سنڌڙي جو جاکوڙينڌڙ صحافي اسدشر
شھبازشر/سنڌڙي
دل چيو تہ سچ چوڻ واري جي ساراھ ۾ تون بہ ڪجھ لکُ
اھي صحافي جيڪي صحافت کي پنھنجو فرضُ سمجھي سچون خبرون ۽ اسٽوريون ٻين تائين پھچائن ٿا انھن مان سنڌڙي جو صحافي اسدشر بہ ھڪُ آھي ، اسدشر ڪيتريئي وقت کان صحافت جا پيشا نڀاھي رھيو آھي اسد شر سنڌھ جي وڏي چينل آواز ٽي وي نيٽورڪ سوڀ اخبار ۽ سوشل ميڊيا تي ميرپورخاص ڊيويزن جي وڏي نيوز سنڌڙي نيوز جو رپورٽر آھي، اسدشر 2007 عيسوي کان صحافت ۾ پيرپاتو پر اڃا تائين تمام بھترين نموني سان پنھنجا فرض نڀائي رھيو آھي ،اسدشر جون اخبارن ۾ سچون خبرون شايع ٿيڻ تي ۽ ٽي وي چينلن تي اسٽوريون ھلڻ کانپوء ڪيترائي چڪر پوليس ۽ سرڪاري اعليٰ عملدارن طرفان ڌمڪيون ملنڌيون رھنديون آھن، پر اڄ بہ دلير صحافي اسد شر پنھنجي زبان سان سچ چوندو رھيو آھي