اختر حفيظ ملڪ ۾ داعش جي موجودگي

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ملڪ ۾ داعش جي موجودگي


    اختر حفيظ

    روسي فوجون جڏهن افغانستان ۾ وڙهي رهيون هيون، تڏهن انهن کي شڪست ڏيڻ لا ان وقت جي آمر ضيا امريڪا کان پئسا ۽ هٿيار وٺي انهن خلاف ويڙهه ڪئي، هزارين اهڙا ڪرائي جا ويڙهاڪ هئا جن کي جهادي چيو ويو ۽ آمر ضيا سموري دنيا کي اهو ٻڌائيندو رهيو ته اسلام خطري ۾ آهي، ان ڪري اسان جي ملڪ مان پئسن تي ماڻهن کي افغانستان موڪليو ويو، جتي انهن روسي فوجن خلاف ويڙهه ڪئي. پر سوويت يونين جو ٽٽڻ رڳو انهي ويڙهه جي ڪري نه ٿيو هو بلڪه اهو پنهنجي ٻين گهرو مسئلن جي ڪري به ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. جنهن جو وڌ کان وڌ فائدو امريڪا کي ٿيو ڇاڪاڻ ته انهي وقت دنيا ٻه قطبي مان تبديل ٿي وري هڪ قطبي ٿي وئي ۽ امريڪا سموري دنيا جو لٺ سردار بڻجي ويو.
    انهي وقت به اسان جي ملڪ ڊالر ڪمايا پئي ۽ وري جڏهن اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جو زمانو آيو جنهن پنهنجو پاڻ کي لبرل ۽ روشن خيال جنرل طور پيش ڪيو، انهي جا ڀاڳ ڀلا هئا جو امريڪا ۾ 11/9 وارو واقعو ٿي ويو ۽ پو هن طالبان کي مارڻ جو ناٽڪ رچايو، جڏهن ته اصل ۾ پاڪستان انهي وقت به طالبان جي محفوظ پناهه گاهه هو. جنهن جو اهم ترين مثال اهو آهي ته طالبان جو اهم ترين اڳواڻ اسامه اسان وٽ ئي موجود هو ۽ انهي جو ڪمپائونڊ ڪٿي هو، انهي جي نشاندهي ڪرڻ لازمي ناهي ڇاڪاڻ ته سڀن کي خبر آهي ته اهو ڪنهن جي نڪ هيٺ رهيو پيو هو. انهي وقت به اسان جو ملڪ پئسا ڪمائي رهيو هو.
    تازو ئي ڪجهه وقت کان سموري دنيا ۾ جنهن انتهاپسند تنظيم ٻڙڌڪ مچايو آهي، اها آهي داعش. جيڪا هن وقت عراق ۽ شام ۾ تمام گهڻي متحرڪ آهي. انهي تنظيم جو دائرو ته ايترو ته وسيع ٿي چڪو آهي جو يورپ جي ملڪن مان به انهي تنظيم ۾ ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن. جنهن تي سموري يورپ کي ڳڻتي به آهي پر اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. انهي جو ڪم هڪ پاسي ته ماڻهن کي مارڻ آهي ۽ ٻئي پاسي معاشي طور پاڻ کي سگهارو ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ داعش گهڻو ڪري تيل جي کوهن تي قبضو ڪرڻ کي بهتر سمجهندي آهي. جنهن ڪري اها پنهنجا معاشي معاملا هلائيندي آهي ۽ انهي کان سوا اسلام جا خدائي خدمتگار به ڪئين پيا آهن جيڪي انهي جي غيرمشروط مدد ڪندا رهندا آهن، ائين انسانيت جو رت گهٽين ۾ وهندو رهي ٿو.
    پاڪستان ۾ داعش جي وجود جي حوالي سان ڪئين سوال اٿندا رهيا آهن ۽ چوڌري نثار جهڙا گهرو وزير بنا ڪنهن تفصيل ۾ وڃڻ جي رڳو ايترا فرمائندا آهن ته داعش جو پاڪستان ۾ ڪوبه وجود ناهي. جنهن کي اسلام آباد ۾ ويٺل ملان عبدالعزيز کان ايترو خوف محسوس ٿيندو آهي جو ان کي گرفتار ڪرڻ لا ڪوبه ثبوت نٿو ملي. بس ايترو چئي جان ڇڏائي ويندي آهي ته هن ڪيو ڇا آهي جو کيس گرفتار ڪيو وڃي.
    پنجاب سدائين دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ اڳرو رهيو آهي، جتي لشڪر جهنگوي کان وٺي، جماعت الدعوت دعوى ۽ طالبان جا ٽولا سدائين موجود رهيا آهن پر تنهن هوندي به پنجاب ڪڏهن به انهن کي چٿڻ لا ڪوششون نه ڪيون آهن، بلڪه انهن کي رستي ته ڀٽڪيل ڀا چئي ڪک رکيا ويا آهن. جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ته انهن کي پنهنجو نظرياتي ساٿي چوندو رهيو آهي. ظاهر آهي جڏهن دهشتگردن ۽ انتهاپسندن لا اهڙي قسم جو نرم رويو رکيو ويندو ته پو انهن کي ڪهڙو خوف آهي ته اهي پنهنجون ڪارروايون ڪرڻ کان ڪيٻائيندا هجن. انهن کي جڏهن حڪمرانن ۽ سندن همدردن پاران ڪلين چٽ مليل آهي ته پو اهي پنهنجي ڪم کي جاري ئي رکندا ايندا.
