• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چشما ـ جهلم لنڪ ڪينال جنرل يحى خان جي دور ۾ ٺهيو هو، شهيد ڀٽي جي دور ۾ نه

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
پنجاب ۾ چشما ـ جهلم لنڪ ڪينال ٻئي ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل يحى خان جي دور ۾ ٺهيو هو ۽ اهڙو لنڪ گوگل سرچ ۾ به موجود آهي جيڪو مون اڳ ڪيترا ڀيرا فيس بوڪ تي ڏنو آهي پر اسان وٽ هڪطرفي پروپئگنڊا ايڏي ته شديد آهي جو ڪير به سچائي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ اٽلندو سنڌي قومپرست ته پنهنجي عادت موجب گارگند ، بدتميزي ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ کي پنهنجو قومي حق سمجھندا رهن ٿا ـ
اڄ 13 جنوري 2016 تي سنڌ ايڪسپريس ۾ جاويد قاضيءَ جو مون ڪالم پڙهيو ۽ افسوس ٿيو ـ سندس اها دعوى آهي ته چشما ـ جملم لنڪ ڪينال شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٺهيو ، سو غلط آهي ـ محترم جاويد قاضي ٿوري تڪليف ڪري سرچ ڪري ها ته کيس سچائي معلوم ٿي وڃي ها ـ

ٿورا ڏينهن اڳ، يوسف لغاريءَ ڪاوش ۾ لکيو هو ته سال 1972 ۾ اردوءَ کي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو هو جيڪو نسورو ڪوڙ ۽ بدديانتي تي ٻڌل هو ـ مون اڳ به ڪيترا ڀيرا لکيو آهي ته سال 1972 واري ايڪٽ ۾ سنڌي ٻولي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي. بعد ۾ سخت هنگامن کانپوءِ وضاحتي آرڊينسس مجبوريءَ وچان جاري ڪيو ويو، ان ۾ ڄاڻايو ويو ته اردو اڳ ۾ ئي قومي ٻولي آهي، ان کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچندو ـ جڏهن ته سنڌيءَ کي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏيڻ واري حيثيت اڄ به بحال ٿيل آهي.
سوال آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪجهه دوستن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي وير يا نفرت آهي ته هو ان جو کليو اظهار ڪن، هروڀرو تاريخي حقيقتن کي نه مروڙين ـ حيرت آهي ته چشما ـ جهلم لنڪ ڪينال ٺاهڻ جي باري ۾ اڳ امداد اوڍي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ۽ وري جڏهن شاهه محمد شاهه پ پ پ کي ڇڏي ڏنو هو ته هن به ساڳي ڳالهه ڪئي هئي ۽ هاڻ واري محترم جاويد قاضي اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته ٽنهي جون دعوائون غلط آهن ـ ٻئي طرف، يوسف لغاريءَ جي دعوى به بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ايئن ٿيندو آهي. ڪن منصوبن جي شرعات هڪڙا ڪندا آهن ۽ ان جي تڪميل ٻيا ڪندا آهن ، ڄشما جهلم ڪئنال جي رٿا. ممڪن آهي جنل يحيى جي دور ۾ ٿي هوندي پر اهو ڇو ٿو وساريو وڃي ته ان لااهو چيو ويندو رهيو ته سنڌو ۾ جڏهن وافر مقدار ۾ پاڻي ٿيندو (يعني ٻوڏ جي وقت ۾ ان ڪئنال ۾ پاڻي وهايو ويندو. ان جي ابتڙ ٻارهو ئي ان ڪئنال کي وهائڻ جو فيصلو جناب ڀٽي صاحب جو هو. ۽ ان ڪئنال جي تڪميل به ان دور ۾ ٿي . مهربان سائين جيڪڏهن ان منصوبي کي سنڌ خلاف سمجهيو وڃي ها ته ان ڪئنال ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جو اصولي فيصلو ڪيو وڃي ها. ان ڳالهه کي ڪهڙي مجبوري چوندا؟ توهان جنهن کي ڊڪيٽر سڏيو ، ان کي ته ڀتي صاحب لاڙڪاڻي ۾ اقتدار ملڻ کان اڳ م شڪار پئي ڪرايا. تاريخ لڪي ڪا نه ٿي سگهي . يحيى جيڪا اليڪشن ڪرائي ، ان ۾ سڄي ملڪ مان مجيب الرحمان جي پارٽي اڪثريت ۾ کٽيو هو. حقيت پسند هجو ها ته ان جو ڃق تسليم ڪري ان کي اقتدار ڏيو ها نه ڪي جنرلن سان ساز باز ٿي سول مارشل لا ائڊمنسٽر ٿي اقتدار وٺو ها. توهان لکيوآهي ته ”سال 1972 ۾ اردوءَ کي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو هو جيڪو نسورو ڪوڙ ۽ بدديانتي تي ٻڌل هو ـ مون اڳ به ڪيترا ڀيرا لکيو آهي ته سال 1972 واري ايڪٽ ۾ سنڌي ٻولي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي. بعد ۾ سخت هنگامن کانپوءِ وضاحتي آرڊينسس مجبوريءَ وچان جاري ڪيو ويو“ ها اها ڳالهه صحيح آهي پر جنهن کي اوهان ”مجبوري“ چئو ٿا اها مجبوري نه پر مصلحت هئي، مڃي به کڻي وٺجي ته مجبوري هئي ته اوهان ٻڌايو ته ان وقت جي وزير اعظم ڪراچي ۾ اچي اهو زباني اعلان ڇو ڪيو ته سنڌ ٻه لساني صوبو هوندو۽ اهو به چيو ته وزيراعلي سنڌي ۽ گورنر اردو اسپيڪنگ هوندو، جيڪا روايت اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو ته 1972ع واري ايڪٽ مطابق اڪيلي سنڌي ٻولي صوبائي ٻولي آهي. ته ڇا بقول اوهان جي مجبوري وچان جاري ٿيل وضاحتي آرڊيننس جي اڇا تائين ايڏي اهميت آهي جو ايڪٽ کي پاسيرو ڪيو ويو آهي؟پو گهڻا دفعا پي پي اقتدار ۾ آئي آهي ، ان تي عمل ڇو نٿو ڪرايو وڃي. ڇا اقتدار ۾ اچڻ ۽ قانون ٺاهڻ ان پارٽي جو ڪم آهي باقي عمل ڪو ٻيو اچي ڪرائيندو؟ مهرباني ڪري ”غلطي“ کي ”مجبوري“ جو نالو نه ڏيو.
 
سائين...اوهان جو تبصرو پڙهي افسوس ٿيو ـ جيڪو موضوع هجي، ان تي ڳالهائجي ۽ هروڀرو معاملي کي غير ضروري طور نه منجھائجي. هت معاملو چشما ـ جهلم لنڪ ڪئنال جو آهي ـ ممڪن نه...... پر تاريخي حقيقتون آهن ـ اوهان تڪليف ڪريو ۽ ڪتاب کوليو ته ان جو افتتاح به جنرل يحى خان ڪيو هو ـ 1972 جي وضاحت جيڪا ڪئي وئي سا مجبوري انهيءَ ڪري هئي جو اهي سڀ ڳالهيون منهنجي اکين اڳيان ٿيون هيون ـ شهر ۾ ڪرفيو هو ـ مان تن ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان نيوز ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندو هوس ۽ روزاني هلال پاڪستان ۾ به ـ مان ڪرفيو دوران پنڌ پي آءِ بي ڪالونيءَ کان ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ ڊينسو هال ـ بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ يعني هلال پاڪستان آيو هوس. سنڌين جا قتل وغيره ڪراچيءَ ۾ ٿيا ...ممڪن آهي ته پوءِ به مصلحت، اوهان جي نظر ۾ هجي پر جيئن ته مون هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ اهي ڳالهيون اکين سان ڏٺيون آهن، تنهن ڪري لکيون اٿم پر اوهان ته ڌُڪي تي هلو پيا ـ مهرباني ڪري آئيندي منهنجي پوسٽنگ تي ٽه دي پوائنٽ ڊسڪس ڪريو ۽ هروڀرو غير ضروري معاملا کڻي اصل موضوع تان ڌيان نه هٽايو ـ باقي اوهان کي انهن مسئلن تي الڳ پوسٽنگس ڪرڻيون آهن ته ڀلي ڪريو، مون کي ڪهڙو اعتراض؟
 
Back
Top