حيدرآباد ڪينٽونمينٽ بورڊ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    حيدرآباد ڪينٽونمينٽ بورڊ اختيارين ڪچي آبادين ۾ڪرپشن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا:ليز بند:ڄم ۽ موت سرٽيفڪيٽ به مسئلو بڻيل
    حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ڪنٽونمينٽ بورڊ اختيارين پنهنجي حدن ۾ ايندڙ ڪچي آبادين ۾ ڪرپشن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، سنگل اسٽوري (هڪ ماڙ جي عمارت) تي 15 کان 20هزار، ڊبل اسٽوري تي 30 کان 40 هزار ۽ 3 ماڙ عمارت تي 40کان 50 هزار رشوت جي اوڳاڙي جاري، علائقي واسي بنيادي انساني حقن کان به محروم 10 سالن کان ليز به بند، جڏهن ته 10 سالن کان بورڊ جون چونڊون نه ٿيڻ ڪري ڪچي آبادين ۾رهندڙ ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ، ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ موت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ به پريشانيون پيش اچي رهيون آهن، ان حوالي سان علائقي واسين محمد حنيف خان، عبدالعزيز، عطامحمد، محمد شريف، عبدالرحيم ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسين پاڪستان ٺهڻ بعد ڪچي قلعي، ممتاز ڪالوني ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ رهندا آهيون پر ڪينٽونمينٽ بورڊ اختيارين اسان جا سمورا انساني حق غضب ڪيا آهن، هنن چيو ته اسان وٽ 50 سالن کان فرد حقيقتون آهن پر پوءِ به اسان جا گهر ريگيولرائيز نه ٿا ڪيا وڃن، جنهن جو مک سبب ڪرپشن آهي، هو ٻڌائين ٿا ته ڪينٽونمينٽ بورڊ جي لينڊ شعبي جو عملو سمورين ڪچين آبادين ۾ ڪا به عمارت اڏجڻ جي صورت ۾ پئسن جي اوڳاڙي ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪ ماڙ جي اڏاوت تي 15 کان 20 هزار، 2 ماڙ تي 30 کان 40 هزار، جڏهن ته 3 ماڙ عمارت تي 40 کان 50 هزار رپيا رشوت وصول ڪئي وڃي ٿي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪينٽونمينٽ جي حدن ۾ ايندڙ ڪچين آبادين ۾ هزارين گهر آهن، جتي روزانو ڪيتريون ئي عمارتون ٺهن ٿيون، ڪينٽونمينٽ بورڊ وارا اتي پهچي رشوت وصول ڪن ٿا، هنن چيو ته گذريل 10 سالن کان بورڊ ۾ ليز تي پابندي آهي، مٿان وري 10 سالن کان بورڊ جون چونڊون نه ٿيڻ ڪري اسان کي جيڪڏهن سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ تصديق ڪرائڻي آهي ته 17هين گريڊ جو آفيسر ڳوليون ٿا، جڏهن ته ڄم توڙي موت جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ به ڌڪا کائڻا پون ٿا، هنن گهر ڪئي ته ڪچين آبادين کي ريگيولر ڪري بنيادي حق ڏنا وڃن، هنن چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ پاران ڪچين آبادين کي ريگولر نه ڪرڻ جو هڪ سبب ڪرپشن آهي، ڇاڪاڻ ته ڪينٽونمينٽ بورڊ پاران نوان گهر اڏڻ تي پابندي آهي، جنهن بابت ڪو به قانوني رستو نه ڏنو ويو آهي، اهڙي صورت ۾ ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجو گهر ٺهرائڻو آهي ته هو بورڊ جي عملي کي پئسا ڏئي ٿو، جنهن بعد ئي هو گهر جي اڏاوت ڪري سگهي ٿو، هنن چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ جي اعليٰ عملدارن کي انهي ڪرپشن بابت آگاهه پڻ ڪيو ويو آهي پر تنهن هوندي به رشوت جو سلسلوجاري آهي. هوڏانهن ڪينٽونمينٽ بورڊ حيدرآباد جي حدن ۾ ايندڙ علائقن شاهه فيصل ڪالوني، ڪچي قلعي ۽ ممتاز ڪالوني جي رهواسين پاران جوڙيل ڪچي آبادي ايڪشن ڪاميٽي پاران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي هڪ درخواست اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ رهواسين موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪينٽ جي حدن ۾ اچڻ ڪري اسان جا بنيادي حق غضب ٿي رهيا آهن، ان ڪري کين بلديا حوالي ڪيو وڃي، اهڙي درخواست کي سپريم ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ايڇ آر سي نمبر 2009/ 2– 1769 جاري ڪيو آهي.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو