خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 13 جنوري2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڪپتان منهنجو نالو مولا جٽ رکيو آهي، سو خوشي اٿم: مولابخش چانڊيو (خبر)
** جنهن کي مولوُ ڄٽ سڏائڻ تي خوشي ٿئي تنهن تي ڪهڙي ميار؟ (تبصرو)

* نواز سرڪار ٿرپارڪر ۽ عمر ڪوٽ کي سئي گيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو (خبر)
** نواز شريف سرڪار جو وس پڄي ته سنڌين جو ساهه ئي نپوڙي وٺي (تبصرو)

* هاڻ عدالتون اهڙيون ڪونهن جيڪي مغلن جي دور ۾ هيون: سپريم ڪورٽ (خبر)
** ...پر مغلن جي دور جي نشاني، قائم عليشاه ته اڄ به اسان وٽ موجود آهي (تبصرو)

* عالم، اسلام جي نالي دهشتگردي ڪرڻ وارن کي سڌي رستي تي آڻن: قائم علي شاه (خبر)
**.....۽ سياست جي نالي ۾ کربن جو مال لُٽيندڙ ڀلي دبئيءَ ۾ پيا عيش ڪن (تبصرو)

* سنڌ جي اسپتالن جي نجڪاريءَ خلاف احتجاج (خبر)
** نجڪاري نه ٿيندي ته دبئي مال ڪيئن پهچندو؟ (تبصرو)

* الطاف کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو(خبر)
** سڀ ڏيکاءُ! برطانيا، موت جي سزا ڏيندڙ ملڪ کي پنهنجو شهري نه ڏيندي آهي (تبصرو)

* نواز ليگ جي نيت تي 100 سيڪڙو اعتبار ڪونهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
** .....۽ آصف زرداريءَ جي نيت تي؟(تبصرو)
 
Back
Top