا... کنڊ ٻه ڪلو.... قيمت هڪ سئو ويهه روپيا... چانهن جي وڏي پڙي ... قيمت هڪ سئو روپيا. گيهه ...ٻه ڪلو.... قيمت ٻه سئو چاليهه رپيا... جي داليون ئي وٺڻيون آهن ته دال مڱ هڪ سئو ٽيهه رپيا ڪلو، چڻا 60 روپيا ڪلو، دال مسور هڪ سئو رپيا ڪلو ملي ٿي... مطلب... سورنهن سئو سٺ روپين ۾ خالي سيڌو پوي ٿو، ۽ جي ڀاڄي ورتي وڃي ته چار ماڻهن جي ٻن ويلن جي ڀاڄي تقريبن سٺ رپيا کائي ٿي وڃي... معنيٰ ارڙهن سئو روپيا اهي ٿي ويا... جنهن ۾ اسان اڃا هڪ سئو نوي رپيا ڪڪڙ جي گوشت جو ڪلو ناهي رکيو... ٻاڪري يا ڳائي گوشت جي ته ڳالهه ئي نه ٿا ڪريون... رڳو عام کاڌ خوراڪ ۾ ئي ساڍا ٽي هزار ختم ٿي وڃن ٿا... مٿان وري بجلي جا بل، جاءِ جي مسواڙ، دوا درمل، ڇا ڇا نه ٿو ٿئي.. ڪڏهن ڪڏهن ته جسم جي مير لاهڻ لاءِ صابڻ وٺڻ به ڏکيو ٿيو پوي. اهي رڳو چار ڄڻا ئي ته نه ٿا هجن... ماءُ پيءُ ...ٻيا گهر وارا.. اٺ ڏهه ڀاتي ٿيو ئي وڃن. جهان هلائي مٿيون ٿو... پروردگار ئي رزق مهيا ڪري ٿو ۽ ان ئي ان جو واعدو ڪيو آهي... پر دنيا جي حوالن سان غور ڪرڻ لاءِ به اسان کي هن ئي حڪم ڪيو آهي. ڇا اسان ان جي خبر رکون ٿا...؟ پنهنجو پاڻ کي وڏو علم جو اڪابر سمجهندو آهيان مان... پر سچي ڳالهه ته اها به آهي جو مان به هر مهيني بل جا پئسا موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ مون کي به اها خبر ناهي هوندي ته ڪهڙي شيءِ ڪيتري ۾ پوي ٿي...؟ اڄوڪو ”حال دل“ اوهان کي ٻسو ٻسو لڳي به سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن قيمتن جي مون کي خبر ڪو نه هئي ۽ اها معلومات به مون پاڻ وٽ ڪم ڪندڙ نديم کان ورتي آهي. جڏهن مون جهڙو ”هٿ ٺوڪيو ڏاهو“ بي خبر آهي ته ٻين لاءِ ڇا عرض ڪري سگهجي ٿو. ”دوا جي قيمت“ نه هئڻ جي احساس، منهنجا واڄٽ وڄائي ڇڏيا... پنهنجي ڪريل قد کي سنڀاليندي مون کيس ڪارڊ واپس ڪيو ۽ دوا ڏئي چيم، ”هي کڻي وڃو... ٻارڙن جو تپ لهڻ گهرجي..“ پنهنجن ڪلهن تان ڪجهه بار لهندو محسوس ڪيم، پر پنهنجن اجاين سوالن جي شرمندگي، منهنجو هٿ اڃا جهليو بيٺي آهي... اوهان صاحب حيثيت آهيو... صاحب دل آهيو... يقينن سوال ڪرڻ کان آجا آهيو، پر ڇا غريب جي ”حيثيت جي بيماريءَ“ لاءِ دوا آڻي سگهو ٿا؟ ڇا هن بجيٽ ۾ اهڙو ڪجهه ڪري سگهو ٿا، جو سڀاڻي ڪير پنجويهه روپين لاءِ پنهنجو ڪارڊ رکرائي نه وڃي. mehmoodmughal@hotmail.com ڪاوش