    ڪجهه وقت کان اسان جي شهرن جي ڀتين تي داعش جا نعرا لکيل نظر ايندا رهيا آهن، ايستائين جو انهن جون ڀرتيون به ظاهر ٿيون آهن. پنجاب ۾ داعش ۾ شامل ٿيندڙ جون انگ 100 ٻڌايو ويو پر انهي تي ان ڪري اطمينان جو اظهار ڪيو ويو جو اهو انگ تمام گهٽ آهي. پنجاب جي حڪمرانن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سئو ماڻهو هن وقت داعش ۾ شامل ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو انگ اتي ئي بيهي رهيو ۽ ڪنهن به تنظيم ۾ شامل ٿيڻ يا انهي کي ٺاهڻ لا شروعات ته هڪ ماڻهو کان ئي ٿيندي آهي. جرمني جي آمر هٽلر جڏهن نازي پارٽي ٺاهي هئي ته انهي وٽ ته هزارن جي انگ ۾ ماڻهو شامل نه هئا. اهي ڪجهه ئي ماڻهو هئا ۽ پو اها ئي پارٽي جرمني جي حڪمران جماعت بڻجي وئي جنهن جا لکين چاهيندڙ هئا. نيٺ هٽلر هڪ اهڙي چري بلا بڻجي ويو جيڪو سموري دنيا کي تباهه ڪرڻ لا نڪري پيو.
    خبرون ته اهي به آهن ته داعش ۾ پاڪستان مان ڀرتيون ڪيون ويون آهن، فاٽا ۾ پناهگيرن واري ڪئمپن مان ماڻهن کي 30 کان 50 هزار رپيا ماهوار تي ڀرتي ڪيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو رڳو اتي دنگ نه ڪندو بلڪه اڃا به جاري رهندو. افغانستان ۾ انهن ماڻهن پاران تربيت وٺڻ جو سلسلو به جاري آهي. جيڪڏهن اڄ اسين رڳو انهي انگ کي نظرانداز ڪري مطمئن ٿي رهيا آهيون ته سڀاڻي اسان جي حڪمرانن کي سمجهه ۾ ئي ڪونه ايندو ته وقت گذرڻ سان اهو انگ ايترو وڌي ڪيئن ويو.
    ماڻهو ڇو اهڙين تنظيمن ۾ وڃي ماڻهو مار مهم ٿي لڳي رهيا آهن، انهي جو هڪ سبب ته ماڻهن پاران پنهنجن معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ آهي، ۽ ٻيو سبب عالمي سطح تي اهڙن ماڻهن کي استعمال ڪري انهن طاقتن کي تباهه ڪرڻ آهي جن کي امريڪا يا ان جا اتحادي اڃا تائين گوڏا کوڙائي نه سگهيا آهن. پر جنهن ملڪ ۾ اسين رڳو ٻين خلاف وڙهڻ جون برڪتون ۽ فضيلتون پڙهائيندا هجون، ٻارن کي هڪ اهڙو نصاب پڙهايون جنهن ۾ انهن کي "لهو گرم" رکڻ جي تربيت ڏيندا هجون، مسلمان کي ڇڏي باقي ٻين ماڻهن کي انسان ئي نه سمجهون ۽ انهن جي ذهنن ۾ مسلڪ جي بنياد تي زهر ڀريندا رهون ته پو اتي ماڻهو داعش ۽ طالبان جي ٽولن ۾ ئي شامل نه ٿيندا ته ٻيو ڪيڏانهن ويندا.
    اڄ جيڪڏهن نواز شريف ملڪ کي لبرل پاڪستان بنائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته هن کي اهي ڏينهن نه وسارڻ گهرجن، جڏهن هن پاڻ کي ملڪ جو امير المومنين بنائڻ ٿي چاهيو. اسٽيبلشمينٽ کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته اها افغانستان ۾ پنهنجو ڪهڙو ڪردار نڀائيندي رهي آهي. تباهه ٿيل افغانستان ۾ ڪنهن جو ڪيترو حصو رهيو آهي، انهي جي شاهدي هاڻوڪي تاريخ به ڏئي ٿي. هاڻ اسين دشمن جي ٻارن کي پڙهائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته اسين اهو ڇو وساري ويٺا آهيون ته جيڪي اڄ اسان جا دشمن آهن، اهي اسان جا ئي ٻار هئا. اهي هن ملڪ جا ئي ٻار هئا جن کي پڙهڻ نه ڏنو ويو. هاڻ دشمن جي ٻارن کي پڙهائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ۽ ملڪ جي تعليمي نظام جي حالت اها آهي ته ماڻهو پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ بدران ڪنهن مدرسي ۾ داخل ڪرائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اتي ان جي مالڪي ڪئي وڃي ٿي ۽ اهڙو ته دماغ ۾ گند ڀريو وڃي ٿو جو اهو اسان جي سماج کان ئي لاتعلق ٿيو وڃي ۽ انهي کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو.
    تنهنڪري هي ئي وقت آهي جو پنجاب کي اکيون پٽڻ گهرجن ۽ ملڪ کي ڪنهن وڏي مصيبت کان بچائڻ لا هاڻي کان ئي ڪوششون ڪري ته جيئن داعش پاران ٿيندڙ تباهي کان پاڻ کي بچائي سگهجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حق لکيو ويو آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو