آدرش نوٽس فرام مورو 1

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽس فرام مورو 1

    آدرش

    مارننگ واڪ تان موٽندي، ريڙهي واري محمد عمر شيخ کان، مَٽ وارا گرم گرم بهه وٺي ڀڀ ۾ وجهندو، گهر آيم مس ته درُ کڙڪيو. اک ڦڙڪي. من ڌڙڪيو. ٻاهر نڪتم ته دلبر ماڻهو ڊاڪٽر رفيق احمد ڏهر بيٺو هو. دوست پيهي در آيو ته آڌر ڪيومانس. ملڻ کان پوءِ پنهنجي سونهاريءَ تي هٿ ڦيرائيندي چوڻ لڳو: ” سائين! منهنجي پٽڙي فياض احمد کي سَنَدَ ملندي سو ڪيڊٽ ڪاليج وارن تقريب رکي آهي، سو اوهان به سانگهڙ هلو ته گهمي اچون.“
    مان به نکمڻو. ويچار آيم ته يارَ! سانگهڙ ۾ کلڻو يار، منفرد فڪشن رائيٽر امر لغاري رهندو آهي. منهنجي سار لهندو آهي. سانگهڙ گهمي وڃڻ جي دل سان آڇ ڪندو آهي. ڌڻيءَ جو نيڪ بندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجو ڪهاڻي ڪتاب ” نادَ وارو“ مڪائين. جنهن ۾ وڻندڙ ۽ من کي ڇُهندڙ ڪهاڻيون آهن. امر صاحب وٽ پختو فن ۽ سٺي ٻوليءَ جو، ٽوپيءَ تي ڪاوَن جهڙو چمڪندڙ جڙاءُ آهي.
    سائين امر لغاريءَ جي دعوت اکين تي رکيم پر حُرن جا حال ڏسي، حالي سانگهڙ وڃن جو ڀُوتو ڀانئين نه سگهيم.

    ***
    چوندا آهن ڪنهن جو کلڻ خواري ته ڪنهن جو روئڻ به راحت. مون کي پنهنجو روئڻ ۽ فلمن ۾ اداڪاره نئير سلطانا جو راحت ڏيندو آهي. کلڻ ۾ اداڪار فردين خان، اداڪاره پريٽي زنٽا، ليکڪن ۾ امر لغاري ۽ اشرف علي سمون ڏاڍا وڻندا آهن. هنن جو کلڻ مون کي گرجا ۾ وڄندڙ گهنٽين وانگر لڳندو آهي. گهنٽيون وڄڻ سان من جو مرادون پوريون ٿي وڃن.
    امر لغاري ۽ اشرف علي سمون ۾ مزاح (Sense of Humour) ڪُوٽ ڪُوٽ ڪي ڀريل آهي. سٺي مزاحيا جملي ۽ لطيفي مان مزو وٺي، دل کولي ٽهڪ ڏيندا آهن.
    اشرف علي سمون صاحب ٿر جو مانائتو اُستاد هئڻ سان گڏ هڪ سٺو ليکڪ به آهي. هن جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن. هن جي ڪتاب ” ٿر- هڪ تشريحي ببليوگرافي“ کان سواءِ ٻه ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ عبدالحليم شرر صاحب جو ”تاريخ سنڌ“ ۽ ٻيو ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو ”اسلام ۾ عورتن جا حق“ شامل آهي. ٽيلي ويزن تي ذاڪر نائيڪ کي ڏسندو آهيان ته ائين لڳندو اٿم ته ويچارو اسلام… اسلام ڪري، اسلام جي ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويو آهي.
    سائين اشرف علي سمون گودڙيءَ ۾ لڪل لعل آهي. ادب جو جلال آهي. ٿر جو ڪمالُ آهي. هر ڪتاب حلال آهي. سائين اشرف علي سمون کي پنهنجي اباڻي شهر ”سلام ڪوٽ“ جنهن کي اسان ”اسلام ڪوٽ“ ڪري ڇڏيو آهي، ۾ ڏاڍي سٺي لائبريري آهي. هو ڪتابن جو اهڙو عاشق آهي جيئن مجنون ليليٰ جو عاشق هوندو هو. پيٽ تي پٿر ٻڌي، ويلو ٽاريندو ۽ ڪتاب وٺندو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد، شاعرن علامه محمد اقبال ۽ مرزا اسد الله ”غالب “ جو شيدائي آهي. تاريخ ۽ آتم ڪهاڻي هن جا محبوب موضوع آهن.
    سائين اشرف علي سمون جي لائبريريءَ ۾ ناميارا ماڻهو پنهنجا سدورا پير گهمائي، سٺا ۽ سهڻا ڪتاب ڏسي پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪري ويا آهن.

    ***

    ماڻهوءَ ۾ ( Sense of Homour) به قدرتي تحفو هوندو آهي. گهڻا ماڻهو ان شئي کان وانجها هوندا آهن. هنن جا روبوٽ چهرا (Blank Faces) هوندا آهن. سدائين سندن چهرن تي اونهاري جي ٽاڪ منجهند جا اڍائي وڄندا آهن. انهن لاءِ شادي به ساڳئي ڳالهه ته گذاري ويل جو تڏو به ڳالهه ساڳي. موبائيل ۾ آيل لطيفو به ائين پڙهندا ڄڻ پنهنجي بيمار جوءِ لاءِ، ڊاڪٽر جو لکيل دوائن جو پرچو ٿا پڙهن.
    ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ اديب، ڪلين شيوڊ، صفا ائين ڄڻا ڪالڪا مندر جو ٻائو هجي، عربي اُٺ وانگر ايندو. منهن اهڙو ڪندو ايندو ڄڻ هوڙ ۾ سور هُجيس.
    اديب وري اهڙو جو، اردوءَ مان خليل جبران جو ننڍڙو ناول ترجمو ڪيائين ته اُهو به ائين جيئن اسان جا ڪرڙا پراڻي وقت ۾ ڳالهائيندا هيا ” مين تمهاري گهر آيا ٿا پر ڪڙو ڏنو پيو هو.“ وري آغا سليم صاحب جو هڪ ناول سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ اهڙو ترجمو ڪيو اٿائين جو ان کي آخري صفحي کان پڙهبو ته ڪجهه سمجهه ۾ ايندو. ڀاڳن سان هن جو سيڻ سٺو شاعر آهي ته وري ڌيءُ ۽ ڄاٽو به شاعر آهن. ٻاهر داد نه ملين ته گهر ۾ ئي ايڪتا مشاعرو ڪندا آهن.
    ان اديب جي اندر ۾ وڏو اديب ويٺل آهي سو جتي ملي، اهو ئي پُڇي : ”سائين! مون اوهان کي ڪاٿي ڏٺو آهي؟“ مون کان عمر ۾ وڏو عقل جو جڏو، سو لحاظ ڪندي، هر گهمري ادب سان تعارف ڪرايان. ٻيو ڪهڙي ڌوڙ پايان. هن جي ان روش ڪڪ ڪري ڇڏيو هو.
    هڪ ڏينهن رمپا پلازا ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيم. رزاق سهتو صاحب سيڪريٽري هجي. گڏجاڻي اڃا شروع نه ٿي هئي. مان ڪرسيءَ تي پنهنجي ڏوري کي زور ڏيڻ لڳم جو صدر ۾، پيهه ۾ هڪ ٿلهي زائفان اهڙو هنڌائتو ڪلهو هڻي وئي جو سور ٿي پيو. نڀاڳ سان منهنجي ڀڪ واري ڪرسيءَ تي اهو اديب اچي ويٺو. عينڪ لاهي، شيشا صاف ڪري، وري اکين تي کوپا چاڙهي، مون ڏي تڪي ڪري پڇڻ لڳو: ” سائين! مون اوهان کي ڪٿي ڏٺو آهي؟“
    منهنجو به سورڪري هانءُ سڙيو پيو هو. هي وري ڀرسان هانوَ تي ڳوڙهو بڻجي، ڀرسان ويهي، ويهون ڀئرو ساڳيو سوال ڪيائين سو توائيءَ مان چيومانس: ” سائين! برابر اوهان مون کي ڏٺو آهي.“
    ”ڪٿي؟“
    ”مان اڳهئون ون-ڊي بس ۾ ويٺو هيم. اوهان نمائش واري اسٽاپ وٽان چڙهيئو. اوهان بس ۾ بواسير جي علاج جا پرچا ورهائڻ شروع ڪيا سو هڪ پرچو مون کي ڏيئي ويئو.“

    ***

    ڊاڪٽر رفيق احمد جي سانگهڙ هلڻ جي ڳالهه تي، منهنجي من ۾ کنوڻِ جي چمڪي وانگر هڪ خيال آيو. موري ۾ ٿو مورُ ٽلي. وزير ٿو کلي، ڀاڳ ٿو کلي، وزير فرهاد سولنگي دلبر دلدار آهي. سال کان چوندو پيو اچي مورو گهمي وڃ. مون موري جو ويچار ڪري، ڊاڪٽر رفيق احمد ڏهر کي چيو : ” يارَ! تنهنجي وڏي مهرباني. سانگهڙ ڪنهن ٻئي ڀيري هلبو. باقي قرب ڪري، گاڏيءَ ۾ وٺي هلين ۽ موري لاهيندو وڃين ته وڏا وڙ ٿيندا.“ پروگرام ڊن ٿي ويو.

    ***

    منجهند جو ٻئي وڳي ڌاري ، ڊاڪٽر صاحب ڪار اچي جهلي، دشمن جي منهن تي دانگي ملي. مان اڳئين سيٽ تي گهوٽ بڻجي، بنا ڪنڍين جي ويهي رهيس.
    ڪنڊياري کان سڏ پنڌ تي، هڪ پئٽرول پمپ ڀرسان، هڪ مسجد وٽ ڪار اچي بيٺي، ٽيپهريءَ جي مهل هئي. منهنجا هم سفر مسجد ڏانهن نماز پڙهڻ ويا. آڪاس نيرو هو. ٻه ٽي پکي اڏامندي پئي ويا. مان ڪار اڳيان ٿورو وڌي آيم. هڪ ٽرڪ بيٺي هئي. مان ٽرڪ جي بانٽ تي ويهي. سگريٽ دکائي، روڊ تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسڻ لڳس.
    سگريٽ پورو ٿيڻ تي هو ته هڪ اڇي رنگ جي هنڊا ڪار منهنجي اڳيان لنگهي وڃي، تيل ڀرائڻ لاءِ پئٽرول پمپ تي بيٺي.
    ڪار جي پوئين سيٽ تي هڪ پري چهرو ڏسي دل باغ و بهار ٿي وئي. منهنجي همسفر ساٿين جي، نماز ۾ مون لاءِ گهريل دعا اگهامجي وئي. سفر سجايو ٿي ويو.

    ***

    گهر گهر جوت جلائي سانجهي آئي. موري ۾ گاڏي آئي. پري ٿي وئي ڪراڙ مائي. مان لهي ڪري، ڊاڪٽر صاحب وارن کان موڪلايم. هنن گهڻو ئي زور ڀريو ته جيستائين اوهان جو دوست اچي، اسان ترسون. مون کين چيو ته اوهان جو پنڌ پري آهي، اوهان وڃي مهل سان پُڄو. توهان دل جاءِ ڪيو. بادشاھ ڏي، بنا کاتي وارو وزير سيگهه ۾ اچي ويندو.
    مان هڪ هوٽل جي اڳيان لٽن جي هڙ رکي، ٻانهون ٻڌي، اوسيئڙي جي رلهي پائي بيهي رهيم. ديد دڳ ۾ وڌم، جتان وزير فرهاد سولنگي اچڻو هو.
    اک ڇنڀ ۾ مصر جي عرب جهڙو ڊگهو، لکن ۾ پڌرو، زراف لڳندڙ، دلبر وزير فرهاد زاپڙ…زاپڙ ڪندو نظر آيو ته جسم تان اوسيئڙي جي رلهي وڃي پٽ پئي.

    ***

    سائين عبدالعظيم سولنگي المعروف عظيم سنڌي، موري شهر جو اهو دروازو آهي، جيڪو ادب ۽ سياست ڏانهن کلندو آهي. عظيم سنڌي سماجي ڪمن جو به مور آهي. هي اُهو مندر آهي، جنهن جي ڀت جي وٿيءَ مان ٻار ليئا پائي ديوين ۽ ديوتائن کي ڏسندا آهن.
    اوڻيهه سئو ايڪساسيءَ عيسويءَ ۾، مان ۽ منهنجو پرين پيارو اياز ابڙو، ڪونوَٽَ هجون. اسان انٽر پاس ڪري، ماني ڳڀي جي نوڪريءَ لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن سفر تي روانا ٿياسون. ان وقت وئگن جو واهپو نه هو ۽ بسيون هلنديون هيون. بس ۾ شاگرد ڀاڙو ئي نه ڀريندو هو، اهڙي اهڙي به، اڌ ڀريندو هو. اسان مولائي جوانڙا سو ڪرايو بچائڻ خاطر بس ۾ چڙهي پياسون.
    سانجهيءَ ويلي سنڌ جي وڏي اداڪار سائين شفيع محمد شاھ جي ڳوٺ ڪنڊياري ۾ پهتاسون. رات ليکڪ دوست ظفر عباسيءَ جي اوطاق ۾ ٽڪياسون. هو به ان مهل نوخيز هو. هاڻي حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي. هاڻي ته ”ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪههُ ڄاڻان ڪهڙا پرين!“ واري سٽ بڻجي ويا آهيون.
    ٻئي ڏينهن منجهند مهل موري پهتاسون. شاهي بازار ۾ سائين عظيم سنڌيءَ جو ڏس پڇندا، سندس درزڪي هٽ تي پڳاسون. هن جو اسان سهڻن پوپٽن کي ڏٺو ته کانئس ٽوپو ڏيڻ ئي وسري ويو.
    سائين عظيم سنڌيءَ اسان کي ڀاڪر ۾ ڀري جيءَ ۾ جايون ڏنيون ته اسان جي من جي آکيري ۾ ان سهڻي پکيءَ گهر ٺاهي ورتو، جيڪو اڄ تائين ٺهيل آهي جو اهو گهر سڪ ۽ محبت جي ڪکن جو ٺهيل آهي.

    ***

    سائين عظيم سنڌي اسان کي دڪان مٿان ٺهيل مهمان خاني ۾ وٺي آيو. اسان تڙ ٻڙ ڪري، تيل ڦليل هڻي، مانيءَ ڳڀو کائي، لت ڏئي سمهي پياسون.
    شام جو سائين عظيم سنڌي، شهر جو چڪر چاڙي ڏيارائي، نامياري اديب ۽ رسالو ” باک“ جي سهڙيندڙ قاضي نذير صاحب ڏانهن وٺي هليو. هن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ خدمت ڪيائين. سائين قاضي نذير ادبي لڏي کان ڪنهن خواب وانگر وسري ويو آهي.
    رات جي ماني کائڻ کانپوءِ سائين عظيم سنڌيءَ اسان کان پڇيو : ” سدورا! وي.سي.آر ڏسندئو؟ ” ان وقت وي سي آر نئين نئين آئي هئي. اسان ان جو نالو ٻڌو هو، پر ڏٺي ڪو نه هئي. اياز مون ڏانهن ڏٺو، مون اياز ڏانهن. سائين عظيم جي ان سوال، اسان ٻنهي کي خوشيءَ جو لباس پارائي ڇڏيو. اسان کان نهڪر ائين ڀڄي وئي جنهن واڻيو ڪلمي کان ڀڄي وڃي.
    سائينءَ عظيم سنڌيءَ هڪ شاگرد ڇوڪرو ساڻ ڏنو. اهو سونهون ٿي، اسان کي ان اوطاق تي ڇڏي آيو، جتي وي.سي.آر جو بندوبست ٿيل هو. اوطاقي مڙس رسول بخش ميمڻ صاحب هو. جنهن اسان کي اکين تي ويهاريو.
    سگا پاران روشن تارا اسڪول موري ۾ قائم ڪيو ويو هو. رسول بخش صاحب هڪ سٺو سماجي ڪارڪن ۽ هڏڏوکي انسان هو. هو اسڪول جو صدر هو ۽ سائين عظيم سنڌي جنرل سيڪريٽري هو. ٻنهي صاحبن روشن تارا اسڪول کي روشن رکي ڇڏيو هو.
    ڏهاڪو سال اڳ رسول بخش ميمڻ صاحب پنهنجي نظرداريءَ ۾ اسڪول جي مرمت ڪرائي رهيو ته هن جي طبيعت ناساز ٿي ۽ ڌڻيءَ در حوالي ٿي ويو. اسڪول جي مرمت جو ڪم جتي رسول بخش صاحب ڇڏي ويو هو، اڄ به اُتي ئي آهي. سائين رسول بخش جي لاڏاڻي سان گڏ ڄڻ موري ۾ سگا به راھ رباني ورتي.

    ***

    رسول بخش ميمڻ صاحب اياز ۽ مون کي، ٽيلي ويزن جي اڳيان ڪرسيون رکرائي ڏنيون، جن تي اسان بالم بڻجي ٺٺ سان ويٺاسون. چانهن جا پيالا اچي ويا. پي ڪري پُر ٿياسون. اسان جي زندگيءَ جي پهرئين هندستاني فلم هئي. اڳ ۾ هندوستاني فلم ڪائي ڪونه ڏٺل هئي سو اندر ۾ گدگد پئي ٿياسون.
    هڪ همراھ وي سي آر فلم جي ڪئسٽ وڌي. ان وقت نئين فلم ”لوَ اسٽوري“ آيل هئي سان هلڻ لڳي. رومانٽڪ ۽ هلي ڦلڪي مزاح سان ڀريل فلم هئي. ڪمار گورو ۽ وجيتا جي نئين ۽ ٺاهوڪي جوڙي هئي. ٻئي سهڻا به هيا. فلم ڪامياب وئي هين. ان فلم کان پوءِ ڪمار گورو جي هڪ اڌ فلم ٻي به آئي پر پير ڄمي نه سگهيس.
    فلم جا گيت، سٺن ۽ سادن ٻولن ” ديکو مين ني ديکا هي يه اڪ سپنا، ڦولون ڪي شهر ۾ هي گهر اپنا“ ۽ ”ياد آرهي هي، تيري ياد آرهي هي“ ۾ آنند بخشي صاحب لکيا هيا. انهن کي لتا منگيشڪر، آشا ڀونسلي ۽ اميت ڪمار ڳايو هو. اميت ڪمار تمام سٺي، سريلي ۽ وڏي ڳائڻي ڪشمور جو پٽ آهي. اميت ڪمار پنهنجي پيءُ جهڙي جاءِ نه جوڙي سگهيو. پيءُ جا جوتا پٽ جي پيرن ۾ سوڙها ٿي پيا.
    ان فلم جي سٺن گانن جي موسيقي، ليجنڊ موسيقار ايس.ڊي.برمن صاحب (سچن ديو برمن) جي اڪيلي ۽ سڪليڌي فرزند ارجمند آر.ڊي.برمن صاحب (راهل ديو برمن) عالي شان نموني سهيڙي هئي.
    آر.ڊي.برمن صاحب تمام وڏو موسيقار هو. هن ايسٽرن ۽ ويسٽرن ( اوڀر ۽ اولهه) جي موسيقيءَ کي تمام سٺي نموني ملائي لازوال ڌنون ٺاهيون. هو پنهنجي گانن ۾، خاص طور وائلن جا ٽڪرا ڪمال جا ڏنا آهن.
    پاڪستاني گانن ۾ ليجنڊ موسيقار نثار بزمي صاحب وائلن جو تمام عمدو استعمال ڪيو آهي. آر ڊي برمن صاحب ۽ نثار بزمي صاحب جن وائلن جو استعمال جنهن عالي شان نموني ڪيو آهي. ان جو دنگ آهي. سنڌي گانن ۾ موسيقار غلام علي صاحب به وائلن جا پيسز ڏاڍا سٺا ڏنا آهن.
    آر.ڊي.برمن صاحب، تمام سٺي آواز جي مالڪياڻي، سرُيلي ڳائڻي لتا منگيشڪر جي ڀيڻ، ڳائڻي آشا ڀونسلي سان پرڻيل هو. هنن کي پاڪستاني ليجنڊ اداڪار محمد علي ۽ زيبا وانگر اولاد جهڙو مٺو ميوو نصيب نه ٿيو. ڪو به هنن جي ولي عهد نه ٿيو. ٻنهي جون وفادار ونيون، الله ڏينهن ڏئين، پنهنجن پنهنجن گهرن ۾، سندن يادن جي جوت جلائي ويٺيون آهن.
    آر.ڊي.برمن صاحب جي ديهانت کان پوءِ، هندستاني سٺن گانن جي عالي شان موسيقي به شمشان گهاٽ ۾، اگني سنسڪار جي رک سان گڏ اڏامي وئي.

    ***

    آر.ڊي.برمن صاحب فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. هڪ ڀيري، هندستاني انگريزي فلم رسالي ”فلم فيئر“ جي ايڊيٽر صاحب، هن کان انٽرويو وٺندي، ايوارڊن بابت سوال پڇيو ته : ” سائين! اوهان کي هن مهل تائين ايوارڊ گهڻا مليا آهن؟“
    برمن صاحب مرڪيو. اڌ ٻانهن واري شرٽ جو مٿيون بٽڻ کوليندي ۽ بند ڪندي، هن کي جواب ڏنو : ”اڙي ابا! ايوارڊن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي. کوڙ ايوارڊ مليا اٿم. الائي ڪهڙا ڪهڙا ايوارڊ مليا اٿم. ياد ئي ناهن. ڪجهه شيشي پويان، الماريءَ ۾ رکيا آهن. ڪي اسٽور روم ۾ رُلن ٿا. ڪي ڀڄي ڀري پيا.

    من! سچ ٻڌايانءِ. تون پت ڪرين يا نه. سچي ڳالهه اها آهي ته مونکي وڏي ۾ وڏو ايوارڊ ان ڏهاڙي مليو، جڏهن مان هڪ ڪم سانگي بمبئيءَ کان ٻاهر وڃي رهيو هيم.
    ٿيو ڇا جو مان بمبئيءَ ريلوي اسٽيشن تي آيم. ٽڪيٽ وٺي، هڪ قليءَ کان سامان کڻايم. هو ڪلهي تي سامان رکي، آهستي آهستي هلڻ لڳو. مان هن جي پويان پئي آيس. هو ته مون کي سڃاڻيندو ئي نه هو! هلندي هلندي، اوچتو پنهنجي مستيءَ ۾ اچي، منهنجي ٺاهيل ڌن ۾، ڪشور ڪمار صاحب جو گانو ڳائڻ شروع ڪيو : ”همين تم سي پيار ڪتنا يه هم نهين جانتي، مگر جي نهين سڪتي تمهاري بنا.“

    ***

    هندوستاني فلم ” لواسٽوري“ پوري ٿي. سٺي فلم هئي. اياز ۽ مون کي وڻي. رات پنهنجا پير کسڪائيندي پئي وئي. هوءَ پنهنجون وکون صبح ڏانهن کڻندي پئي وڃي. باقي ڪي ٻه پهر پوئتي هيا.
    همراھ فلم جي ڪئسٽ ڪڍي، هن پوءِ هڪ ٻئي ڪئسٽ وي.سي.آر ۾ وڌي. اها فلم انگريزيءَ ۾ سئو سٽن واري هئي. هڪ سينگاريل بيڊ روم ۾ انگريز پائيپ جا ڪش هڻندي آيو. صوفي تي اچي ويٺو. ڀت تي لڳل هڪ اڌ اگهاڙي مائيءَ جو فوٽوءَ کي ڏسندي، تيز تيز ڪش هڻڻ لڳو. ايتري ۾ مني اسڪرٽ پاتل ٺاهوڪڙي، پشم جهڙي انگريزياڻي به اچي وئي. اسان ويٺلن جو صفا ساھ سُڪي ويو. هنن ويجهو اچي پاڻ ۾ ڀاڪر پاتو. ڀاڪر پائي هڪ ٻئي جا کٽمٺڙِا چوسڻ لڳا. ” هوا ۾ اُڙتا جائي“ وانگر ٻنهي جا لٽا اڏامندا ويا. اهڙي سانت ڇانئجي وئي ڄڻ سڀني ويٺلن جا روح پرواز ڪري ويا هجن. سڀني جون اکيون ٽيلي ويزن ۾ کتل. ڪو اک ئي نه پيو ڇنڀي.
    شڪارپور جي سٺي کٽي مٺي کٽاڻ جهڙي فلم ڏسندي. هر ڪو پنهنجا پنهنجا چپ چٽڻ لڳو. ٻانگ جو آواز پڳو. فلم بند ڪئي وئي.
    دي مؤذن ني شب وصل اذان پڇلي پهر،
    هائي ڪم بخت ڪو ڪس وقت خدا ياد آيا.

    (داغ دهلوي)

    عوامي آواز سنڊي ميگ 10 جنوري 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو