• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 14 جنوري2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پنجاب ۾ ناڪاميءَ جو ذميدار، پارٽي اڳواڻ آهن: بلاول (خبر)
** ....۽ سنڌ سرڪار جي ناڪاميءَ جو ذميدار ڪير آهي؟(تبصرو)

* آباديءَ جي بنياد تي مالياتي ايوارڊ ڏيڻ زيادتي آهي: قائم عليشاهه(خبر)
** پوءِ اوهان زرداريءَ جي دور ۾ اهڙي ايوارڊ اچڻ تي جهمريون ڇو پاتيون هيون؟(تبصرو)

*ٿر ۾ ٻارن جي موت جون ذميدار سندن مائرون آهن: قائم عليشاهه (خبر)
** ..۽ سنڌ سرڪار جو ڪم رڳو موت جو تماشو ڏسڻ آهي (تبصرو)

* فوج سعودي عرب نه موڪلڻ جو اعلان (خبر)
**...مسين ...مسين ڪا عقل جي به ڳالهه ڪئي اٿو (تبصرو)

* سپريم ڪورٽ مان رڳو سنڌ خلاف فيصلا اچي رهيا آهن: قائم عليشاهه (خبر)
** اوهان جي سرڪار جا افعال بڇڙا هوندا ته ائين ئي ٿيندو (تبصرو)
 
Back
Top