اولاد جا تمام حق

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    پيءُ پڻي جو مقصد صرف اهو ناهي ته رڳو جتائجي. پر اولاد جا تمام حق پورا ڪري بيهجي ته ٺيڪ اتان پيءُ پڻو شروع ٿيندو آهي.
    مڙس ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي غيرت ڄمائڻ کان وڌيڪ ان جي حفاظت به ڪرڻ سمجھي ۽ ڪري پوءِ هو ڇو پنهنجي پاڻ کي غيرتمند سڏائي؟ کيس سڄو لوڪ سڏيندو.
    قومي ڳاله اهو ڪري جيڪو فرد جي حساب سان پنهنجي گھرٻار، برادري ۽ سماجي بيهڪن ۾ هڪ ذميوار شهري به هجي ۽ قومي حساب سان هو قوم جي گھرج بڻجي وڃي.
    ۽ مان نوٽ ڪيو آهي ته:
    هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو سڄو ڏينهن هوٽلن تي پراين چانهين تي يخي هڻي ۽ گھر ۾ پنڊيءَ تي نالو به نه هجيس،
    ڪَوڪِڙي، ڪُتئي، جُواري ۽ ٻين جي معاملن ۾ هروڀرو چيچون وجھندڙ ماڻهو جنهن جي گھرواريءَ کي مٿي ۾ سُور هجي ۽ هو اسپرين جي گوري نه وٺي ڏيس،
    ۽ سرواٽن تي بنا منطق جي قومي لاڏا ڳائيندڙن، ٺلهي بحثابحثي ۽ زباني مُٺ هڻندڙ بي پيشي ماڻهن، نام نهاد پيئرن ۽ بد غيرت مڙس ماڻهن جي ئي ڪري اسان سڀ هتي بدحاليءَ جو شڪار آهيون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو