تون ڪاله به هوئين ارعونن سان، ترخانن سان غدارن سان، مون ڪاله به سوري سينگاري هئي، هوشو هيمون پارن سان، 1؛ تو حاصل هئا القاب ڪيا، ڪئين ڪاله به ڀاڙيا ڀاڙي تي، تون ڪاله به تن سان ڪٺي هئين، جي ڌاريا آيا ڌاڙي تي، مون ڪاله به ساٿ ڏنو هو سوچي، سنڌو جي سچارن سان. 2؛ تو ڪاله به ڳاڙها لال اسان جا، ڪونڌر ڪئين ڪهايا هئا، تو ڪاله به جيجل جا ته جگر، ڪئين ٽانڊن تي ٽهڪايا هئا، مون ڪاله به تو سان جهڙو جهيڙيو، نيزن سان تلوارن سان. 3؛ تون روڳي روپ وٺي هت آئين، ڪاله به قاضي قاضن جو، ءِ بابو نائون مل چنيسر، ڄام فيروزي پارن جو، مون ڪاله به روپا دٻي مياڻي، جهڙيو گڏ جونجهارن سان. 4؛ ٿو اڄ به توکي چورن سان گڏ، چوڪي تي چوبند ڏسان، ءِ جيجل جي جلادن سان، ٿو حاضر تو هر هنڌ ڏسان، ءِ اڄ به منهنجي جنگ آ جاري، غدارن تو پارن سان. 5؛ تون اڄ به قومي غيرت کي، پيو عام هتي نيلام ڪرين، ءِ جيجل جي جهولي ۾ ٽانڊا، اڄ پيو تون جام ڀرين. مون ڪاله وڙهيو هو گورن سان، ءِ اڄ وڙهان ٿو ڪارن سان. 6؛ اڄ به ڏوٿين ڏنڀ ڏيڻ لاءِ، تنهنجو ساڳيو رهزن رنگ، ”منشي“ وقت وصولي وٺندو، پوندا ويرين واجهن ونگ، مان اڄ به آزادي لئه ٻيڙيون، پائي بيٺس يارن سان.
تون ڪاله به هوئين ارعونن سان، ترخانن سان غدارن سان، مون ڪاله به سوري سينگاري هئي، هوشو هيمون پارن سان، تو حاصل هئا القاب ڪيا، ڪئين ڪاله به ڀاڙيا ڀاڙي تي، تون ڪاله به تن سان ڪٺي هئين، جي ڌاريا آيا ڌاڙي تي، مون ڪاله به ساٿ ڏنو هو سوچي، سنڌو جي سچارن سان. تو ڪاله به ڳاڙها لال اسان جا، ڪونڌر ڪئين ڪهايا هئا، تو ڪاله به جيجل جا ته جگر، ڪئين ٽانڊن تي ٽهڪايا هئا، مون ڪاله به تو سان جهڙو جهيڙيو، نيزن سان تلوارن سان. تون روڳي روپ وٺي هت آئين، ڪاله به قاضي قاضن جو، ءِ بابو نائون مل چنيسر، ڄام فيروزي پارن جو، مون ڪاله به روپا دٻي مياڻي، جهڙيو گڏ جونجهارن سان. ٿو اڄ به توکي چورن سان گڏ، چوڪي تي چوبند ڏسان، ۽ جيجل جي جلادن سان، ٿو حاضر تو هر هنڌ ڏسان، ۽ اڄ به منهنجي جنگ آ جاري، غدارن تو پارن سان. تون اڄ به قومي غيرت کي، پيو عام هتي نيلام ڪرين، ۽ جيجل جي جهولي ۾ ٽانڊا، اڄ پيو تون جام ڀرين. مون ڪاله وڙهيو هو گورن سان، ۽ اڄ وڙهان ٿو ڪارن سان. اڄ به ڏوٿين ڏنڀ ڏيڻ لاءِ، تنهنجو ساڳيو رهزن رنگ، ”منشي“ وقت وصولي وٺندو، پوندا ويرين واجهن ونگ، مان اڄ به آزادي لئه ٻيڙيون، پائي بيٺس يارن سان. واھ واھ تمام بهترين......